ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مسلسل لوڊشيڊنگ کان عوامي نمائندا به تنگ اچي ويا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪرڻ جو ٺهرءُ پيش ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي آزاد پارلياماني ميمبر سجاد سومري طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار به حمايت ڪئي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري عوام ڏاڍو پريشان آهي، ڪي اليڪٽرڪ عوام جي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو، ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف اسيمبلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيڻ گهرجي.
ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي علي خورشيدي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بابت اسيمبلي جي ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي.
ايوان ڪي اليڪٽرڪ بابت ٺهراءُ منظور ڪندي سنڌ اسيمبلي جي 11 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙيڇڏي، جيڪا ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي.
You might also like