مون کي جناح اسپتال جي جنرل وارڊ جون اهي گرم راتيون ياد آهن. جڏهن ذوالفقار پنهنجي ننڍي بيمار ڀاءُ اعجاز راڄپر جي سنڀال لاءِ پنهنجي اڪيلائي ۾ مدد لاءِ مون کي گهرائيندو هو، هن جي گهران کڻي آيل اجرڪ ۽ چادر تي گڏ هيٺ وارڊ ٻاهران فرش تي سمهڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين، جڏهن اتي جيت جڻا تنگ ڪندا هئا ته وري ڪنهن بينچ تي ويهندا هئاسين ته اچي منگهڻ تنگ ڪندا هئا ۽ ائين راتيون جاڳي گذاريندا هئاسين. ذوالفقار کي خبر هئي ته هن جي ڀاءُ جي زندگي ٻه مهينا مس بچي آهي.. سول اسپتال ۽ ايس آءِ يو ٽي به صبح جو اثر مهل پهچي ويندو هو، بعد ۾ مان به اچي ويندو هوس. ذوالفقار چوندو هو ته "جيڪڏهن هن جي ڀاءُ جي خاندان جي خوشحال ترين فردن جي گهڻو ڪجهه اڳ مدد ۽ سنڀال لهن ها ته شايد هو بچي وڃي ها يا ايترو جلد مري نه وڃي ها، پر جڏهن ڊاڪٽرن هن جي ڀاءُ کي علاج کان مڪمل جواب ڏئي ڇڏيو ته پوءِ هن جا گهرڀاتي دنياداري لاءِ اچي پهتا آهن ۽ جيڪڏهن هن وٽ يا اعجاز وٽ ڪجهه پئسا هجن ها ته سرڪاري اسپتالن جا ڌڪا نه کائجن ها ۽ خاندان جي خوشحال ڀاتين جي فردن ۽ سندن ٻارن وانگر ڪنهن بهتر پرائيويٽ اسپتال ۾ اعجاز موجود هجي ها . ". اهڙي صورتحال مان هاڻي ذوالفقار پاڻ گذري رهيو آهي، علاج لاءِ جنهن مدد، پرهيز جي خوراڪ جي ضرورت آهي، تنهن ۾ هو ڪيئي ڏينهن يا مهينا کٽي پئي ٿو، سواءِ ڪن مخصوص دوستن سان پنهنجو مسئلو ونڊيندو آهي، نه ته اڪثر دنياداري وارن کي اهوئي جواب ڏيندو آهي ته طبعيت بهتر آهي. ذوالفقار موجب "ڪڏهن ڪڏهن سندس ڀينرون هلڪي مدد ڪن ٿيون، پر پوءِ به هن کي ٻه مهينا اڳ ضروري ٽيسٽن لاءِ پنهنجو ليپ ٽاپ گروي رکڻو پيو هو، جيڪو ڪنهن به گهر جي خوشحال ترين فرد اهو گروي ٿيل ليپ ٽاپ نه ڇڏايو ۽ جڏهن ڪجهه دوستن ۽ گهڻگهرن سندس مدد ڪئي ته هن پنهنجو ليپ ٽاپ ته ڇڏايو پر اهو به هاڻي اڪثر خراب رهي ٿو،هن ٻڌايو ته "جون خاص طور جولاءِ جي گرمين ۾ هن مرڻ جهڙي زندگي گذاري، هن جي طبيعت سخت خراب هئي پر هو ست ماڙ مٿي چڙهي وڌيڪ بيمار ٿيندو رهيو ۽ هن جڏهن رات جو سڪون سان سمهڻ لاءِ پنجن هزارن وارو ايئر ڪولر وٺڻ لاءِ پنهنجي هڪ خوشحال ترين گهر جي عورت ڀاتي کي گذارش ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته سخت بيمار آهي ته هن نه کيس ڊاڪٽر ڏي وڃڻ، دوائن وٺڻ ۾ مدد ته نه ڪئي پر جولاءِ مهيني ۾ گهر لاءِ ٽي نوان ايئر ڪنڊيشن ۽ لکين رپين جو فرنيچر وٺڻ ۽ وڌيڪ ڪشادي جاءِ وٺڻ تي خرچ ڪيا پر پنج هزار ايئر ڪولر تي خرچ ڪرڻ فضول سمجهيا، جڏهن ته مان هنن جا جيڪي ڪم ڪيا اهي لکي نه ٿا سگهجن ، نه فقط هتي پر کين آمريڪا ۾ دربدر ٿيڻ کان به بچايو. ” ذوالفقار جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي خبر آهي ته هن خود دوستن صحافت ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيئي قربانيون ڏئي اڳتي آندو، پر هن جي بقول ته” کيس ڪجهه ئي دوست ڪم آيا، جيڪي هن جي صحت، علاج جو پاڻمرادو احوال وٺندا آهن، پر جن ڪجهه دوستن کي ترقي جا رستا ڏنا اهي ڪجهه نه ڏسي دنياداري، خوشامندي جي دعوتن کائڻ، پيئڻ، بدڪاري جي نشي ۾ گم ٿيل آهن.” گذريل مهيني کان هن کي اڪثر بخار رهي ٿو ۽ ڪمزوري به کيس وٺي وئي آهي، پر سواءِ ٻن ٽن انهن دوستن سان حال اوريندو آهي، جيڪي بنا ڪنهن ٿڪ ۽ مڪمل سچائيءِ سان هن جي سنڀال لهندا اچن ٿا.، جيڪي گاڏين ۾ ويهندي پنهنجو ماضي وساري حال ۽ ماضي ۾ توازن نه ٿا رکن، ذوالفقار ٻڌايو ته "هو به پنهنجن دنياداري جي دوستن وانگر گاڏين خريد ڪرڻ مٽائڻ يا خوشامدي جي دعوتن ۾ گم ٿي پئي سگهيو پر هن اهو رستو نه ورتو، ڇو ته هو سياسي، صحافتي ۽ سماجي طور پڙهيل لکيل آهي، ان ڪري هن جي بيماري ۾ کيس هر پاسي کان سٺا تجربا ٿيا آهن.
