جناح صاحبَ جي زندگيءَ جا ڪُجھه منفرد پهلُو

تحرير: ياسر قاضي

ٻيو ۽ آخري حصو

جناح صاحبَ ٻي شادي ايميءَ جي لاڏاڻي کان 25 سال پوءِ، ’رتي ٻائيءَ‘ (بعد ۾: مريم بيگم) سان ڪئي، جيڪا هڪ مالدار پارسي ڪٽنب جي ڇوڪري هئي، جيڪا ايم. اي. جناح کان 24 سال ننڍي هئي ۽ 20 فيبروري 1900ع تي ڄائي هئي. هي ازدواج جو ناتو ٻنهي جي گڏيل پسند جو نتيجو هو. تنهن ڪري رتي هن شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ، خميس 18 اپريل 1918ع تي اسلام قبول ڪيو. اهو فيصلو رتيءَ جو ذاتي فيصلو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هن پنهنجي خاندان ۽ مِٽن مائٽن جو رُسامو پڻ برداشت ڪيو. نه رڳو اهو، پر رتيءَ پنهنجي خاندان پاران پنهنجي حصي ۾ ايندڙ سموري ملڪيت پڻ جناح صاحب جي ڪري قربان ڪري ڇڏي. اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ هوءَ ”رتي ٻائيءَ“ مان ”مريم بيگم“ ٿي وئي. جمعي 19 اپريل 1918ع تي مريم بيگم، محمّد علي جناح سان شادي ڪئي ۽ ”مريم جناح“ بڻجي وئي. شاديءَ وقت جناح صاحب جي عمر 42 سال هئي ۽ رتيءَ/ مريم جي عمر فقط 18 سال هئي. مولانا نظام احمد نقشبنديءَ سندن نڪاح پڙهايو. هي نڪاح نامو ان وقت جي رسم رواج موجب فارسيءَ ۾ لکيو ويو. جڏهن ته جنهن رجسٽرار اهو نڪاح نامو رجسٽر ڪرايو، ان جو نالو مولانا حسن نجفي هو. نڪاح نامي موجب حق مهر جي رقم 1000 روپيه رکي وئي، جڏهن ته گهوٽَ ــ جناح صاحب پنهنجي ڪنوار (مريم) کي ان دؤرَ جا هڪ لک 25 هزار روپيه شاديءَ جي تحفي طور ڏنا. هيءَ شادي جناح صاحب جي بمبئيءَ واري رهائشگاهه ”ساؤٿ ڪورٽ، مالابار هِل مينشن“ ۾ ٿي. راجا محمّد علي خان (جناح صاحب جي طرفان) ۽ حاجي شيخ ابوالقاسم نجفي (مريم جناح جي طرفان) ان نڪاح جا شاهدَ هئا. هڪ سال بعد 14 آگسٽ 1919ع تي جناح ۽ مريم جي گهر هڪ ڌيءَ پيدا ٿي، جنهن جو نالو ”دِينا جناح“ رکيو ويو. جناح جي زال مريم گهڻي عرصي تائين جيئري نه رهي سگھي ۽  سندن شاديءَ کان 11 سال پوءِ ۽ دينا جي پيدائش کان 10 سال پوءِ، فقط 29 سالن جي عمر ۾  20 فيبروري 1929ع تي ڪينسر وگهي وفات ڪري وئي. سندس جنازي نماز 22 فيبروري 1929ع تي آرام باغ بمبئيءَ ۾ ادا ڪئي وئي.

