عجيب واقعو، مٽي نه کارائڻ تان عورت مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي!

مصر ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي عورت مٽي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر مڙس جي انڪار تي هوءَ خلع لاءِ عدالت پهچي وئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ طلاق به ٿي وئي.
پوءِ عورت طرفان مٽي کائڻ جو اهم سبب سامهون آيو، جنهن کي ڄاڻي سندس مڙس به پريشان ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب مصر ۾ مٽي جي معاملي تي مڙس کان خلع وٺندڙ عورت ”پيڪا سنڊروم“ ۾ مبتلا آهي، اها ڳالهه سامهون ايندي ئي متاثر عورت جي علاج لاءِ مهم به شروع ٿي وئي آهي، ان بيماري جي شڪار مريض کي مٽي کائڻ جي عادت پئجي ويندي آهي.
اها مصري عورت هاڻ مٽي کائيندڙ عورت جي لقب سان مشهور ٿي وئي آهي، ان جي علاج لاءِ ٻن صحافي عورتن آڇ ڪئي آهي، براڊ ڪاسٽرز مفيده شحيه ۽ سهير جوده انڪشاف ڪيو ته پيڪا نالي مرض جو علاج نفسياتي طريقي سان ڪيو ويندو آهي.
هنن چيو ته مٽي کائيندڙ عورت کي مصر جي مشهور نفسياتي ماهر نبيل القط وٽ وٺي وينداسين، زال مڙس ۾ اختلاف جو سبب رڳو مٽي آهي، انهن جو هڪ ننڍو ٻار به آهي، جنهن کي والدين طرفان سار سنڀال جي ضرورت آهي.
عورت جي مڙس جي وڪيل موجب زال مڙس ۾ هاڻ خلع ٿي چڪي آهي پر مڙس زال جي علاج کانپوءِ ٻيهر نڪاح لاءِ تيار آهي ۽ گڏيل رضامندي سان پنهنجي زال ۽ ٻار کي گهر واپس آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.