گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو: (آزاد مهر/خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ مقرر نئين ايس ايس پي سياسي مداخلت جي مزاحمت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جي سياسي مداخلت ٿي ته عهدو ڇڏي هليو ويندس، ڏوهارين ۽ سندن سهولت ڪارن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏيندس. ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي چيو آهي ته آئون سياسي مداخلت براشت نه ڪندس، جيڪڏهن ڪو سياسي دٻاءُ آيو ته عهدي ڇڏي هليو ويندس، ڏوهارين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، مونکي قبيلن تي حيرت آهي جيڪي انهن شين ۾ پيل آهن، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته جيڪي ڏوهن جي دنيا کان تنگ ٿي هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن لاءِ دروازا کليل آهن، بي خوف ٿي پوليس وٽ پيش ٿي سگهن ٿا. ايس ايس پي چيو ته ڏوهارين جي سهولت ڪارن کي بخش نه ڪنداسون، مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا، جيڪو به ڏوهه ڪندو ان سان مقابلو ٿيندو، گهوٽڪي پوليس کي تمام جلد جديد هٿيار ملندا، ضلعي ۾ سماجي ڏوهن جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته پر امن شهرين جو قدر آهي، ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي، ڏوهارين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏينداسين، ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪبي نه وري قانون کان مٿانهون قدم کڻنداسين، جيڪي ڏوهاري پيش پوندا انهن سان قانوني موجب رويو اختيار ڪيو ويندو.
مداخلت ناهيون ڪندا، عوامي حقن جي سفارش ڪنداسين: مهتاب ڏهر
ميرپورماٿيلو: اوٻاوڙو تڪ جي پيپلز پارٽي ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي پوليس مٿان سياسي دٻاءَ وجهڻ جي ضرورت ناهي، پريشان اهي ٿيندا جيڪي سفارشون ڪندا آهن، اسين ميرٽ تي يقين رکون ٿا ۽ امن و امان جي بحالي چاهيون ٿا، ايس ايس پي کي گهرجي ته ڪچي جي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري، امن امان جي معاملي ۾ ڪابه سياسي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، اسان صرف عوام جي حقن جي سفارش ڪندا آهيون، عوام چونڊيو آهي انڪري عوام جي حقن جي ڳالهه ڪنداسين، ناجائز مطالبا ناهيون ڪندا، نئين ايس ايس پي ۾ اميد آهي ته امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪندو .
ايس ايس پي جي ترجمان گهوٽڪي جي صحافين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو
گهوٽڪي: گهوٽڪي ضلعي ۾ نئين آيل ايس ايس جي ترجمان ذاتي طور تي پنهنجي پسند جي صحافين کي دعوت ڏئي ايس ايس پي جي تعارفي گڏجاڻي ڪرائي ورتي، گهوٽڪي، خانڳڙھ تعلقن سميت مختلف شهرن جي صحافين کي تعارفي گڏجاڻي کان پري رکيو ويو، مخصوص صحافين کي ايس ايس پي جي تعارفي گڏجاڻي ۾ گهرائي حقيقي صحافين کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن تي صحافين ايس ايس پي جي ترجمان جي اهڙي عمل جي مذمت ڪندي چيو ته ايس ايس پي جو ترجمان ذاتي طور تي پسند ڪندڙن صحافين کي اهميت ڏئي ٿو.