سنڌ ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي انڪري ناهي جو اتي گورننس موجود آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي جڳهه ڏني وئي، هتي گورننس ۽ عوامي ڀلائي کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو، جنهن جي سزا اڄ تائين خيبرپختونخوا جو بهادر عوام پنهنجي رت سان ڀوڳي رهيو آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ گورننس جي قيام سبب دهشتگردي نه ٿئي ٿي.
آءِ ايس پي آر ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪور هيڊ ڪوارٽرز پشاور ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد خيبرپختونخوا صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي.
پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ هن خيبرپختونخوا جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته اسان سڀني کي خيبرپختونخوا جي غيرتمند عوام سان گڏجي دهشتگردي جي ناسور کي پاڙئون پٽي ڦٽي ڪرڻو آهي.
صوبائي آپريشنز جو جائزو پيش ڪني هن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ 2024 کانپوءِ ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي 14535 آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته روزاني بنياد تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جو انگ 40 آهي.
اهن چيو ته 2024ع ۾ آپريشن دوران 769 دهشتگرد ماريا ويا، آپريشنز دوران 577 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ فوج جا 272 بهادر آفيسر ۽ جوان، پوليس جا 140 ۽ 165 معصوم شهري شامل آهن.

هلندڙ سال ڪي پي ۾ 10115 آپريشن ڪيا ويا
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، خيبرپختونخوا ۾ 2025 دوران 15 سيپٽمبر تائين 10115 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا آهن، جن ۾ 917 دهشتگرد ماريا ويا آهن، هن سال آپريشن دوران فوج جا 311 آفيسر ۽ جوان، پوليس جا 73 اهلڪار ۽ 132 معصوم شهري شهيد ٿيا.
هن چيو ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ هڪ سال ۾ مارجي ويل خارجي دهشتگردن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ گذريل سال مارجي ويل خارجي دهشتگردن جي انگ اکر گذريل 9 سالن جي مجموعي انگ کان به وڌيڪ هئا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 2016 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ شروع ڪيون ۽ پرامن خيبرپختونخوا جو خواب ساڀيان جي ويجهو هو.
پر بدقسمتي خيبرپختونخوا ۾ سوچيل منصوبن تحت دهشتگردن ۽ سندن جي سهولتڪارن کي جڳهه ڏني وئي، هتي گورننس ۽ عوامي فلاحي کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو ، جنهن جي سزا اڄ تائين هن صوبي جو بهادر ۽ غيرتمند عوام پنهنجي قربانين جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اهي عمل ڄاڻڻ ضروري آهن جن سبب اڄ دهشتگردي موجود آهي، هن دهشتگردي ختم نه ٿيڻ جون پنج بنيادي ڪارڻ بيان ڪيا جن پهريون نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ، ٻيو دهشتگردي واري معاملي تي سياست ڪرڻ ۽ قوم کي ان سياست ۾منجهائڻ، ٽيون ڪارڻ ڀارت جو افغانستان کي دهشتگردي جي بيس ڪئمپ طور استعمال ڪرڻ، چوٿون سبب افغانستان ۾ دهشتگردن لاءِ جديد هٿيارن ۽ پناهه گاهن جي دستيابي جڏهن ته پنجون ۽ آخري سبب مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ آهي.
هن چيو ته رڳو 2024 ۽ 2025 ۾ مارجي خارجي دهشتگردن جو انگ 161 آهي، ان کانسواءِ سرحدي در اندازي دوران 135 خارجي ماريا ويا، جڏهن ته ٻن سالن ۾ آپگهاتي حملا ڪندڙ 30 بمبار افغان شهري هئا، اهي انگ اکر افغانستان کي ڀارت جي دهشتگردي جو بيس ڪئمپ طور ظاهر ڪن ٿا.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردن ۽ ڏهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ مڪمل مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي تي ٻڌل آهي.
