اسلام آباد (امتياز گل) چين – پاڪستان معاملن تي گهري نظر رکندڙ ۽ سي پيڪ جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ۾ شامل ماهر ڊاڪٽر حسنين جاويد چيو آهي ته چين سي پيڪ تحت پهريان توانائي، ٻيو مواصلات ۽ ٽيون فائبر آپٽيڪل وڇائڻ جا منصوبو ٺاهيا پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان انهن جي سوچ کي سمجهڻ جي ئي ڪوشش نه ڪئي. دنيا جا ملڪ ون بيلٽ ون روڊ منصوبي مان وڏو فائدو ورتو آهي پر پاڪستان ان کي سنجيده ئي نه ورتو. ان رٿا کي ڀوڳ سمجهي ان ۾ مالي بدعنواني ڪئي. هنن سمجهيو ته اسان کي خيرات ملي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ تي هن وقت 133 بلين ڊالرز جو قرض آهي. ملڪي قرض 2.5 کرب رپين تائين پهچي چڪو آهي. ملڪ وڏي مصيبت ۾ آهي. آءِ پي پيز جو مسئلو ڪڏھن حل ئي نه ٿو ٿي سگهي. اهي ڪمپنيون ملڪ کي لٽي رهيون آهن. گوادر پورٽ سڄو چين ٺاهيو آهي، ان ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار ناهي، ليبر، پئسا، مشينري ۽ ٻيون شيون چين جون هيون. اهو منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته چين کي پئسن کان وڌيڪ سڪيورٽي جو مسئلو آهي، ان لاءِ چيني وزيرن مختلف وقتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪا آهن. چين سڀ کان وڌيڪ سڪيورٽي ۽ ٻيو نان پئمنٽ سبب ناخوش آهي. هن چيو ته حڪومت جو سي پيڪ ٽو منصوبو شروع ڪرڻ جي دعوي’ بلڪل غلط آهي. چين پاڪستان کي پهرئين مرحلي ۾ پنهنجي بئنڪن کان وڏي وياج تي پاڪستان کي 25 بلين ڊالر قرض وٺي ڏنو هو. اهي واپس نه ٿا ڪيا وڃن. هر وزارت چينين کان رشوت وٺي رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ ٽو تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو. پهرئين فيز جا منصوبا ئي مڪمل ناهن ته ٻيو ڪٿان شروع ٿيندو. اڪانامڪ زون جي 36 منصوبن مان رڳو 9 منصوبن جو ٻه يا ٽي سيڪڙو ڪم ٿيو آهي. پاڪستان ڪوڙ ڳالهايو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو. ان جو پري پري تائين ڪو به امڪان ناهي.