ٽيانوي سالن جو نوجوان اديب آنند کيماڻي پنهنجي ڪهاڻي ۾ ماڊرن، اڪوتا ۾ وقت جي تلخي اظهاريندڙ، ناول ۾ عورت کي پنهنجي سموريت ۾ مرتبي سان ڏسندڙ ۽ ان کي مٿي کڻي ايندڙ ، ويچارن ۾ ڪن به غير صحت مند قبوليتن کي ٿڏيندڙ، تنقيد ۾ اهو محسوس ڪرائيندڙ تي قلم تلوار جو ڪم به ڪندو آهي ، جنهن سان پهرين هو پاڻ کي ڪهندو آهي ۽ پو ٻين ڏانهن ڏسندو آهي. پاسخاتري کان ڪونهين ڏور جنس کي معنيٰ ڀريو ۽ تخليقي اظهار ڏيڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ۽ پنهنجو مثال به پاڻ، مون کي ، مون سان گڏ انهن ٿورن کي به جن کيس باريڪي سان پڙهيو آهي شايد ئي ڪو ٻيو مثال ملندو . جيڪڏنهن ملندو ته پڪ سان سنڌي ادب جي شاهوڪاري کي ڪو به گهٽائي سگهندو، ائين مشڪل ٿيندو .
آنند کيماڻي جو ناول ”هڪ شخص جي واسنا “ سنڌي ٻولي جو پهريون ماڊرن ناول قبول ڪيو ويو ، جنهن بعد هن ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون ، اڪوتائو ۽ ٻنهي مان سندس دل ڀرجي وئي ته هن لڳاتار ناول لکڻ شروع ڪيا ۽ اڄ جي تاريخ تائين جيتوڻيڪ سندس هٿ لکڻ کان نابري واري رهيو آهي ۽ سندس اکيون روشني گهٽائي رهيون آهن تڏنهن به هو ڏينهن ۾ هڪ پئرا ، کان اڌ صفحي تائين ڏهاڙي لکي رهيو آهي. شال سندس هي ناول آخري نه هجي ، اهڙي آشا ته انهن سڀني سنڌين کي آهي جيڪي سندس پڙهندڙ آهن .
موهن ڪلپنا سندس باري ۾ ٺيڪ لکيو آهي ته: هو پهريو ڀيرو ملڻ واري کي نهايت معصوم ۽ اٻوجهه ڏسڻ ايندو ، ڪنهن سوشل ورڪر جيان کادي جي ڪپڙن پهريل ،سامهون وارو پنهنجي اعتماد سان ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ لڳندو ته هي معصوميت سان ويٺو هوندو ۽ جڏنهن پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪندو ته اڳيون ڏسندو ئي رهجي ويندو “
آنند کيماڻي سنڌي ادب کي هڪ درجن ناول ڏنا آهن ، غير روايتي تنقيد ڏني آهي ، ڪيتريون ئي جديد ڪهاڻيون ڏنيون آهن ، اڪوتائون تخليق ڪيون آهن ، ترتيبيل ۽ ترجميل ڪتاب ڏنا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جيڪو عورت کي ذهني طور اڀاريو آهي سنڌي ادب ۾ شال ئي ڪنهن سنڌي اديب ڪيو هجي.
ويچار جي آزادي سميت هن کي پنهنجي پسند جي جيئڻ جو حق لکت ۾ جيڪو آنند کيماڻي ڏنو آهي اهو سنڌي ادب ۾ نه وسارڻ جهڙو آهي پر مٿين سڀني ياد رکڻ جهڙين شين کان پهريان ياد رکڻ جهڙو پاڻ آهي جيڪو ڄائو ته ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هو پر سندس تخليق جي دنيا گهڻي وڏي آهي . نائين سيپٽمبر سندس جنم جو ڏينهن آهي، سندس جنم جي مبارڪ ساڻس گڏ سنڌي ادب کي به هجڻ گهرجي ، اهو جتي به لکيو ويندو هجي ، آهي ته سنڌي ادب ۽ آنند کيماڻي ان ادب جو هڪ وڏو ليکڪ آهي. جيڪو غالب جي زبان ۾ هڪ عالم جي لاجواب شهر دهلي ۾ رهائش پزير آهي پر سندس اور ته سڌوجن جي ڳوٺ تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پوريل آهي ، ان ڪري هن جي جنم جون مبارڪون اول سنڌ کي هجن پوءِ وري يالم کي. با ايترو ئي