جوانيءَ ۾ جناح کي شيڪسپيئر پڙهڻ ۽ ٿيئٽر ۾ اداڪاري ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. سندس ڀيڻ فاطمه جناح موجب، هو ڪراچيءَ ۾ سندن رهائشگاهه تي اڪثر رات جي مانيءَ کانپوءِ پنهنجي خاندان کي شيڪسپيئر پڙهي ٻڌائيندو هو. 1893ع ۾ لنڊن ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ کيس هڪ ٿيئٽر ڪمپنيءَ ۾ اداڪار طور نوڪريءَ جي آڇ پڻ ڪئي وئي، پر دلچسپيءَ جي باوجود هن اها آڇ قبول نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن هميشه بيريسٽر بڻجڻ ٿي چاهيو ۽ سياست طرف پڻ تڏهن کين ئي مائل هو. جناح صاحب فلمون ڏسڻ جو به وڏو شوقين هو. لنڊن ۾ رهڻ دؤران هن کي سئنيما بينيءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هُو تاريخي فلمن، شيڪسپيئر جي ڊرامن ۽ هالي وُوڊ ڪلاسيڪس مان ٿيئٽر ۾ وڃي لطف اندوز ٿيندو هو. جناح صاحب جي پسنديده فلمن ۾ اوائلي ڳالهائيندڙ  هالي ووڊ فلمن منجھان جارج ايريلس ۽ ڊورس لايڊ جي فلم ”ڊيزرائيلي“ (رليز: 1929ع) پڻ شامل هئي، جيڪا برطانوي وزيراعظم بينجمن ڊزرايل جي سوانح ٻڌل هئي. ڪجھه ذريعن موجب جناح، چارلي چيپلن جي ڪاميڊيءَ جو پڻ مداح هو.

اها نهايت دلچسپ ڳالهه آهي ته جنهن سال آل انڊيا مسلم ليگ قائم ٿي (يعني 1906ع ۾)، ان ئي سال جناح صاحب، انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر بڻيو. هُو مسلم ليگ جي قيام کان 7 سال پوءِ 1913ع ۾ ان جو رڪن بڻيو، پر 1920ع تائين 7 سالن تائين هُو مسلم ليگ توڙي ڪانگريس ٻنهي سان هڪ ئي وقت واڳيل رهيو. جنهن کانپوءِ جناح 1920ع ۾ ڪانگريس کي باضابطه طور تي ڇڏي ڏنو. 14 سالن کان پوءِ جناح آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. جناح کي پهريون ڀيرو 1938ع ۾ ٽي بيءَ جي مرض جِي تشخيص ٿي. جناح صاحب جي ذاتي طبيبن ۾ ڪرنل الاهي بخش، ڊاڪٽر رياض علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ايس عالم شامل هئا. جناح صاحب تي 1943ع ۾ رفيق صابريءَ نالي هڪ شخص پاران قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو ويو هو.

