ڪراچي ( رپورٽر) عدالت درخواستگذار کي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڌر بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، وفاقي حڪومت جي وڪيل پاران افغانين بابت تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. درخواستگذار آغا سراج دراني کي ڌر بڻائڻ لاءِ مهلت به طلب ڪري ورتي، درخواستگذار چيو آهي ته آغا سراج دراني پاڻ کي افغان پختونن جو اڳواڻ ۽ آرگنائيزر چوندو آهي، عدالت خانگي ڪاليج کي هدايت ڪئي ته آغا شفيع الله جي ٻارن کي تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل عاقب راڄپر چيو ته آغا شفيع الله افغان شهري آهي جنهن وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ آهي. آغا شفيع الله جي وڪيل جو چوڻ هو ته جو پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رد ڪيو وڃي، آغا شفيع الله جي وڪيل جو چوڻ هو ته آغا شفيع الله پاڪستاني آهي، هن وٽ سمورا دستاويز موجود آهن. آغا شفيع الله جي وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته شناختي ڪارڊ بلاڪ هجڻ سبب آغا شفيع الله جي ٻارن کي ڪاليج مان ڪڍيو ويو، سندس تعليمي سلسلو به روڪيو ويو آهي.