ڇا توهان کي ڪاوڙ اچي ٿي ؟

تحرير: امر جليل

نامور ۽ دانشور ماڻهن جون ڳالهيون اوھان ٻڌيون آھن. انهن جي باري ۾ حيرت انگيز  ڳالهيون  مون بھ ٻڌيون آهن. ٻڌو آهي ته وڏا صابرين  ھوندا هئا.دعاگو رهندا ھئا، دشمن انھن لاءِ خراب چاھيندا ھئا.انهن کي نقصان پهچائيندا هئا. پر اھي پاڻ ڪنهن جو برو نھ چاھيندا ھئا.ڪنھن کي بد  ُدعا نھ ڏيندا ھئا. پنهنجي دشمنن جي ڀلائي چاهيندا ھئا. انهن کي سڌي رستي تي ڏسڻ لاءِ دعائون گھرندا ھئا. مونکي سڀني کان وڌيڪ جنهن ڳالهه متاثر ڪيو، اھا  ڳالھه ھي آھي ته اسان جي بزرگن کي ڪاوڙ نھ ايندي ھئي.اھي طيش ۾ نھ ايندا ھئا، اهو ئي سبب آهي جو ھنن جي وات مان غلط يا غليظ  لفظ ڪڏھن نه نڪرندو هو.صاحبِ فھم ماڻھن جون ڳالھيون پڙھي ڪري ۽ ٻڌي ڪري  مان حيران ٿيندو ھوس ۽ ھاڻي به حيران ٿيندو آهيان.مان سوچيندو رھندو ھوس تھ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ھڪ انسان کي ڪاوڙ نھ ايندي ھجي.کِلڻ،ُروئڻ،خوش ٿيڻ، غمگين ٿيڻ وانگر ڪاوڙ اچڻ طبعي ۽قدرتي عنصر آھي. ٻين عنصرن وانگر، ڪاوڙ به انسان جي اندر ۽ ان جي وجود ۾ موجود ھوندي آهي. تنهن ڪري ڪاوڙ تي قابو پائي وٺڻ واري  ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر صداقت سان چئي ڇڏڻ ته فلاڻي بزرگ کي ڪاوڙ نٿي اچي، فقير جي سمجهھ کان مٿي جي ڳالھھ آھي.توهان ڇا دعويٰ سان چئي سگھو ٿا تھ توھان  ڪنھن اھڙي شخص کي سڃاڻندا  ھجو.جنھن کي توھان ڪاوڙ ۾ ايندي نھ ڏٺو ھجي ؟  يا ڪنھن اھڙي شخص کي سڃاڻندا ھجو جنھن کي توھان ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿيندي يا طيش ۾ ايندي نھ ڏٺو هجي؟  ُٻڌل ُٻڌايل حڪايتن تي اعتبار ڪري وٺڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، منھنجا ڀاءُ .

ھلو،ٻين جون حيرت انگيز ڳالھيون ُٻڌڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏيون.توھان پنھنجي ڳالھھ ٻڌايو . توھان کي ڪاوڙ  اچي ٿي ؟باس جي بدمزاجي ۽ بدتميزي ڏسي ڪري توھان ڪاوڙ ۾ ڳاڙھا نھ ٿي ويندا آھيون ؟ پر توھان ڪجهه نھ ٿا  ڪري سگهو. بدتميز ماڻھون توهان جو باس يا بوس آهي. هو  بيٺي بيٺي توھان کي ملازمت مان فارغ  پڻ ڪري سگهي ٿو. ڪاوڙ جو لائو توهان جي اندر ۾ پچندو  رهندو آھي.گهر پهچڻ کان پوءِ توھان پنھنجي ڪاوڙ ٻارن ۽ زال تي ڪڍو ٿا. توهان ڪڏهن اھڙي طرح جي ڪيفيت مان گذريا  آهيو؟ ضرور گذريا ھوندا  پر توهان ڪڏهن  قبول نه ٿا ڪريو.مان به قبول نه ٿو ڪريان.

مان اهو به قبول نه ٿو ڪريان ته مون کي ڪاوڙ ايندي آھي. اھو ايترو وڏو ڪوڙ آھي جو ان جو توڙ ڪڏھن نھ ٿا تلاش ڪري سگھون. ڪاوڙ اچي ٿي. سڀني ماڻھن کي ڪاوڙ اچي ٿي، ڪنھن کي گھٽ،ڪنھن کي وڌيڪ  ڪاوڙ ايندي آھي.تڏھن اھي گھڻو ڪجھه ڊاھي ڦِٽائي ڇڏيندا آھن.ٻين سان گڏ پنھنجو نقصان ڪري ڇڏيندا آهن. حد کان وڌي وڃڻ بعد ڪنهن جي حياتي بھ کسي سگھن ٿا. پنهنجي حياتي ڏئي سگهن ٿا. ايترين ۽ ان قدر ڀيانڪ  وارداتن باوجود، ڪو شخص قبول نه ٿو ڪري ته کيس ڪاوڙ اچي ٿي.