محمّد علي جناح کي ”قائداعظم“ (معنيٰ: ”وڏي اڳواڻ /قوم جي اڳواڻ“) جو لقب مولانا مظهرالدين ڏنو هو، جڏهن ته کيس ”باباءِ قوم“ (قوم جي ابي) جو لقب قاضي محمّد اڪبر ڏنو. انگريز وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن، جناح صاحب کي سندس بظاهر خاموش طبيعت پر اندر ۾ لڪلَ مضبوط ارادن سبب ’آئس برگ‘ (برفاني ڇِپَ) سڏيندو هو. قائداعظم جي پهرين سوانح ’هيڪٽر بولِيٿو‘ (1897ع ــ 1974ع) انگريزيءَ ۾ لکي، جنهن جو عنوان آهي: ”جناح ــ ڪريئيٽر آف پاڪستان“ (جناح ــ پاڪستان جو خالق). قائداعظم جي پسنديده راند ’سنُوڪر‘ هئي، جنهن جو پاڻ ماهر کلاڙي هو. جناح صاحب جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هن سڄي زندگي نه ته ڪو سياسي شاٽ هارايو ۽ نه ئي هن کان ڪو ’بليئرڊ‘ جو شاٽ گُٿو. جناح صاحب جي خاص ڊرائيور جو نالو سيّد شاهه عبدالحئي هو، جيڪو بمبئيءَ ۾ سندس گاڏي هلائيندو هو. جناح صاحب وٽ ان وقت جُون 5 مهانگيون ترين گاڏيون (ڪاريُون) هيون، جن ۾ ’دي شيورليٽ‘، ’پيڪارڊ‘، ’لاسل‘، ’گھوسٽ فينٽم‘، ’گراهم پيج‘، ’رولز رائس‘ (1924 ماڊل) ۽ ’سن بِيم‘ شامل آهن. ’لاسل / لاسلي‘ (ڪار) کيس ڄام نگر جي نواب طرفان تحفي ۾ ڏني وئي هئي، جڏهن ته ’پڪارڊ‘ کيس حيدرآباد جي نظام طرفان سوکڙيءَ طور ملي هئي. نواب آف بهاولپور، قائداعظم کي پاڪستان جي پهرين گورنر جنرل جي عهدي جو حلف کڻڻ وقت ”سلور گھوسٽ فينٽم“ (ڪار) تحفي ۾ ڏني، جنهن جي (بهاولپور رياست جِي رجسٽرڊ) نمبر پليٽ BWP72 هئي. لنڊن ۾ جناح صاحب ’شيفر ڊروِن‘ ـــ ”بينٽلي“ ڪار ۾ گهمندو هو، جڏهن ته هندستان ۾، هو هڪ زبردست ’رولز رائس‘ ۽ هڪ ’ڪيڊيلڪ‘ استعمال ڪندو هو. جناح صاحب هڪ ’چين سموڪر‘ (لاڳيتو سگريٽ ڇڪيندڙ) هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هو روزانو لڳ ڀڳ 50 سگريٽ ڇڪِيندو هو. سگريٽن ۾ سندس پسنديده برانڊ ’ڪِريوِن اي‘ (Craven-A) هو، جيڪو ان وقت جي بهترين ۽ مهانگن سگريٽن مان هڪ هو. هُو ڪيُوبا جي ’هَوانا‘ ڪمپنيءَ جا سگار به شوق سان پيئندو هو.

پنهنجن آخري سالن ۾، جناح صاحب انگريزي لباس پائڻ گھٽائي ڇڏيو ۽ عوامي گڏجاڻين ۾ شيرواني ۽ ”قراقلي ٽوپي“ (جنهن کي بعد ۾ ’جناح ڪيپ‘ سڏيو ويو) پائڻ شروع ڪيائين. پشاور جو شيخ رحمت الله پهريون ٽوپي ٺاهيندڙ درزي هو، جنهن جناح صاحب لاءِ پهرين ’جناح ڪيپ‘سِبي. جناح کان علاوه اهڙي قسم جي ٽوپي افغانستان جو اڳوڻو بادشاهه امان الله خان به پائيندو هو. ڪجهه گڏجاڻين ۾، جناح صاحب مغربي لباس (ٽُو پيس سُوٽ) تي پڻ  ’جناح ڪيپ‘ سان نظر آيو. قائداعظم کي پاڪستان جي پهرين گورنر جنرل طور قسم، برطانوي هندستان جي وائسراءِ ــ لارڊ مائونٽ بيٽن (1900ع ــ 1979ع) جي موجودگيءَ ۾ جسٽس ميان عبدالرشيد کڻايو. ان ميڙاڪي ۾ ڪجھه شرپسندن پاران بم ڦاٽڻ بابت انٽيليجنس رپورٽ موجود هئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب سيڪيورٽيءَ جي سخت ترين انتظامن باوجود، جڏهن مائونٽ بيٽن ۽ جناح هڪ ئي رائل بگيءَ ۾ قسم کڻڻ واري مقام ڏانهن اچي رهيا هئا ته گورنر جنرل هائوس (جيڪو هاڻي سنڌ جي گورنر جي رهائشگاهه آهي) کان حلف برداريءَ واري جاءِ (سپريم ڪورٽ آف پاڪستان رجسٽريءَ) طرف ايندي (جيڪو ايترو ڊگهو رستو به نه آهي) بم جي خطري جي ڊپ ۽ پريشانيءَ سبب، مائونٽ بيٽن جي لوندڙين مان پگهر لارَ ڪري وهِي رهيا هئا. تقريب دؤران ڪنهن لمحي جڏهن هڪ خانگي پريس فوٽوگرافر پنهنجي ڪئميرا سان حلف برداريءَ جي لمحي جي تصوير ڪڍڻ لاءِ پوڊيم (اسٽيج) جي سامهون آيو، ته سيڪيورٽي اهلڪارن کيس فوري طور تي اسٽيج کان پري ڌِڪي ڇڏيو. (هن واقعي جي تصوير پڻ تمام مشهور آهي.)

