ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل ٺهراءُ جي آجيان ڪجي ٿي

رپورٽن موجب سنڌ اسيمبليءَ، وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ واري فيصلي کي اتفاق راءِ سان رد ڪندي پاڻي جي 91 واري معاهدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل سومر تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ٺهراءُ پيش ڪيو هو جنهن کي ايوان بحث ڪرڻ کانپوءِ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. ٺهراءُ پيش ڪندي نثار کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اثر پاڻي جي1991ع واري ٺاهه تي پوندو. هن چيو ته پاڻي صوبائي سبجيڪٽ آهي صوبي جي رضامندي بنا ارسا جي ايڪٽ ۾ ڪا ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ترميم وارو قدم کڻي پاڪستان جي فيڊريشن کي ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري. ان کان اڳ اهي به رپورٽون هيون ته ان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ به حامي آهي پر سنڌ جي عوام ۽ سنڌي ميڊيا جي سخت ردعمل جي نتيجي ۾ پ پ يوٽرن وٺندي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان امڪاني ترميم خلاف ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

اسان اصولي ۽ جمهوري طور تي پ پ طرفان ان ٺهراءُ جي حمايت به ڪريون ٿا ته ان جي آجيان به ڪيون ٿا. اها به تمام سٺي ڳالهه آهي ته پ پ ان معاملي ۾ پنهنجي پوزيشن به واضح ڪئي ۽ زوردار نموني ان امڪاني ترميم جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي ملڪ ٽوڙڻ جي برابر سمجهيو آهي. اسان تڏهن به ان معاملي تي ايڊيٽوريل لکيو هو جڏهن اهي خبرون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ته وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ڪا اهڙي ترميم آڻڻ چاهي ٿي جنهن سبب هي ادارو وفاقي نوعيت جو ٿي وڃي ۽ صوبائي نمائندگي ختم ڪئي وڃي ته جيئن هڪڙو بااختيار وزيراعظم جو چونڊيل چيئرمين ئي وفاق جي مفاد تحت پاڻي جي ورڇ جو فيصلو ڪندو رهي. ان ايڊيٽوريل جو عنوان هو ته ”ارسا کي ون يونٽ نه بڻايو“ ۽ سنڌ حڪومت کي گذارش ڪئي هئي ته اوهان جيئن ته سنڌي عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ آيا آهيو ته اوهان جو فرض آهي ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ان ترميم کي رد ڪرايو. پ پ جيئن ته وفاقي حڪومت جو به حصو آهي، ملڪ جو صدر آصف زرداري آهي ته ان کي نوٽيس وٺڻ جو چيو هو ۽ اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته پ پ عوامي رد عمل جي نمائندگي ڪندي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان عمل خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي وفاقي حڪومت کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.

هاڻي اميد ڪجي ٿي ته وفاقي حڪومت به سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ کي جمهوري روح پٽاندڙ تسليم ڪري اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي. ڇاڪاڻ ته اهو وفاقي حڪومت جي سياسي مفاد ۾ به آهي. ڏسجي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي خلاف هونئن به ڪيترائي محاذ کولي ڇڏيا آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين وفاقي جماعتن جي غلط حڪومتي پاليسين سبب هونئن ئي ملڪ اندر ننڍن صوبن جي وفاق کان بيزاري چوٽ چڙهي وئي آهي. بلوچستان ته ذري گهٽ هٿن مان نڪري چُڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت بجاءِ ان جي ته ننڍن صوبن کي خوش ڪرڻ جا فيصلا ڪري انهن جو وفاقيت ۾ ايمان تازي کان تازو ڪري الٽو اها صوبن خلاف فيصلا ڪري رهي آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري فيصلي کي به اسان سنڌ دشمن سمجهون ٿا.

