ڊسمبر1971ع ۾ مشرقي پاڪستان جي عليحدگي ۽ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان سنڌ جي شاگرد سياست ۾ نون لاڙن ۽ هڪ نئين صف بندي جو آغاز ٿيو ،کاٻي ڌر جي ترقي پسند سوچ جي حوالي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ته ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ون يونٽ وارن ڏھاڙن ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي. سائين جي ايم سيد جي قومپرست نظرئي پٺيان اقبال ترين ، شاهه محمد شاهه ،مدد علي سنڌي ۽ ٻين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ وري جن شاگرد اڳواڻن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت نه ڪئي هئي انهن مان وري لالا قادر ۽ ڪجهه شاگرد اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي جن جو منشور سنڌي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائڻ ھو.
اڳتي هلي لالا قادر، روشن پنهور، غلام مصطفي ڀٽو ۽ ٻين ممتاز علي ڀٽي جي چوڻ تي سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي سنڌ جي قومپرست شاگرد سياست جي مدمقابل ۽ سنڌي شاگردن ۾ پ پ پ حامي تنظيم جي ضرورت جي پيش نظر سپاف ۾ تبديل ڪيو. ڀٽو سرڪار وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي شاگرد سياست ۾ مجموعي طور ٽي شاگرد تنظيمون جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سپاف سرگرم رهيون. ڀٽو صاحب 1973ع ۾ سيد غلام مصطفي شاهه کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو، جڏھن ته مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي کي اڃا يونيورسٽي جو درجو نه مليو هو. سو اها مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشورو طور ڪم ڪندي هئي پرنسپال ڊاڪٽر افغان کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو ان جي جاءِ تي ، ڊاڪٽر اي ايف عباسي انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو هو. غني درس ٽنڊو الهيار وارو انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو ، يوسف جکراڻي ، اسرار سرڪي ، شاهنواز شاهه ان دور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم اڳواڻ ليکيا ويندا هئا.
يوسف جکراڻي جي قيادت ۾ جيئي سنڌ سان وابسته شاگردن جو هڪ ٽولو اهڙو به هو، جنهن کان عام شاگرد ڇرڪندا ۽ لهرائيندا هئا اهڙي طرح شاگردن جو هڪ ٻيو ٽولو وري انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشورو ۾ پير منور ، غازي بروهي وارن جي سربراهيءَ ۾ سرگرم هوندو هو، جنهن کان پڻ عام شاگرد ڊڄندا هئا. وڏي بدقمستي اها هئي جو مٿي بيان ڪيل ٻئي گروپ هڪٻئي جا مخالف هئا. هڪ ڏينهن انجنيئرنگ ڪاليج جي امتحانن جي تاريخ ۽ رزلٽ جي سلسلي ۾ ڪاليج جي شاگردن ڪاليج ۾ جنرل باڊي گهرائي هئي. ان جنرل باڊيءَ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان غازي بروهي ۽ شاهنوار شاھ جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي. غازي بروهي جو تعلق پير منور وارن سان هو، جڏهن ته شاهنوار شاھ جو واسطو يوسف جکراڻي گروپ سان هو. ان تلخي جي نتيجي ۾ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ انا جو مسئلو پيدا ٿي پيو.ڪاليج ۾ ٿيل جهڙپ جي خبر جڏهن يوسف جکراڻي کي پئي ته هو جذباتي ٿي ويو ۽ چند دوستن سان اچي ڪاليج پهتو، ان دوران سڀ شاگرد ٽڙي پکڙي ويا هئا. يوسف جکراڻي هٿيارن سان ڪاليج جي ڪينٽين ۾ به آيو پر اتي سندس مخالف گروپ جو ڪو به سرگرم شاگرد نظر نه آيو ڪينٽين کان ٻاهر نڪتو ته سندس نظر غني درس تي پئي جيڪو ان وقت ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو. غني درس جي دوستي پير منور گروپ جي همراهن سان ضرور هئي، پر هو اهڙي فسادي ماحول ۽ جهڳڙن کان پري ڀڄندڙ هو. يوسف جکراڻي غني درس تي فائر ڪيا، پر هو ڪافي پري هو. اتفاق سان پرنسپال ڊاڪٽر عباسي به ان وقت ڪاليج اچي رهيو هو، جنهن غني درس کي ڪار ۾ ويهاري، ڪار کي ڊوڙائي پاڻ کي به ۽ غني درس کي به بچايو، ڇاڪاڻ جو ان دوران يوسف جکراڻي ڪار تي به فائر ڪري رهيو هو . ان کانپوءِ يوسف جکراڻي، سر سيد هاسٽل ۾ غازي بروهي جي ڪمري تي آيو، پر غازي بروهي ان وقت هاسٽل ۾ نه هو. احمد خان جمالي انهن ڏينهن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريش جو مرڪزي صدر ۽ نظير عباسي جنرل سيڪريٽري هو، احمد خان جمالي سر سيد هاسٽل ۾ رهندو هو سندس يوسف جکراڻي سان سٺي دعا سلام هئي ته پير منور وارن سان به سندس سٺا تعلقات هئا. احمد خان جمالي يوسف جکراڻي کي هٿ ٻڌي چيو ته :يوسف، اوهان کي سنڌ جو قسم آهي ايئن نه ڪيو ۽ پاڻ ۾ نه وڙهو. پر جيئن ته يوسف جکراڻي ان وقت سخت ڪاوڙ ۾ هو ان ڪري هن احمد خان جمالي جي هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجن مخالفن لا۽ گٿا لفظ ڳالهائيندو هاسٽل مان هليو ويو.