اپريل 1948ع ۾ سرحد صوبي (جيڪو هاڻي ’خيبر پختونخواهه‘ آهي) جي تڪڙي دؤري کانپوءِ، جناح صاحب بلوچستان لاءِ مشاورتي ڪائونسل جي قيام کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مئي ۾ ڪوئيٽا روانو ٿيو. ان کانپوءِ هُو پنهنجي آرام ۽ صحتيابيءَ لاءِ ڊاڪٽرن جي صلاح تي زيارت (بلوچستان) ويو، جتان پهرين جولاءِ 1948ع تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو. ان ٿڪائيندڙ سفر جي تڪليف ۾ هن جو ڪمزور ۽ نازڪ جسم وڌيڪ هِيڻو ٿي ويو. سو ان افتتاح جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ذاتي طبيب جي صلاح تي هُو پنهنجي ڀيڻ فاطمه جناح سان گڏ ٻيهر زيارت ريزيڊنسيءَ آيو، جتي هن زندگيءَ جا آخري 70 ڏينهن گذاريا. جتي هن جي نرسنگ سنڀال ’اي. ايس. ناٿيانيل‘ نالي نرس ڪئي. (جيڪا 2013ع ۾ وفات ڪري وئي.)

محمّد علي جناح صاحب 71 سالن، 8 مهينن، 27 ڏينهن جي ڄمارَ ماڻي، 11 سيپٽمبر 1948ع تي ڇنڇر جي رات 10:25 منٽن تي ڪراچيءَ ۾ هي جهان ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هو فقط هڪ سال 27 ڏينهن (392 ڏينهن) جيئرو رهيو. سندس جنازو سندس وفات جي ٻئي ڏينهن آچر 12 سيپٽمبر 1948ع تي منجهند 2:30 لڳي ڪراچيءَ ۾ پراڻي نمائش گرائونڊ تي واقع هڪ ٽڪريءَ تي ادا ڪيو ويو. سندس قبر کوٽڻ جو ڪم يوسف هارون ۽ سندس ساٿين انجام ڏنو، جڏهن ته مولانا شبير احمد عثمانيءَ سندس جنازي نماز پڙهائي. قوم جي ابي جي لاڏاڻي تي سڄي ملڪ ۾ 40 ڏينهن سوڳ ملهايو ويو. جناح صاحب جي مقبري جي سهڻي ۽ منفرد ڊزائن ’يحيٰ مرچنٽ‘ (1903ع ـ 1990ع) تخليق ڪئي. مزارِ قائد جي تعمير 1960ع ۾شروع ٿي ۽ 11 سال جاري رهي 1971ع ۾ پوري ٿي. هن جي اڏاوت جي پيڙهه جو پٿر هڪڙي آمرَ (ايوب خان) 31 جولاءِ 1960ع تي رکيو ته هن نئين تعمير ٿيل مقبري جو افتتاح 18 جنوري 1971ع تي ٻئي آمرَ (يحيٰ خان) ڪيو، جيڪو ان وقت پاڪستان جو صدر ۽ آرمي چيف هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.