اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊ ۾ جمع ٿيل رقم گهري ورتي. ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي چار رڪني بئنچ ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس شاهد بلال پڻ شامل هئا. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته اسان هڪ ڌار درخواست داخل ڪئي آهي، ڊيمز فنڊ جا پئسا وفاق ۽ واپڊا کي ڏنا وڃن، سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ اسٽيٽ بئنڪ اڪائونٽ کوليو هو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڊيمز فنڊز ۾ ڪيترا پئسا آهن، جنهن تي واپڊا جي وڪيل چيو ته اٽڪل ويهه ارب رپيا ڊيم فنڊ ۾ موجود آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته اِهو ڪيس شروع ڪيئن ٿيو؟ جنهن واپڊا جي وڪيل ٻڌايو ته ته سپريم ڪورٽ واپڊا جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن دوران 2018 ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، سپريم ڪورٽ جي ڊيم فنڊ عملدرآمد بئنچ 17 ٻڌڻيون ڪيون. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته واپڊا جا ٻيا به ڪيئي منصوبا هوندا، ڇا سپريم ڪورٽ واپڊا جي هر منصوبي جي نگراني ڪندي آهي؟ واپڊا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊيمن جي اڏاوت واري معاملي تي پرائيويٽ ڌرين وچ ۾ به تڪرار هئا. سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊز ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪندي چيو ته اِهو مناسب آهي اڳوڻو اٽارني جنرل خالد جاويد ۽ انور منصور کي مدد لاءِ طلب ڪيو وڃي، ڊيم فنڊ ڪيس جي عدالتي مددگار مخدوم علي به مدد لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيف جسٽس لکيو ته ڊيم فنڊ جي رقم سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ رکڻي آهي يا نه؟ ڪيس ۾ طئي ڪنداسين، عملدرآمد بئنچ جو اختيار آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي؟ سپريم ڪورٽ کي پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ جو اختيار نه آهي. جسٽس عرفان سعادت جو چوڻ هوته پهريان پنج رڪني بئنچ ڪيس ٻڌي چڪي آهي، اسان جي بئنچ چار رڪني آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي چار رڪني بئنچ جي آڏو ڪيس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، اسان نظرثاني ناهيون ڪري رهيا، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پنج رڪني بئنچ به ٺاهي سگهون ٿا.