تاءَ واري ان ماحول ۾ ٻئي گروپ ٽولو ٺاهي هلندا هئا. ڪوشش اها هئي ته هڪ ٻئي جي سامهون نه اچن ۽ ايئن ڪافي ڏينهن بلڪه مهينا گذري ويا. پير منور، عيسيٰ جمالي ۽ سائين بخش لغاري وارا انجنيئرنگ ڪاليج مان پاس ڪري وڃي نوڪرين سان لڳا ۽ يوسف جکراڻي پڻ يونيورسٽي مان آخري سال جي امتحان مان فارغ ٿيو ته هڪ رات يوسف جکراڻي، اسرار سرڪي، شاهنواز شاهه ۽ سندس ساٿين رات جو انٽرنيشنل هاسٽل جي ان ڪمري ۾ وڃي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سندن مخالف گروپ سان واسطو رکندڙ علي مردان شاهه، جان احمدکُهرو ۽ عبدالمجيد جمالي ۽ سندس ٻيا ڪجهه دوست ويٺل هئا.فائرنگ جي نتيجي ۾ علي مردان شاهه ۽ جان احمد کُهرو ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته عبدالمجيد جمالي سخت زخمي ٿيو، جنهن کي پيٽ ۾ گولي لڳي هئي.رات جو وقت هو ۽ ڪافي رات گذري چڪي هئي، علي نواز ڪلهوڙو ان وقت انٽرنيشنل هاسٽل جو پرو ووسٽ هو. پير مظهرالحق ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن جو انچارج ۽ وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو پي آر او هو. زخمي کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو ان واقعي سان سڄي يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشورو جو مجموعي ماحول اُداس ٿي ويو.
علي مردان شاهه نوان جتوئي جو رهواسي هو، خوبصورت، جذباتي ۽ عجيب نوجوان هو. شاعر به هو، سندس تخلص رقصم هو. علي مردان شاهه جو والد جڏهن ڄامشوري سندس لاش کڻڻ لاءِ آيو ته ڏاڍو ڏکارو هو، وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڏوراپا ڏنائين ۽ چيائين ته منهنجو پُٽ شهيد آهي. علي مردان شاهه جو والد بيشڪ بهادر ۽ هڪ سٺو پيءُ هو. علي مردان شاهه کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.جان احمد کُهرو، دادو جو رهواسي هو، ماءُ پيءُ جو اڪيلو پُٽ هو، غريب خاندان سان سندس واسطو هو. غربت به ايتري جو ڪاليج ۽ هاسٽل جا خرچ به نه ڀري سگهندو هو. جيئن ته علي مردان شاهه به تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي هئي، ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ سُٺي دوستي هئي. هن افسوسناڪ واقعي سان سنڌ جي شاگرد تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو .ڏاڏي آدم واري قصي ۾ جيئن هابيل قابيل وارو معاملو انساني تاريخ جو پهريون قتل قرار ڏنو ويو .تيئن سنڌ جي درسگاهن ۾ قتل جي حوالي سان هي پهريان قتل هئا. اڳتي هلي 1992ع ۾ يوسف جکراڻي کي ڳجها ادارا کنڀي کڻي ويا ۽ 22جون 1992ع تي انهن جي تحويل ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
ستار موريو جو نالو پهريون دفعو انهن ڏينهن ۾ ٻڌو هو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم هو ۽ ڀٽي صاحب انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي واحد ڊگري ڪاليج ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ آمريڪا ۾ مقيم هڪ اردو ڳالهائيندڙ ماهرتعليم پي ايڇ ڊي هولڊر ڊاڪٽر شبيه حيدر رضوي کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو اچي لاڙڪاڻي جي واحد ڊگري ڪاليج جي پرنسپل طور پنهنجا فرض ادا ڪري. ڊاڪٽر شبيه حيدر رضوي ذوالفقار علي ڀٽي سان انڪار نه ڪري سگهيو ۽ آمريڪا ڇڏي اچي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال طور چارج سنڀالي.
