2001 کان وٺي ڪيترن ئي سياسي حلقن ۽ سماجي ڌرين ان ڳالهه تي اعتراض واريا هئا ته پاڪستان ۾ ڪو به دهشت گرد ناهي، نه ئي پاڪستان ڪنهن اهڙن گروهن جي پٺڀرائي ڪري ٿو، پر جيستائين سي آءِ اي افعانستان ۾ نه هئي تيستائين اسان به محفوظ هياسين. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ مجاهدن، طالبان، خودڪش حملن، جنت جي ٽڪيٽن جو ڪو به ڪاروبار نه هيو جيستائين اسان وٽ ضياءَ جي حڪومت نه هئي. ان وقت تي مقامي ايجنسين ته هتي لهي گُڏيو، انهن سي آءِ اي سان گڏجي مجاهدن جي ٽريننگ ڪرائي، ماڻهن ۾ اسلام جي محبت اجاگر ڪئي پر ساڳي جاءِ تي اها مهم سازي تيز به ڪري ڇڏي، مدرسن جي پشت پناهي شروع ڪين، نڌڻڪن ۽ نادار ماڻهن جي پالنا ڪري، انهن جو مائينڊ سيٽ چينج ڪري ۽ برين واش ڪري پنهنجن مقصدن جي لاءِ اسعمال ڪندا رهيا.
ايستائين جو مجاهدن جي يلغار جي نتيجي ۾ ضياءَ کي عرب سڳورن ته سچو مسلمان سمجهندا هيا ۽ تصور ڪرڻ لڳا هيا، کانئس حرم پاڪ ۾ امامت به ڪرائي هئي، ۽ ضياءُ هتي به اميرالمومنين ٿي ويو هيو، پر هنن جي سختگير اسلامي قانونن ۽ شدت پسندي وارن روين ۽ مجاهدن کي تربيت وارين ڳالهين مان ايراني شيعت ۽ سعودي ديوبنديت کي هٿي ملي رهي هئي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾مذهبي انتها پسندي کي هٿي ملي رهي هئي. هوڏانهن وري روس جي بلاڪنگ ۽ بندش لڳائڻ جي ڪري ماڻهن ۾ اهو ڪانسيپٽ عروج تي چڙهي رهيو هو ته هو جيڪي به مجاهدين ۽ طالبان وارو جيڪو به ڪم ڪن ٿا توڻي جو ان جو سڌو اثر رڳو طالبان ۽ روس کي نقصان ڏيڻ هو، پر ان جا اسان جي ملڪ تي اهڙا پيا جو انهن مان جند ڇڏائڻ وري سالن تائين مشڪل ٿي پيو ۽ اڃان تائين انتهائي ڏکيو آهي (۽ ڪنهن حد تائين ناممڪن به ٿي پيو آهي) جنهن جا نشان ۽ نقصان اڃان تائين پيا ڀوڳيون. ان ٽائيم تي اها سڀ رڳو جوش ۽ خروش ۾ ڪجهه نه پيا لڳن، ڇو ته يه ساڳا ئي طالبان ۽ پختون افغاني جنگجو جيڪي ان مهل به اهڙا ئي تنگ نظر هيا ۽ هاڻي به اهو ئي ٿا سمجهن ته جهاد في سبيل الله ٿا ڪن. پر هو سڀ ان جي ابتڙ پيا ڪن، معني اهي تڏهن به آمريڪي انٽريسٽ ۾ ڪم ڪن پيا ۽ هاڻي به اهو ئي ڪن پيا.
2001 ۾ وري نائين اليون جي ٿيڻ ۽ (ڪرائڻ کانپوءِ) يو ايس (معني سي آءِ اي) وري نيٽو فورسز جي اڳواڻي ۾ افغانستان ۾ گهري پيا، جنهن جي اثر ۾ افغانستان ۾ هر سال ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ۽ وري هنن ته ڊالرن جي عيوض پاڪستان جي سرڪار کي خريد ورتو، جنهن سان سي آءِ اي جي ڊرون حملن جو نئون راڳ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ هنن ڊو مور جو نعرو ڏنو جيڪو کٽو نه پر ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، پر انهن ڊرون حملن جي ڪري آمريڪا جي لاءِ عام ماڻهن ۾ نفرت وڌندي رهي، ڇو ته انهن جي پٺيان ڪو مقصد پائيدار نه هو، جنهن جا نتيجا ڪڍڻ يا نڪرڻ ڪو هتان جي ماڻهن ۾ فائدي وارو هيو، نه آمريڪا جي انٽريسٽ ۾ هيو.
