ارسا ايڪٽ ترميم ۽ پيپلزپارٽي جو وقتائتو قدم

تحرير: مجتبا جوکيو

هن ملڪ ۾ پاڻي جي معاملي تي صوبن وچ ۾ تڪرار هلندا رهيا آھن ان کان اڳم به موجوده علائقي ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻي معاملي تي تڪرار هلندو رهيو 1945 پاڻي معاهدو ٿيو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جنرل ايوب جي دور ۾ پنجاب پنهنجا ٽي درياهه انڊيا کي کپائي ڇڏيا پوءِ سڄو زور پنجاب سنڌو درياهه جي پاڻي چورائڻ تي لڳائي ڇڏيو پوءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال بابت چيو ويو جڏھن به درياهه ۾ ٻوڏ ايندي تڏهن کلندو پر پنجاب اهو ڪينال سڄو سال واهيندو رهيو آھي ان کان پوءِ ٿل ڪينال به ٺاهي سنڌو کي سوگهو ڪيو ويو آھي.

ڄام صادق جي دور ۾ جڏھن ملڪ جو وزيراعظم نوازشريف هو ته صوبن وچ ۾ 91 ۾ پاڻي جو ٺاھ ٿيو جيڪو به تڪراري ٺاھ هو پر اڳتي هلي سنڌ ان ٺاھ تي عمل ڪرڻ جا مطالبا ڪندي رهي آھي پر پنجاب جي مفاد ۾ ٿيل ان 91 پاڻي ٺاھ تي به پنجاب توڙي وفاق عمل نه ڪندو رهيو آھي جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ رهي آھي خاص ڪري بدين ٺٽو سجاول سانگهڙ مير پور خاص عمرڪوٽ ضلعا شديد متاثر رهيا آھن. وقت به وقت وري ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ به جاري رکيو اچن. سنڌ جي ماڻھن جو ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڻي جي غير آئيني ورڇ خلاف شاندار جدوجهد رهي آھي اهو جنرل ضياء جو دور هجي يا نواز شريف جو يا آمر مشرف جو دور هجي سنڌ سراپا احتجاج ۾ رهي آھي.

پاڻي ٺاهه ۾ جيڪو ارسا ايڪٽ ٺھيو هو ان ايڪٽ تحت هر صوبي جو هڪ هڪ نمائندو ارسا جو ميمبر هو هڪ وفاق جو ميمبر هو ۽ واري واري سان انهن مان هڪ ارسا جو چيئرمين ٿيندو رهندو هاڻ وري وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ چاهي پئي جنهن تحت ارسا جو چيئرمين وزير اعظم مقرر ڪندو جيڪو ارسا جي ميمبرن مان نه هوندو پر وزيراعظم ڪنهن به 21 هين گريڊ جي حاضر سروس يا رٽائرڊ آفيسر کي مقرر ڪري سگهندو ان امڪاني ترميم تي سنڌ جي ماڻھن شديد ردعمل ڏنو ان کان پوءِ پيپلزپارٽي جي قيادت خاص طور ميڊيم فريال ٽالپر تڪڙو هڪ اجلاس گهرائي صوبائي وزيرن ۽ آبپاشي آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ فوري طور تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جون ٻيون سڀ ايجنڊائون ملتوي ڪري پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙي پاران 91 پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ خلاف ٺھراء پيش ڪرايو جيڪو متفقه طور منظور ڪيو ويو جنهن ٺھراءُ جي ايم.ڪيو.ايم .جماعت اسلامي ۽ پي.ٽي.آءِ به حمايت ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته 91 واري پاڻي ٺاھ تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي ۽ ارسا ايڪٽ 92 ۾ ڪابه ترميم نه ڪئي وڃي. ان تي بحث دوران صوبائي وزيرن توڙي اسيمبلي ميمبرن سخت جذباتي ۽ دليلن سان ڀرپور تقريرون ڪيون ۽ چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ ٽوڙڻ کان پاسو ڪري هنن پنهنجي تقريرن ۾ اهو به چيو ته اسان پاڪستان ان لاءِ نه ٺاهيو هو ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اسان جي جياپي جو سهارو اسان جو پاڻي به بند ڪيو ويندو پ.پ.پ اڳواڻن نثار کهڙو. سردار شاھ .ڄام خان شورو. ماروي راشدي. اسماعيل راهو. رياض شاھ شيرازي. ارباب لطف الله. سعديه جاويد سميت ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني جماعت اسلامي جي محمد فاروق خطاب ڪندي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان 91 وارو پاڻي ٺاھ تبديل ٿي ويندو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وفاقيت تي وار سمجهون ٿا. ماروي راشدي ته پنهنجي تقرير ۾ ان حد تائين به چيو ته بلوچستان ٻري پيو ڊڄو ان ڏينهن کان ته جي سنڌ جا ماڻھو به نڪري آيا ته ڇا ڪندا. سردار علي شاھ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي وفاق جو وار قرار ڏنو ان کان علاوه پيپلزپارٽي پاران قومي اسيمبلي ۾ به ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف احتجاج ڪيو نواب يوسف ٽالپر .شبير بجاراڻي.صادق ميمڻ ۽ غلام علي ٽالپر قومي اسيمبلي ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف سخت احتجاج ڪيو پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف اهي وقتائتا قدم آھن ڇو پيپلزپارٽي کي هر ڀيري سنڌ جو عوام چونڊي ٿو ۽ اهو پيپلزپارٽي جو فرض آھي ته هو سنڌ جي ماڻھن جي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ وفاق ۾ ويٺلن کي به سوچڻ کپي ته پاڻي صوبائي سبجيڪٽ آھي ان تي فيصلا ڪرڻ جو اختيار به صوبن جو آھي ارسا ايڪٽ ترميم جو وفاق جو فيصلو ملڪ ۾ ڏڦيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو ان ڪري وفاق کي سوچڻ کپي ڇو ته پاڻي زندگي آھي ان کان علاوه وفاق گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو پيو ڪري ۽ انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ پنج نوان اجگر واھ ڪڍڻ جو منصوبو جوڙيو آ جي اهي واھ نڪتا ته سنڌ سڪي ٺوٺ تي ويندي پيپلزپارٽي سميت سنڌ جي سمورن قومپرستن ۽ ساڃاھ وندن کي ان پاسي ڌيان ڏئي ڀرپور آواز اٿارڻ کپي.

ان امڪاني ترميم تي سنڌ جي ماڻھن شديد ردعمل ڏنو ان کان پوءِ پيپلزپارٽي جي قيادت خاص طور ميڊيم فريال ٽالپر تڪڙو هڪ اجلاس گهرائي صوبائي وزيرن ۽ آبپاشي آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ فوري طور تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جون ٻيون سڀ ايجنڊائون ملتوي ڪري پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙي پاران 91 پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ خلاف ٺھراء پيش ڪرايو جيڪو متفقه طور منظور ڪيو ويو. جنهن ٺھراءُ جي ايم.ڪيو.ايم .جماعت اسلامي ۽ پي.ٽي.آءِ به حمايت ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته 91 واري پاڻي ٺاھ تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي ۽ ارسا ايڪٽ 92 ۾ ڪابه ترميم نه ڪئي وڃي. ان تي بحث دوران صوبائي وزيرن توڙي اسيمبلي ميمبرن سخت جذباتي ۽ دليلن سان ڀرپور تقريرون ڪيون ۽ چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ ٽوڙڻ کان پاسو ڪري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.