ايشيا جي هلندڙ سال جي سڀ کان طاقتور سامونڊي طوفان ”ياگي“ جون اتر ويٽنام ۾ تباهيون جاري آهن، ان طوفان جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر کي به وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ويٽنام ۾ طوفان سبب مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 65 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 750 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ 39 گم آهن.
طوفان سبب اتر ويٽنام ۾ هڪ پل ڪِري پئي، جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻي ۾ وَهي ويون، اڪثر فوتگيون مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ سبب ٿيون آهن.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويٽنام ۾ طوفان کانپوءِ تقريبن 15 لک ماڻهو بجلي کان محروم آهن.
اختيارين موجب توڙي جو طوفان هاڻ ڪمزور ٿي ويو آهي پر اولهه ڏانهن وڌندي ئي وڌيڪ تباهي مچائيندو، ان سلسلي ۾ ويٽنام جي سامونڊي علائقن مان تقريبن 50 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ويٽنام جي اتر صوبن ۾ اسڪول عارضي طور بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته امدادي ڪارروائين لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي آهي.
ياگي ويٽنام ۾ 30 سالن دوران ايندڙ سڀ کان طاقتور طوفان آهي، جيڪو فلپائن ۽ چين ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن ويٽنام سان ٽڪرايو هو.
You might also like