ڪابل ۾ هوائي حملن بابت سوال تي پاڪ فوج جو ردعمل اچي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان پريس ڪانفرنس دوران ٻه دفعي اهو سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستاني فورسز سرحد پار افغانستان ۾ هوائي (فضائي) ڪارروائيون ڪيون آهن؟
پهريون ڀيري سوال جي جواب ۾ بنا تصديق يا ترديد جي هن چيو ته ”توهان جنهن اسٽرائيڪ جو ذڪر ڪيو، انهيءَ بابت ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ افغان (طالبان) حڪومت جي ترجمان جي بيان کي نوٽ ڪيو ويو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته افغانستان اسان جو برادر پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪروڙين افغان پناهه گيرن جي مهمان نوازي ڪري رهيو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته افغان حڪومت کي چيو ويو آهي ته پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي. هن چيو ته افغان ٽرانزٽ ٽرڊ به هلي پئي ۽ واپار جاري آهي، ۽ ڪيترائي ماڻهو علاج لاءِ هتي اچن ٿا.
سندس چوڻ هو ته افغان اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي ته فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) جي قيادت اتي موجود آهي ۽ انهن جا ٺڪاڻا آهن، پر پاڪستان جي عوام جي جان ۽ ملڪ جي سالميت جي حفاظت لاءِ جيڪي به ضروري قدم کڻڻا پوندا، اهي اڳ به کنيا ويا آهن ۽ هاڻي به کنيا ويندا.
جڏهن ٻيهر سوال ورجايو ته ڇا گذريل رات ڪابل ۾ چئن هنڌن تي پاڪستاني فورسز فضائي حملو ڪيو ۽ ان ۾ ٽي ٽي پي جي اڳواڻ نور ولي محسود کي نشانو بڻايو ويو؟
جنهن ته فوجي ترجمان چيو ته ” مون اڳي ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ انهن جا ثبوت موجود آهن. پاڪستان جي عوام جي جان ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ جيڪي ضروري قدم کڻڻ گهرجن، اهي کنيا ويندا .“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.