انٽرا پارٽي چونڊون تسليم نه ڪيون ته پي ٽي آءِ جو تنظيمي ڍانچو نه رهندو: اليڪشن ڪميشن اختياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون تسليم نه ڪيون وڃن ته پارٽي جو تنظيمي ڍانچو نه رهندو.
پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پيش ٿيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو اسان کي دستاويز جمع ڪرائڻا آهن، هڪ هفتي کان 10 ڏينهن جو وقت ڏيو.
ٻڌڻي دوران بئنچ اليڪشن ڪميشن اختيارين کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي اسان هاڻ به تسليم نه ڪيون ته ڇا مستقبل هوندو؟ جنهن تي ڊي جي پوليٽيڪل فنانس ٻڌايو ته پارٽي جو ڪو تنظيمي ڍانچو نه رهندو.
بئنچ اختيارين کي هدايت ڪئي ته توهان اسان کي ان پوائنٽ تي مدد فراهم ڪيو، بئريسٽر گوهر چيو ته اسان به ان معاملي تي توهان جي مدد ڪنداسين.
خيبر پختونخواهه جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي هاڻ به تسليم نٿا ڪيون ته اسان وٽ ڇا ڪرڻ جو اختيار آهي؟ جنهن تي ڊي جي پوليٽيڪل فنانس ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 208 تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ٻن انٽرا پارٽي وچ ۾ 5 سالن جو وقفو هجڻ گهربو هو.
خيبر پختونخواهه جي ميمبر چيو ته توهان في الحال جواب نه ڏيو، مستقبل ۾ ان پوائنٽ تي اسان جي مدد ڪيو.
پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.