آڪسفورڊ جي هڪڙي رسرچر (مسودا بانو) مطابق ڊرون حملن جي ڪري آمريڪا جي لاءِ عام ماڻهن ۾ سي آءِ اي جي چالن جي خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي، انهن جي بليڪ واٽر ايجنسين تان پردو کڄي ويو هيو، ۽ پاڪستاني عوام ۾ اهو تاثر هيو ته آمريڪا غلط ٿو ڪري. وري اها سوچ به جنم پئي وٺي ته آمريڪا هروڀرو مسلم ڪنٽريز کي وڪڙ ٿو چاڙهي، انهن جي مٿان حملا ڪري انهن تي ظلم ٿو ڪري. مثال ايران، عراق، لبيا، لبنان، بحرين، پاڪستان ۽ وري افغانستان يا سوال اهو به آهي ته سڀاڻي وري ڪهڙو اسلامي ملڪ هوندو جنهن تي اهي حملا نه ڪندا؟ ڇو ته اهڙن حملن کانپوءِ طالبان نما ٻيون گهڻيون جماعتون جنم وٺي رهيون هيون. ڪجهه پاڪستاني مذهبي تنظيمون اهڙن ڊرون حملن جي ڪري وري پنهنجن خودڪش حملن کي جائز قرار ڏئي رهيون هيون، ڇو ته جيڪو به عوامي جاين، مسجدن ۽ اسڪولن تي حملا ٿيا يا ٿين پيا، ان جي سڌي سنئين طالبان جي مٿان زميواري هڻي ايجنسيون پنهنجي جان ڇڏائي ويٺيون هيون. وري ساڳي ترتيب سان وري انهن جي ٺڪاڻن تي حملا وري انهن جي عوامي جاين تي حملا معني سلسلو ته کٽڻ وارو ئي نه هيو، ۽ اهڙي خونريزي وري کٽڻ واري نه هئي، جنهن جي ڪري پاڪستاني رياست کي خطرو لاحق ٿي پيو.
هڪ اندازي موجب 2007 کان 2013 تائين ڌماڪن جو تعداد ٻيڻو هيو جيڪو 2001 کان 2005 تائين نه هيو يا گهٽ هيو، ڇو ته لال مسجد واري آپريشن کانپوءِ ڪجهه مذهبي ڌريون اهي سڀ ڪ ڪرڻ ۽ مڃڻ ۾ وڏيون اڳتي هيون. ان دوران هڪ اندازي موجب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ کانپوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون، ڇو ته ان مسجد جي آپريشن کانپوءِ مذهبي گروھن افغانستان ۽ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي هجڻ تي مشرف تي ۽ افغان سرڪار تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهيا، ڇو ته اهي ٻئي انهن گروهن جي پشت پناهي ڪندا رهندا هيا. حقيقت ۾ سي آءِ اي جو وڏو ۽ حدف رڳو پاڪستان کي خوار خراب ڪرڻ ۽ ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ هيو. اهو به هيو ته فوجي حڪومت هوندي پاڪستان کي آمريڪي وڏي امداد ملندي رهي هئي، ڇو ته سي آءِ اي جو نوازشريف جو حڪومت ڪيرائڻ ۽ مشرف کي آڻڻ ۾ وڏو هٿ هيو. وري ٻئي پاسي يو ايس جي امداد ۾ اسپتالون، قدرتي آفتن ۾ مدد، غريبن جي لاءِ امدادي پيڪيج وغيره ڏيڻ به هيو، پر اتي ڊرون حملن ماڻهن جي مت کسي ورتي هئي. وري ان جي موٽ ۾ آمريڪا وارن جي اها ڳالهه هوندي هئي ته اهي پاڪستاني عوام جي گهڻي عزت ڪندا اهن، پر ڪجهه اهڙا عناصر آهن جيڪي پاڪستاني عوام ۽ گڏوگڏ عالم انسانيت جي لاءِ خطري جو باعث آهن، ان ڪري يو ايس جا ڊرون حملا جائز آهن، ته اهي جاري رهن ۽ سي آءِ اي پنهنجو ڪم ڪند رهي. سي آءِ اي جو چوڻ به هيو ته ڊرون حملا ڪنهن به طرح پاڪستاني عوام تي ناهن پر طالبان