ڪاوڙ جي باري ۾ مون بھ وڌيڪ ذهين ۽ پڙهيل لکيل نيڪ بندن  جا قول حفظ ڪري رکيا  آهن. جڏهن به مون کي ڪاوڙ ايندي آهي ته مان سونهري قولن جو ورد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آھيان. هڪڙو حوالو مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو آھي.حوالو آھي ته دنيا جا سڀئي مذهب ڪاوڙ تي مڪمل ضبط کي افضل عبادتن ۾ شمار ڪن ٿا. مون ڏٺو آهي ۽ محسوس بھ ڪيو آهي ته اسان پاڻ کان ڪمزور ۽ بي وس تي ڪاوڙ ڪڍڻ ۾ دير نٿا ڪريون.ان ناتوان جو خراب حشر ڪري  ڇڏيندا آھيون، پاڻ کان وڏي ۽ طاقتور تي اسين پنھنجي ڪاوڙ  ڪڍي نھ ٿا سگهون. ڪاوڙ تي عمل نه ٿا ڪري سگھون. ڪاوڙ تي مڪمل ڪنٽرول ڪري وٺندا آھيون.اھڙي قسم جي ڪاوڙ تي پابنديون افضل  عبادتن ۾ ڳڻيون وينديون  آهن. مطلب ڪجهھ ھيئن آھي تھ اقتدار ۾ ويٺل ،طاقتور ۽ ڏاڍي جون بدتميزيون،زيادتيون،صبر سان سھڻ، توھان جي ڪيفيت جو شمار اعليٰ بندگين ۾ ٿئي ٿو.بي وسي ۾ طاقتور جابر جي حقارت،بي عزتي ۽بد زباني کي مجبورن برداشت ڪرڻ جي ڪري ماڻھون  اسان کي وڏو نيڪ ۽ صابر سمجهن ٿا، اسان جو جھڪيل ڪنڌ ڏسي ماڻھو اسان کي تحمل مزاج سمجھن ٿا.جابر تي ڪاوڙ تھ اسان کي اچي ٿي، پر اسين ڪجھه ڪري نھ ٿاسگھون.

اسان خودڪشي تھ ڪري سگهون ٿا، پر جابر ۽ بي رحم جو وار ونگو نٿا ڪري سگھون. عالم ۽ فاضل اسان جي بيوسيءَ کي اعليٰ ترين عبادت ۾ شمار ڪندا آھن.بي مقصد ڳالھھ جو مطلب آھي تھ ايترو ڪجهھ ٿي وڃڻ باوجود اسين قبول نھ ٿا ڪريون تھ اسان کي ڪاوڙ ايندي آھي.ڪاوڙ ايندي آھي ڀاءُ. بي انتھا ڪاوڙ ايندي آھي.ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ اسين ڪجهھ بھ ڪري سگھون ٿا. ڪنهن کي تباهه ڪري سگهون ٿا. پاڻ کي تباهه ڪري سگهون ٿا. پر اسين ضد تي ھوندا آھيون تھ اسان کي ڪاوڙ نھ ايندي آھي.

پر مون ھڪ شخص ڏٺو آهي، جنھن کي ڪاوڙ نھ ٿي اچي. بزرگ آهي.ايترو ئي پراڻو آھي جيترو شھر ڪراچي… ڪڏهن ڪڏهن  تھ  مون کي آثار قديمھ مان اٿي آيل لڳندو آھي، هن دورن جا عروج ۽ زوال ڏٺا آهن. ھن کان جڏهن  پڇيو وڃي ٿو ته دادا ، اسان جي ملڪ جو ڪھڙو حال آهي؟ تڏھن  مسڪرائي چئي  ٿو، ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري رھيو آهي.حڪمران يونيورسٽين جا پڙھيل لکيل  آهن.سڄي دنيا جي منڊين ۾  اسان جا چانور، ڪڻڪ، مصالحا، ميوا ۽ ڀاڄيون وڪامن ٿيون.ڪارخانا ۽ ملون ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا، اسان جا ٺاھيل  ڪپڙا يورپ، آمريڪا، عرب ملڪن ۽ چين ۾ ھٿ و ھٿ وڪامجن ٿا. سموري دنيا ۾ پاڪستاني ھنرمندن جي طلب آھي،ڊمانڊ آھي. ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو اعليٰ تعليم لاءِ اسان جي ملڪ کي ترجيح ڏين ٿا. اسان سڄي  دنيا جي غريب ملڪن جي  امداد ڪريون ٿا. آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ايشيين ڊيولپمينٽ  بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي اداران جي مالي مدد ڪريون ٿا .ُپر اسرار حضرت مٺي لهجي ۾ ڳالهائي ٿو،ھن کي ڪاوڙ ڪڏهن نه ٿي اچي. اهڙو ھڪ شخص مون ڏٺو آهي.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.