اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاڙو ويجهو پنجاب جي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ڪوش برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو دوران 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڏني، حملي آور ٽولي گودي ڪوش ۽ ٻي ڌر سجاول ڪوش وغيره ۾ ڪاروباري تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. حملي آور ٽولي جي فائرنگ سبب شفيق ڪوش، سجاول ڪوش، راجا ڪوش، غفار ڪُوش، بنگال اوبن ڪوش جي قتل جا جوابدار ڪچا گوالپور سنڌ طرف فرار ٿي ويا. پوليس ٽيمون واقعي جي جاچ ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪري رهيون آهن.زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .