ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جون ٻه سينيئر ادڪارائون ايشوريا راءِ بچن ۽ راني مکرجي ڪنهن زماني ۾ گهاٽيون ساهيڙيون هيون، پر سندن لاڳاپا ڇو خراب ٿيا؟ ان پٺيان لڪيل اصل حقيقت بابت مداحن کي اڄ ڏينهن تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.
ويجهڙ ۾ ڀارتي ميڊيا طرفان راني مکرجي جي پراڻي انٽرويوءَ تي هڪ رپورٽ شائع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن ڪافي ود ڪرن پروگرام ۾ ڪرن جوهر جي ايشوريا راءِ سان لاڳاپا ختم ٿيڻ بابت سوال جو جواب ڏنو .
اداڪارا سوال تي ردعمل ڏيندي چيو ته سندس ايشوريا راءِ سان ڪنهن به قسم جا ذاتي مسئلا نه هئا، سندس ڪنهن سان ڪو به مسئلو نه آهي، شايد ايشوريا کي ڪو مسئلو هجي ته هجي ڇاڪاڻ جو هن ساڻس فون تي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
راني مکرجي موجب، هوءَ ايشوريا راءِ سان هنيئر تائين ڪنهن تقريب ۾ ناهي ملي پر سندس خيال آهي ته جڏهن آمهون سامهون ڪٿي ملاقات ڪنداسين ته سندن وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو ۽ هڪٻئي ڳالهائينداسين.
ٻنهي ۾ جهيڙي جو اصل ڪارڻ ڪهڙو هو؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2003ع ۾ رليز ٿيندڙ سپر هٽ فلم ” چلتي چلتي “ ۾ هيرو شاهه رخ خان سان ايشوريا راءِ کي ڪاسٽ ڪرڻو هو پر پوءِ راني مکرجي کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو.
فلم ۾ راني مکرجيءَ کي ڪاسٽ ڪرڻ جو سبب اِهو هو ته ” چلتي چلتي“ جي سيٽ تي ان وقت ايشوريا راءِ جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سلمان خان هڪ هنگامو کڙو ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ فلمساز شاهه رخ خان ايشوريا راءِ بدران راني مکرجي کي ڪاسٽ ڪرڻ جو سوچيو .
ان کانپوءِ جڏهن ايشوريا کي خبر پئي ته سندس جاءِ تي راني مکرجي کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي ته هن محسوس ڪيو ته راني مکرجي کيس ڌوکو ڏنو آهي جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ سرد جنگ جي شروع ٿي.