ليڊي ڊاڪٽر جي ريپ ۽ قتل بعد ڪولڪتا ۾ ڊاڪٽرن جي هلندڙ تحريڪ

ھندستاني  رياست ڪولڪتا جي گورنمينٽ ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ ھڪ ڊاڪٽر سان زيادتي ۽ قتل واري واقعي خلاف جونيئر ڊاڪٽرن جي احتجاجي تحريڪ گذريل هڪ مهيني کان جاري آهي.جنھن سان اولهه بنگال  ۾ اڳ ئي خراب صحت جي سهولتن ۾ ويتر گھٽتائي اچي وئي آهي. رياستي حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلف نامي موجب جونيئر ڊاڪٽرن جي تحريڪ سبب هينئر تائين 23 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن ۽ هزارين ماڻهو صحت جي سهولتن کان محروم آهن.آر جي ڪار ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ رات جي ڊيوٽي دوران  ھڪ جونيئر ليڊي ڊاڪٽر کي ريپ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو.شروعات ۾ پوليس معاملي جي جاچ ڪئي، پر چئن ڏينهن کانپوءِ ڪولڪتا هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي  جاچ جي ذميواري سي بي آءِ ،حوالي ڪئي وئي. ڪولڪتا پوليس تي ثبوتن کي ختم ڪرڻ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش جو الزام لڳو ھو.ڊاڪٽر جي والدين به ڪيس جي جاچ ۾ فرض ادا نه ڪرڻ جو  پوليس تي الزام لڳايو هو پر پوليس انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.پوليس خلاف لڳل الزامن ۽ هينئر تائين جي جاچ کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ آف انڊيا به ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.رياست جي صحت واري وزير چندرما ڀٽاچاريا نوجوان ڊاڪٽرن جي تحريڪ کي سياسي تحريڪ قرار ڏنو، پر جونيئر ڊاڪٽرن ان کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت سندن چئن شرطن تي راضي ٿي وڃي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن.گذريل مهيني کان اسپتالون بند هجڻ سبب مريضن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڇنڇر تي هڪ 22 سالن جو نوجوان وڪرم مناسب علاج نه ملڻ تي فوت ٿي ويو.وڪرم جي ماءُ ڪويتا بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر پنهنجي مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. مان به چاهيان ٿي ته انهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي، پر  احتجاج سبب منهنجو نوجوان پٽ منهنجي اکين آڏو مري ويو.مون کي انصاف ڪيئن ۽ ڪٿان ملندو؟جونيئر ڊاڪٽرن جي احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر اڃان تائين ڪو نتيجو نھ نڪتو آھي. احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جي تنظيم ويسٽ بنگال جونيئر ڊاڪٽرز فرنٽ جو چوڻ آهي ته حڪومت سندن چار شرط قبول ڪري تھ ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون. جڏهن ته رياستي شرطن تي ڊاڪٽرن ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.

سياسي تجزيه نگار سوڪمار گهوش جو چوڻ آهي ته جونيئر ڊاڪٽرن جي اها تحريڪ ۽ ان کي عام عوام طرفان مليل حمايت رياستي حڪومت لاءِ مٿي جو سرور بڻجي وئي آهي. جنهن سبب پري پري کان ايندڙ مريض پڻ حڪومت جي رويي ۽ ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته وڏي وزير ممتا بنرجي هن مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ان سڄي صورتحال ۾عوام جو روڊن تي نڪري  احتجاج ڪرڻ بھ حڪومت کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو آهي.وڏي وزير ممتا بنرجي به هن واقعي تي پارٽي اندر وڌندڙ مخالفت کي منهن ڏئي رهي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.