هي اهي ڏينهن هئا جڏھن سنڌ جا تعليمي ادارا سائين جي ايم سيد جي ڏنگن ٻارن جي داٻي جي زير اثر هوندا هئا.پروفيسر شبيه حيدر رضوي جي لاڙڪاڻي ڪاليج جي چارج وٺندي ئي سالانه امتحان شروع ٿي ويا هلندڙ امتحانن دوران هڪ ناخوشگوار واقعو پيش آيو امتحان دوران جيئي سنڌ سان وابسته هڪ سرگرم اڳواڻ ستار موريو کي پرنسپال شبيه حيدر رضوي ڪاپي ڪيس ڪري امتحاني مرڪز مان ڪڍي ڇڏيو ڪن جو چوڻ آھي ته پرنسپال کي شڪ ٿيو ته ڪاپي مواد ستار موريو جي شلوار ۾ لڪل آھي ۽ پرنسپال کيس شلوار جي تلاشي لاءِ چيو بحرحال پرنسپال شبيه حيدر ستار موريو کي پرچو ڪرڻ نه ڏنو ۽ کيس سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو . پرنسپال شبيه حيدر ڪاليج جي سرڪاري رهائش گاه ۾ رهندو هو جيڪا ڪاليج بلڊنگ سان گڏ وک پنڌ تي هوندي هئي ، ان رات ئي هڪ ٻيو واقعو ٿيو رات جي وقت پرنسپال شبيه حيدر رضوي کي ڪي نامعلوم هٿيار بند سندس رهائش گاهه تي گوليون هڻي ماري ويا. پروفيسر شبيه حيدر جي خون جو الزام جيئي سنڌ اڳواڻن ستار موريو ، علي حيدر شاهه ۽ مظفر بليدي مٿان لڳو ، اها خبر جڏھن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي پئي ته هن لاڙڪاڻي جي ايس پي محمد پنڃل جوڻيجو ۽ ڊي سي خالد احمد خان کرل کي سخت حڪم جاري ڪيا ته ڪنهن به صورت ۾ جوابدار گرفتار ٿيڻ کپن.
اڃان ان واقعي کي ٿورو عرصو ئي گذريو ته سنڌ جي وڏي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينه جو وزير ٽرانسپورٽ بديع الحسن زيدي حيدرآباد مان هڪ ميٽنگ ختم ڪري واپس حيدرآباد وڃي رهيو هو ته ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ٽول پلازا ڀرسان کيس نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا، سرڪار پيرا وڃي سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ هنيا ان واقعي بعد حڪومت جيئي سنڌ جي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو، جيتوڻيڪ شهيد نظير عباسي جو تعلق جيئي سنڌ سان نه هو ته به سندس مٽن مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو سرڪار آخر وزير ٽرانسپورٽ کي سانگهڙ ضلعي جي زرعي فارم تان بازياب ڪرايو، انهن واقعن ۾ ملوث هئڻ جي الزام هيٺ ستار موريو، حبيب الله ناريجو ،سيد علي حيدر شاهه ۽ ٻيا جيلن ۾ موڪليا ويا، بحرحال اهي شروعاتي واقعا هئا جن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ داٻا ڪلچر ۽ ڌاڙيل ڪلچر جو بنياد رکيو اڳتي هلي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪافي شاگردن جو قتل ٿيو ، اغوا براءِ تاوان لاءِ مغوي ڪيل ماڻھن کي هاسٽلن ۾ رکيو ويو، سنڌ جون هاسٽلون ڪشمير خان ، پرو چانڊيو ، سليمان بليدي ،جانو آرائين جهڙن ڌاڙيلن جون محفوظ پناه گاهون بڻيون .جيتوڻيڪ اڄ يوسف جکراڻي ، حبيب الله ناريجو ،ستار موريو ،مظفر بليدي ۽ ٻيا هن دنيا ۾ ناهن رهيا پر سندن عملن جي ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ،شاگرد سياست ۽ تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو.
(سوشل ميڊيا تان کنيل)