جي ٺڪاڻن تي آهن، جيڪي پاڻ پاڪستاني عوام تي حملن جون تياريون ڪندا ٿا وتن. پر اهڙن حملن ته پاڪستان عوام ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڏنو هيو جنهن ۾ عام ماڻهن جون انهن حملن جي ڪري ننڊون حرام هيون، وري ان جي ابتڙ سي آءِ اي ته 2005 واري ڪشمير جي زلزلي ۽ 2010 واري ٻوڏ ۾ ماڻهن جي لهي مدد ڪئي هئي ته جيڪو غلط امپيڪٽ آهي يا جيڪو تاثر هيو ته هر ڳالهه ۾ آمريڪا رڌل آهي ۽ هر ڳالهه ۾ آمريڪا طالبان جي حامي ۽ مددگار آهي ان ڪري عام ماڻهن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو ته آمريڪا جيڪي به ڊالر خرچ ٿو ڪري اها عالمي امن جي لاءِ پيو ڪري، ان ڪري ته طالبان مذهبي انتها پسندي جي ڪري دنيا کي ٽامو ڪري ڇڏيو آهي (۽ ڪندا رهندا) ڇو ته هن خطي مان مذهبي شدت پسندي ختم ڪرڻ هن خطي جي شناخت ختم ڪري ڇڏيندي، جيڪا سوچ عام ماڻهن ۾ ويٺل آهي. اهي سمجهن ۽ چاهن ٿا ته اها شدت پسندي ته وڃي پر مذهبي سياڻپ نه وڃي جيڪا ڳالهه مغربي قوتن کي پسند ناهي ۽ اهي ان ڳالهه ۾ ڪوشان آهن ته جتي جتي مسلمان هجن اهي ڪنهن نه ڪنهن مقامي مذهبي انتها پسند ٽولي جي دهشت ۾ هجن. انهن جي مٿان مذهبي انتها پسندي هجي ۽ اهي دنيا ۾ خوار خراب هجن. مغربي قوتن لاءِ مسلمانن جو هجڻ به هڪ شدت پسنديءَ جي علامت هجي ٿو. ان ڪري ان ڳالهين مان يا مغرب اسلاموفوبيا مان ۽ اسان سيميٽزم (يهوديت ۽ نصاريت) جي نفرتن مان جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهون. يا جن حملن جي ڪري عوام ۾ نفرت وارو جز رهندو ٿو اچي، سو ختم ٿئي ۽ پاڪستاني عوام اهو سمجھڻ شروع ڪري ته آمريڪي عام ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پورا آهن. پر اها ڳالهه ايتري به مبهم نه هئي ته سي آءِ اي پاڪستاني ايٽمي هٿيار سوگها ڪرڻ ٿي چاهي يا انهن جي چرپر تي پابندي هڻڻ پئي چاهي. انهن جي سختين ۾ اهو ضرور هيو ته اهي پاڪستاني ايٽمي هٿيارن جي چرپر گھٽ ۾ گھٽ سي آءِ اي جي ڏس پتي ۾ رکي هلن. کڻي ان ڳالهه تي پت ڪيون ته سي آءِ اي جو ڪو تڪڙو ۽ ترت قدم نه هيو پر اهو ضرور هيو ۽ آهي ته ڪنهن به طرح ايٽمي پروگرام جهڪو ڪن، پر بينظير صاحبا جي شهادت کانپوءِ سي آءِ اي ان ڳالهه تي زور ضرور ڏنو هو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام خطري ۾ آهي، ڇو ته طالبان جي قبضي ۾ جي هنن جو اهو پروگرام اچي ويو ته پوءِ دنيا جو خير ناهي. ”ايڊورڊ سنوورڊ“ جي هڪ تفصيلي رپورٽ مطابق پاڪستان تي واشنگٽن جي طرفان اها پابندي ضرور آهي ته اهي ”ڊبليو ايم ڊي“ جو هڪ ”سيل“ ٺاهيندا جنهن تحت اهي پاڪستاني ايٽمي اثاثن جي نگهباني ۽ نگراني ڪندا رهندا. اهي پاڪستاني سالياني معاشي بجيٽ تي به اک رکندا ۽ ڳجھا انگ اکر به جمع ڪندا رهندا ته رياست ايٽمي هٿيارن جي لاءِ ڪيتري بجيٽ مختص ٿي ڪري جن ۾ انهن جي ايٽمي اثاثا ته محفوظ رهن پر عام ماڻهو غيرمحفوظ هجن.