ترجمان چيو ته 2014ع اي پي ايس سانحي کانپوءِ سڀني سياسي پارٽين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ گڏيل حڪمتي عملي تي متفق ٿيون، جنهن کي نيشنل ايڪشن پلان جو نالو ڏنو ويو ۽ سڀني سياسي ڌرين اهو طئي ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو آڻڻو آهي ته انهن نقطن تي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته 2021ع ۾ گذريل صوبائي حڪومتن ڪجهه نڪتا خارج ڪري 14 نقطن تي ٻڌل نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو، بعد ۾ موجوده حڪومت به انهيءَ ايڪشن پلان کي ”ويزن، عزم، استحڪام“ جو نالو ڏنو. هن چيو ته بنيادي مسئلو اهو آهي ته انهن نڪتن تي عمل نٿو ٿئي.
هن چيو ته ايڪشن پلان جو پهريون نڪتو دهشتگردن کي مارڻ آهي، جيڪو زميني آپريشنز سان تعلق رکي ٿو ۽ سوال ڪيو ته ڇا ان تي ڪم ٿي رهيو آهي يا نه؟ هن انگن اکرن جو حوالو ڌيندي چيو ته اسان ڪيترن ئي دهشتگردن کي قابو ڪيو آهي ۽ شهيد ان ڳالهه جا شاهد آهن.
هن چيو ته باقي 13 نڪتن تي پڻ ڪم جي نگراني ٿيڻ گهرجي، ٻيو نڪتو هو ته ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ سياستدانن جو هڪ زبان ٿي دهشتگردي خلاف اُٿي بيهندا، اِهو اسان نه چيو ته پر سموريون سياسي ڌريون 2014ع کان ان ڳالهه تي متفق آهن، ڇا اسان ان بيانئي تي قائم آهيون؟
آءِ ايس پي آر ترجمان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي اها آواز نه ٿو اچي ته دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي؟ ڇا اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه آهي ته جڏهن 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت حملو ڪيو ۽ معصوم ٻار، عورتون، مدرسا ۽ مسجدون نشانو بڻيون ته ڇو عوام چيو ته اچو ڳالهيون ڪريون؟
هن چيو ته جيڪڏهن هر مسئلو ڳالهه ٻولهه سان حل ٿئي ها ته جنگون نه لڳن ها،جيڪڏهن مسئلي جو حل ڳاليهون هجن ها ته بدر جي ميدان تي ڳالهه ٻولهه ڇو نه ٿي؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته توهان جي اڳواڻن پهريان فيصلو ڪيو هو ته بيانئو ٺاهيو ويندو، پر ورغلائيندڙ بيانيو ٺاهيو پيو وڃي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اسان نه اسان جي سياستدانن، سمورن صوبائي حڪومتن چيو ته جيڪڏهن دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻو آهي، غيرقانوني ڪاروبار، منشيات، ڀتا خوري، ڀنگ عيوض اغوا، ۽ غيرقانوني گاڏين جي ناسور کي ختم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن ناسورن خلاف ڪارروائيون ڪن ٿا ته انهن عنصرن جي پٺڀرائي لاءِ مختلف سياسي ۽ مقامي سطح تي آواز اُٿڻ لڳن ٿا فيصلو ته اڳ ئي ڪيو ويو هو ته جيستائين انهن کي ختم نه ڪيو ويندو دهشتگردي ختم نه ٿيندي.
ترجمان چيو ته ملڪ جي سياستدانن ۽ حڪومتن فيصلو ڪيو هو ته دهشتگردي وارن ڪيسن لاءِ عدالتي نظام کي مضبوط ڪيو ويندو، پر هن وقت اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ آگسٽ 2025ع تائين خيبرپختونخوا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن مان ڪنهن به دهشتگرد کي سزا نه ملي آهي؛ 34 ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، 2878 ڪيس ٽن کان گهٽ عرصي جا هئا ۽ 1706 ڪيسن 3 سال کان وڌيڪ عرصي وارا آهن.
