سنڌ جي آبادگارن ۽ قومپرستن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي سنڌ سڪائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو.ھنن جو چوڻ ھو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ھڪ ئي ڌڪ سان سنڌو درياھھ جي پاڻي تي مالڪي وارو حق وڃائي ويھي رھنداسين، سنڌ جي نصيب ۾ رڳو بنجر زمينون ھونديون، ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون خانگي ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏيڻ واري فيصلي کي قبول نھ ڪيو ويندو.
حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم پاران ”زراعت بچايو، سنڌ بچايو“ سيمينار ڪرايو ويو جنھن ۾ سنڌ جي قومپرستن ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماھرن شرڪت ڪئي.جن جو چوڻ ھو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ زمينن جي نيلامي تي اسيمبلين ۾ ويٺل سنڌ سان تعلق رکندڙ نمائندا خاموش ھجڻ سان گڏ ان سڄي عمل ۾ حصيدار آھن، جنھن جو کين سنڌ جي ماڻھن کي جواب ڏيڻو پوندو، اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي پاڻي تي سوديبازي کين مھانگي پوندي.
سنڌ سان پاڻي ۽ ناڻي جي سلسلي ۾ ھر وقت کان زيادتيءَ ٿيندي رھي آھي.ھڪ تھ اڳ ئي سنڌ کي مقرر ڪيل فارمول موجب پاڻي جو حصو نٿو ملي، ان سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي.ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي ۽ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي جون زمينون ڳڙڪائي رھيو آھي.
سنڌ ۾ اھو خيال ھاڻي پڪو ٿي رھيو آھي تھ پنجاب هر معاملي ۾ سنڌ سان ظلم ڪندو رهيو آهي، انگريز دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٿيل 1945ع واري پاڻي ٺاهه جي پنجاب پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 91ع تائين ڀڃڪڙي ڪندي آيو آھي.پنجاب جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿي آهي ۽ سنڌ جي 40 لک کان وڌيڪ زمين غير آباد ٿي وئي آھي.پنجاب ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ چابهار ڪئنال سميت ٻين طريقن سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو آھي.
.جنھن سان ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 91ع پاڻي ٺاهه موجب 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، لکين ايڪڙ زمين سنڌ جي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، ماهيگيري کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي بدترين مارشل لا جو ثبوت آهي.
سمينار کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهھ خطاب ڪندي چيو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو مقصد نئين ڪمانڊ ايريا ٺاھڻ آھي. نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلو ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ناھي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۾ ڪيترائي منصوبا اچي وڃن ٿا، پر گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي وري نيون رٿائون آھن، ان ئي بنياد تي زراعت جي شعبي ۾سنڌ دشمن رٿائون آنديون پيون وڃن.
سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهھ جو چوڻ ھو تھ ٻوڏ ۽ ڪورونا جي وبا دوران جنهن رڳو زراعت واري شعبي جي سٺي ڪارڪردگي رهي. پر هتي زراعت جا فيصلا زراعت کان لاتعلق ماڻهو ڪري رهيا آهن. ٻڌو پيو وڃي تھ سنڌ حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ جي سرڪاري سطح تي خريداري نھ ڪرڻ بابت ويچاري رھي آھي.ڇاڪاڻ جو ڪڻڪ گودامن ۾ پيل آھي.اھڙو ڪو بھ فيصلو زراعت کي ڪاپاري نقصان ڏيندو.
سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر موجب سنڌ تي تمام ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ کي برباد ڪندي، گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي تحت 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، پر هي ان کان گهڻو وڌيڪ زمين آباد ڪندا. هن چيو ته سنڌ جا نمائندا ئي اهو سنڌ دشمن فيصلو اسيمبلين ۾ قبول ڪري رهيا آهن، اهي اسيمبلي ميمبر ڪهڙو منهن کڻي سنڌ ۾ گهمندا ؟.
سيمينار ۾ٺھراءَ منظور ڪري مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي نقصان کان بچايو وڃي. صدارتي حڪم تحت ارسا ۾ ڪا به ردوبدل آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙي آهي ان ڪري اهو حڪم نامو فوري طور واپس ورتو وڃي. سنڌ ۾ ٿيندڙ زرعي تحقيق ۽ ان جو ابلاغ غير معياري آهي ان ڪري زراعت جي مختلف کاتن کي يڪجا ڪري هڪ عالمي معيار جو سيڪريٽريٽ ٺاهيو وڃي ۽ ان جي سيڪريٽريٽ تحت فصلن، چوپائي مال، ٻيلن ۽ ماهيگيري تي جديد تحقيق ڪري آبادگارن تائين پهچائي وڃي ته جيئن زراعت صنعت جو درجو حاصل ڪري سگهي.
سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ جديد طرز جون زرعي منڊيون قائم ڪيون وڃن. سنڌ ۾ سمنڊ ۾ چاڙهه جي ڪري شاخن ۽ واهن جي سيمي سبب ساليانو هزارين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ورچڙهي وڃي ٿي. سامونڊي پاڻي کي روڪڻ، واهن ۽ شاخن جي سيمي تي ڪنٽرول ڪرڻ سميت زمينن کي هموار ڪرڻ جا جوڳا انتظام ڪري سنڌ جي زرعي زمين کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. ان مقصد خاطر ليفٽ بئنڪ ڊرين ۽ رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين کي مرمت ڪري مڪمل ڪيو وڃي سنڌ ۾ زرعي ايڪو سسٽم جي بحالي لاءِ اپاءُ وٺندي سمنڊ ۾ گهربل مقدار ۾ دريائي پاڻي ڇڏيو وڃي. آبادگارن کي گذريل 50 سالن جي شگرسيس فنڊ جا تفصيلي انگ اکر ڏنا وڃن.
اسان ھي پڻ چٽو چوڻ چاھيون ٿا تھ وفاق ڪنھن ھڪ نھ پر سمورن صوبن جي مفادن جو ڪسٽوڊين ھوندو آھي.ان ڪري سمورن ايڪائين جو خيال ڪرڻ ۽ انھن جي مفادن کي بچائڻ وفاق جو ڪم ھوندو آھي پر وفاق جي ڪنھن فيصلي سان ھڪ يونٽ کي فائدو ۽ ٻئي کي نقصان ڏنو وڃي تھ ان سان وفاق جو روح ۽ وفاق جو بنيادي تصور مڪمل طور ڊھي ٿو وڃي.ان ڪري وفاق کي فوري طور تي تڪراري ارسا آرڊيننس کي رد ڪندي وفاق جي يونٽ ۾ پئدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي جئين وفاق وڌيڪ مضبوط ٿئي.
اڄ بھ زراعت ئي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگھي جو ڪم ڪري ٿي،جنھن جو دارومدار سنڌو درياھ جي پاڻي تي آھي،پاڻي تي اختلاف جو نبيرو ارسا ۾ ٿيندو آھي. ھاڻوڪين ترميمن سان ان جي اڻ ڌرائپ واري حيثيت ختم ٿي ويندي،جنھن جا سمورا اختيار مخصوص ڌرين جي ھٿ ۾ اچي ويندا،جنھن سان سنڌ کي نقصان رسڻ جو خطرو آھي.ان ڪري ارسا ۾ ترميم جي ھر صورت ۾ مخالفت ڪئي ويندي.