پشاور (ويب ڊيسڪ) نسوار جو استعمال سڄي پاڪستان ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪا صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
خيبر پختونخواهه جي پبلڪ هيلٿ کاتي نسوار کي وات جي ڪينسر جو سبب بڻجڻ واري عملن جي ٽاپ 10 جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
خيبر پختونخواهه ۾ نسوار جو استعمال وات جي ڪينسر سميت ٻين مرضن جو سبب بڻجڻ لڳو، پبلڪ هيلٿ کاتي نسوار کي ان مرض جو ڪارڻ بڻجندڙ 10 عملن جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.
پبلڪ هيلٿ کاتي جي محقيق موجب ڪي پي ۾ 80 سيڪڙو مرد نسوار جو استعمال ڪندا آهن، پشاور ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر طاهر موجب نسوار ۾ موجود ڪيميڪلز نيڪوٽين، افلاٽوڪسن هڪ لک مان 84 ماڻهن ۾ ڪينسر جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
هوڏانهن نسوار جي استعمال بابت شهرين جو مليل جليل ردعمل سامهون آيو، ڪن ان کي سالن کان هلندڙ روايت جو حصو چيو ته ڪن وري نسوار تي پابندي جو مطالبو ڪيو.