مان ذوالفقار جي اڄوڪي حالت کي رحم جوڳي حالت ته هرگز نه چوندس ۽ پاڻ به اهو پسند نه ٿو ڪري ته کيس ڪو ان نظر سان ڏسي پر هن جون پراڻيون قميصون، ٻه بچيل پراڻيون پتلونون، ڦاٽل بوٽ ڏسي پريشاني ٿيندي آهي ته هي اهو ذوالفقار نه آهي، جيڪو دوستن جي طاقت هو، مان سوچيندو آهيان ته جن کي هن هٿ وٺي صحافت ۽ ٻين شعبن ۾ ۾ آندو، هو ڪن ڳالهين ۾ ڪجهه ماڻهن جو استاد به آهي، پر انهن وٽ ڪا شناسائي نه آهي. علاج مهانگو آهي، ان ڪري هفتن جا هفتا دوائون نه هئڻ ڪري ۽ مهينن جا مهينا ڊاڪٽر وٽ نه وڃڻ ڪري شديد بيمار ٿي پوندو آهي ۽ بقول ذوالفقار جي پوءِ ڪنهن گهڻگهري دوست سان حال اوريندو آهي ته هن کي ڪجهه ٽيڪ ملي ويندي آهي . ذوالفقار ڪجهه وقت کان ان ڳالھ تي به سخت پريشان آهي ته هن جي لاڙڪاڻي واري گهر جي ٽي دفعا چوري ٿي وئي آهي، گذريل سال ٿيل چوري ۾ هن جي طبعيت بهتر هئي ته هو لاڙڪاڻي ويو هو ۽ پنهنجين دوائن جا پيسا ڀڳل درن تي خرچ ڪري آيو، ذوالفقار ٻڌايو ته” هاڻي ته هن جي والد جي گهر جي بجلي، گيس ڪٽيل آهي، ويراني ۽ تباهي ۽ يتيمي آهي، ان ڪري هر هڪ هن گهر جي چوري ڪري هليو وڃي ٿو، ڇو ته سڄي شهر کي پاڙي کي خبر آهي ته ذوالفقار بيمار ۽ اقتصادي طور گهڻو ڪمزور آهي، اهو نه ٿو اچي سگهي ۽ پنهنجي والد جي وصيت موجب گهر کي آباد ۽ روشن نه ٿو ڪري سگهي، ذوالفقار راڄپر ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي، هن جي مستقل سنڀال ۽ علاج ۾ جي ضروت آهي. ۽ هاڻي ته هو ست ماڙ به چڙهي نه ٿو سگهي، مان اڪثر هن کي بخار ۾ ڏسان ٿو پر هو ٻين آڏو ائين هلندو گهمندو آهي، ڄڻ سندس صحت مڪمل طور ٺيڪ ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪجهه دوستن جو سهڪار ۽ پريس ڪلب جو ڪجهه ساٿ، وقت سر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ عوامي آواز هن جو ڀرجهلو نه ٿئي ها ۽ ڪلب جا ڪجهه پڙهيل لکيل دوست هن جي ذهني خوراڪ نه بڻجن ها ته هو ان جگر جي بيماري ۽ مسئلن جو شڪار ٿي گمنام ٿي وڃي ها سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذوالفقار راڄپر کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ سندس علاج لاءِ سنڌ حڪومت اڳتي اچي جو هي سنڌ جو سينئر صحافي آهي. سندس علاج ڪرائڻ حڪومت جو فرض آهي.