پ پ ارسا ايڪٽ خلاف جعلي قرارداد پيش ڪئي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) ارسا ايڪٽ ترميم متعلق سنڌ اسيمبليءَ جي قراداد کي پيپلز پارٽي جو ڊامو قرار ڏيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، حورالنساءِ پليجو، عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڊجيٽل آدمشماري جيان ارسا ايڪٽ ترميم واري معاملي تي به سنڌي عوام سان فراڊ ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي فراڊي قرارداد سنڌي عوام جي جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آهي. پيپلز پارٽي سرڪار ارسا ايڪٽ خلاف به جعلي قرارداد پيش ڪئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، تن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن قرارداد ۾ نون ڊيمن ۽ ڪينالن جي خلاف اکر به شامل ناهي ڪيو ويو.اڳواڻن چيو ته نون ڊيمن، ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف سنڌي عوام جي هلندڙ جدوجهد جاري رهندي. سنڌو درياءَ ۽ زمينن جو تحفظ يقيني بڻائڻ تائين مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.