ترجمان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر اڄ تائين صوبائي سطح تي اٽڪل 4355 مدرسن مان رڳو اٽڪل 55 سيڪڙو رجسٽرڊ ٿيا آهن، اڃا رجسٽريشن ئي مڪمل ناهي ٿي ته ته نصاب هڪ ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن سوال اهو آهي ته دهشتگردي ڇو ختم نٿي ٿئي ته اهي سوال به جواب طلب آهن.
ترجمان چيو ته 2014 ۽ 2021 ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته افغانن کي واپس موڪليو ويندو، پوءِ اڄ اهو بيانيو ڪٿان آيو ته انهن کي واپس نه موڪليو وڃي؟ ڇا 2014 ۽ 2021 جو فيصلو غلط هو؟ جڏهن افغانستان ۾ امن آيو ۽ اتي ڪا قابض فوج ناهي ته اها رياست جنهن سالن تائين افغان ڀائرن جي مهمان نوازي ڪئي، هاڻ انهن کي واپس موڪلي ٿي ته ان تي سياست ڇو پئي ڪئي وڃي؟
هن چيو ته دوحا معاهدي ۾ چيو ويو ته افغان سرزمين نه ته آمريڪا ۽ نه ئي خطي جي ڪنهن ملڪ طرفان ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيندي، پر انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته افغان سرزمين دهشتگردن لاءِ بيس ڪيمپ رهي آهي.
هن چيو ته جڏهن آمريڪا افغانستان مان ويو ته ان جا ڇڏيل هٿيار وڏي انگ ۾ خارجين هٿن ۾ اچي ويا، آمريڪي ادارن جي رپورٽ موجب، 2024 ۾ آمريڪي فوج 7.2 بلين ڊالر ماليت جا هٿيار افغانستان ڇڏي وئي.
ترجمان آءِ ايس پي آر آپريشنز دوران ملندڙ آمريڪي هٿيارن جون تصويرون به ڏيکاريون.
هن چيو ته گذريل ٽي مهينن دوران 3984 دهشتگردي واقعا پيش آيا، جن مان 70سيڪڙو خيبرپختونخوا ۾ ڇو ٿيا؟ هي منطقي سوال آهي جيڪو نوجوان ۽ سوشل ميڊيا پڻ پڇي رهيا آهن، ڇا پنجاب ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي گهٽ هئڻ جو مطلب اهو آهي ته دهشتگرد انهن صوبن ۾ ڪم نٿا ڪرڻ چاهين؟ نه، اصل ڪارڻ اِهو آهي ته انهن صوبن ۾ گورننس موجود آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سياست ۽ دهشتگردي جو ڳٺ جوڙ موجود ناهي، اِهو ئي بنيادي ڪارڻ جو اتي دهشتگردي ناهي.
پر پر اسان جي هن( خيبرپختونخوا ) عظيم صوبي دهشتگردي کي ڪارڪردگي، گورننس ۽ قانون جي عملداري سان ختم ڪرڻ بدران انهيءَ کي صوبائيت جي رنگ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ سياسي فائدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ڇا اهو مجرماڻو عمل نه آهي؟
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گورننس جي خال کي ڀرڻ ۽ سي ٽي ڊي جي صلاحيت وڌائڻ، عدالتي نظام مضبوط ڪرڻ ۽ غيرقانوني رهندڙ افغانن کي واپس موڪلڻ جي بدران وڳوڙ پيدا ڪرڻ ۽ معاملن کي اينگهائڻ بند ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته آرمي چيف واضح طور چئي چڪو آهي گورننس جو خال فوج جا آفيسر، جوان، پوليس جا اهلڪار، ٻار ۽ ادارا پنهنجي رت سان ڀري رهيا آهن، حڪومتي خال کي عوام هر روز پنهنجي قربانين سان پورو ڪري رهيو آهي.
ترجمان سوال اٿاريو ته جيڪڏهن گورننس جو خال ڀرڻ ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي متفقه عمل نه ڪيو ويو ته خيبرپختونخوا کي دهشتگردي جي ناسور کان ڪيئن ڇوٽڪارو ملندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.