سو مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جيڪي ملڪ جون تمام وڏيون وفاقي جماعتون آهن تن جو اولين فرض آهي ته اهي وفاقي کي مضبوط ڪرڻ جا فيصلا ڪن ۽ ننڍن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي اختيار ڪن. وفاقي حڪومت کي چڱيءَ ريت معلوم آهي ته پاڻي جو اشو سنڌي عوام لاءِ جذباتي مسئلو آهي. اهو سنڌودرياهه تي ڪنهن هڪ به ڊيم جو حامي ناهي ۽ نه ئي پاڻي جي ڪنهن اهڙي معاهدي جو حامي آهي جنهن تحت سنڌ جي پاڻي جي جائز حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي. سو سنڌ ۽ سنڌي عوام جن جو پاڻي ۾ پساهه آهي سي سنڌ ۽ پاڻي جي اشو تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ماضي ۾ ڪيو آهي ۽ نه هاڻي ڪندو. ٻيو ته وفاق کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ هر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا آهن پر انهن ٺهرائن تي سختي سان عمل نٿو ٿئي جنهن ڪري سنڌ ۽ وفاق جي لاڳاپن ۾ هميشه کان ڇڪتاڻ رهي آهي.

هاڻي جڏهن سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پ پ ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جي گڏيل حڪومت آهي ۽ ٻئي جماعتون ساڳي وقت وفاقيت جون به دعويدار آهن ته اهڙي صورتحال ۾ اها بلڪل به توقع نه هئي ته سنڌ ۽ وفاق ۾ وري ڪا ڇڪتاڻ ٿيندي. اصولي طور تي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي جماعتن کي پاڻ ۾ ويهي ارسا جي معاملي کي خوش اصلوبي سان ڏسڻ گهرجي ها ۽ ٺهراءُ کي پيش ڪرڻ جي جيڪر ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وفاقي حڪومت ۾ هوندي به پ پ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ ڇو آڻڻو پيو آهي، ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ائين پ پ جي اعتراض يا مخالفت کي تسليم نه ڪري ها يا مٿين وڏين طاقتن کي مجبوري ڏيکارڻ لاءِ اسيمبلي اندر ٺهراءُ آڻڻ ضروري هو. ڇاڪاڻ ته اسان جي حڪومت جي فيصلن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي به سڌي سنئين مداخلت يا حصو پتي هوندي آهي.

بهرحال ڪجهه به هجي اسان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ وفاقيت کي حاوي ڪرڻ واري امڪاني ترميم خلاف پاس ڪيل ٺهراءُ جي حمايت ڪريون ٿا ۽ پ پ جي ان عمل کي سٺو قدم سمجهون ٿا ته ان سنڌ ۽ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ وفاق کي ان ٺهراءُ ذريعي چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ جي پاڻي سان هٿچراند ڪرڻ مان مراد وفاقيت ۾ ڏار وجهڻ، ملڪ ٽوڙڻ آهي سو اهڙي ڪڌي ڪم کان پاسو ڪيو وڃي.

هاڻي پ پ جو ئي اهو ڪم آهي ته اها سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل ٺهراءُ تي سختي سان عمل ڪرائي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي اهڙن ٺهرائن کي ڪا اهميت ناهي ڏني ويندي جڏهن ته اصولي ۽ جمهوري طور تي وفاقي حڪومت کي ننڍن صوبن جي اسيمبلين جي ٺهرائن کي خاص اهميت ڏيندي ان جي مطالبن کي مڃڻ لاءِ فراخ دلي ڏيکارڻ گهرجي. پ پ جيئن 2008ع ۾ حڪومت ۾ ايندي ئي واضح ڪيو هو ته اُها پنهنجي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ جو واضح اعلان ڪري ٿي تيئن هن ڀيري واري ٺهراءُ ۾ پ پ واضح طور تي 1991ع واري ٺاهه  تحت سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اهو مطالبو سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ طور ڪيو آهي ته پوءِ وفاقي حڪومت جو به فرض آهي ته اها ملڪ ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ ننڍن صوبن جي ٺهرائن کي قبولڻ جي روايت قائم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.