آمريڪي چونڊن جو مقابلو سخت ٿي ويو،ٻنھي اميدوارن ۾ مارجن جو گھٽ فرق آھي.

آمريڪا جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پنج نومبر تي 5 نومبر تي ووٽ وڌا ويندا.ھاڻوڪين ٿيندڙ  چونڊون ۾ ھڪ نئون موڙ تڏھن آيو جڏھن ٻھ مھينا اڳ صدر جو بائيڊن چونڊن جي ميدان مان نڪري ويو ۽ ان سان گڏ ئي نائب صدر جي عھدي لاءِ اميدوار ڪملا هيرس جي صدارتي اميداور طور حمايت جو اعلان ڪيو.

هاڻي دلچسپ سوال ھي آهي ته  هن اليڪشن  ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو صدر بڻجندو يا آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا عورت صدر ٿيندي؟ چوندن کان اڳ صورتحال کي جاچڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ جائزي واريون ۽ سروي رپورٽس جاري ٿينديون رھن ٿيون.جنھن ۾ ھڪ خاڪو جڙندو رھي ٿو. ھن وقت ڪنهن کي برتري حاصل آهي؟ صدر جو بائيڊن جي چونڊن مان نڪري وڃڻ واري ڏينھن تائين عوامي راءِ  اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حق ۾ اچي رھي ھئي.جو بائيڊن جي چونڊن تان ھٿ کڻڻ بعد جي ڪيل پولز مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪملا هيرس اڳتي اچي رھي آھي ۽ پر صورتحال ڪا گھڻي چٽي نھ آھي.پر صدارتي ريس سخت ٿي وئي آهي.ڪملا  هيرس مهم کي ھن وقت  جي قومي راءِ جي سروي ۾ پنهنجي مخالف تي ٿورڙي برتري حاصل ٿي آھي.

شڪاگو ۾ پنهنجي پارٽي جي چئن ڏينهن واري ڪنوينشن دوران ڪملا هيرس جي ڪاميابيءَ جا 47 سيڪڙو امڪان وڌي ويا آهن. 22 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ پنهنجي اختتامي تقرير ۾ هن  شھرين  سان ” اڳتي وڌڻ جي هڪ نئين رستي“ جو وعدو ڪيو.  ان تقرير بعد ھن جي برتري ۾ ٿورڙو اضافو ٿيو آھي. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ جي پوائنٽن  جي سراسري  44 سيڪڙو  آھي،يعني ھن جي پوزيشن  نسبتاً مستحڪم رهي آهي. آزاد اميدوار رابرٽ ايف ڪينيڊي جي توثيق کان پوءِ به ڪو خاص اضافو نه ٿو آهي. رابرٽ ايف ڪينيڊي 23 آگسٽ تي صدارتي اليڪشن تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو. جيتوڻيڪ اهي راءِ شماري ۽ پولز  ان ڳالهه جو اشارو ھوندا  آھن تھ هڪ ملڪ ۾ ڪھڙو صدارتي اميدوار ڪيترو مقبول آهي، پر چونڊ جي نتيجن جي اڳڪٿي ڪرڻ جو اھو ڪو درست طريقو نه آهي.

آمريڪا ۾ 50 رياستون آهن، پر ڇاڪاڻ ته انهن مان اڪثر  هڪ ئي پارٽي کي ووٽ ڏينديون آهن، حقيقت ۾ تمام ٿورڙيون رياستون آهن جتي ٻنهي اميدوارن جي کٽڻ جا برابر موقعا آهن. هي اهي رياستون آهن جن ۾ چونڊون کٽيون ۽ هارايون وڃن ٿيون ۽ اصل جنگ جي ميدان طور سڃاتيون وڃن ٿيون.

آمريڪا ۾ ست رياستون آهن جتي اھڙي مقابلي جو امڪان آهي، ۽ جن جا سامھون ايندڙ پول ۽ جائزا ڪافي مقابلي وارا نظر اچي رھيا آهن. ان ڪري اھو سمجھڻ ڏکيو آھي تھ اتي ڪير اڳتي ۽ ڪير پوئتي آھي. قومي سروي جي ڀيٽ ۾ رياستي سطح تي گهٽ پول ٿين ٿا. تنهنڪري اھو سمجھڻ لاءِ گهٽ ڊيٽا ھوندي آهي. سامھون آيل تازا سرويز  ڏيکارين ٿا ته ستن رياستن مان ڪجھه رياستون آهن جتي ٻنھي صدارتي اميدوارن جي وچ ۾ مقبوليت جو فرق تمام گهٽ آهي (يعني ڪو به واضح طور تي اڳتي نه آهي). جنھن ۾ پنسلوانيا جي اھم رياست پڻ شامل آھي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ آھن ۽ ان رياست ۾ ڪاميابي ذريعي فتح لاءِ گھربل  270 ووٽن تائين پھچڻ آسان ٿي ويندو آھي. پنسلوانيا، مشي گن ۽ وسڪونسن  رياستون روايتي طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا مضبوط قلعا رهيا آهن، پر ٽرمپ انهن کي 2016 جي صدارتي اليڪشن  ۾ لوڙھي ويو ھو،يعني اتان ريپبلڪن کي فتح ملي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.