حيدرآباد(رپورٽر)بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جو لائين لاسز کي لڪائڻ وارو ڪارنامو سامهون اچي ويو آهي، ملڪ اندر بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين نيشنل گرڊ مان ملندڙ يونٽ گهٽ ۽ بلنگ وڌيڪ ڏيکاري آهي جنهن سان صارفن کان 8 ارب روپين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙي وئي آهي، ان ڏس ۾ جاري ڪيل آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين صارفن کي 8 ارب روپين جو چونو هڻندي ناجائز اوڳاڙي ڪئي آهي، جنهن ۾ حيسڪو، فيسڪو، گيپڪو، ليسڪو، ميپڪو ۽ پيسڪو صارفن کان غيرقانوني طور رقم اوڳاڙي ڪرڻ ۾ ملوث نڪتيون آهن، رپورٽ موجب حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ هڪ ارب 73 ڪروڙ، 20 لک، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ 2 ارب 39 ڪروڙ 60 روپيا جڏهن ته لاهور ۽ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپنيءَ مجموعي طور 3 ارب روپين کان وڌيڪ اور بلنگ ڪري غيرقانوني طور ڪمايو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيسڪو، گيپڪو ۽ ڪيسڪو طرفان به اوور بلنگ ڪئي وئي آهي، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي انتظاميا لائين لاسز کي پورو ڪرڻ لاءِ اوور بلنگ ڪئي جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.