پي ٽي آءِ جلسي کان اڳ جاڙن شهرن کي بند ڪرڻ جو منصوبو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 8 سيپٽمبر تي سنگجاني ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان جاڙن شهرن کي بند ڪرڻ جو امڪاني پلان تيار ڪيو ويو آهي. جاڙن شهرن جي فيض آباد سنگم وٽ جلسي کان 02 ڏينهن اڳ مري روڊ  فيض آباد تي ڪنٽينر پهچايا ويا آهن، ڪنٽينر فيض آباد سنگم تي رکيا ويا آهن. ٻئي طرف اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ جي 8 سيپٽمبر واري جلسي لاءِ روٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. انتظاميا موجب خيبرپختونخواهه کان ايندڙ موٽر وي جو رستو استعمال ڪن. انتظاميا موجب پي ٽي آءِ جي سنگجاني ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي، شرڪت لاءِ ايم ون موٽر وي استعمال ڪيو وڃي. پنجاب کان ايندڙ قافلا موٽر وي ايم ٽو، ڏکڻ پنجاب کان ايندڙ قافلا جي ٽي روڊ استعمال ڪندا. اسلام آباد جا رهواسي نيو مارگله ايونيو کان شرڪت ڪري سگهندا. مري ۽ راولپنڊي جي ماڻهن لاءِ به رستو رکيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز چيو آهي ته جلسي جي اجازت 30 شرطن تي ڏني وئي آهي، اجلاس جي روٽ ۽ شرطن جي ڀڃڪڙي تي قانون حرڪت ۾ ايندو، هٿيارن جي استعمال تي مڪمل پابندي هوندي، رياست خلاف ڪو به نعرو نه لڳندو. هن چيو ته جلسي جي جاءِ تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويندا، اسٽيج تي ويهڻ وارن جي لسٽ ڏني وڃي، جڏهن ته جلسو شام 7 وڳي ختم ڪيو ويندو، ٻي صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

  1. سمنڊ اندر وڏا گئس ۽ تيل جا ذخيرا موجود هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) دنيا جو چوٿون وڏو گئس ۽ تيل جا ذخيرا پاڪستان جي سمنڊ ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ موجب اعليٰ سڪيورٽي اهلڪارن ان وڏي خبر جو انڪشاف ڪندي چيو ته دوست ملڪ جي سهڪار سان جيوگرافڪ سروي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، سروي ۾ 3 سالن کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي هنڌ جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته تيل ۽ گئس جي ذخيرن جو به اندازو لڳايو ويو آهي. اوگرا جي اڳوڻي ميمبر محمد عارف چيو ته تيل جي ذخيرن جي دريافت گيم چينجر ثابت ٿيندي، جڏهن ته گئس جي ذخيرن جي دريافت معاشي حوالي سان قسمت بدلائي سگهي ٿي.هن چيو ته پاڪستان هر سال تيل ۽ گئس تي 200 ارب ڊالر خرچ ڪري ٿو.ياد رهي ته پاڪستان جو سمنڊ 3 هزار ڪلوميٽر ڊگهو آهي.

  1. ملڪ ۾ مسلسل چوٿين هفتي به مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) ملڪ ۾ مهانگائي ۾ مسلسل چوٿين هفتي به گهٽتائي ٿي آهي، شماريات واري اداري جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي مسلسل ڇوٿين هفتي رڪارڊ ڪئي وئي  آهي.شماريات واري بيورو طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گذريل هڪ هفتي دوران مسلسل چوٿين هفتي به گهٽجي وئي آهي. شماريات بيورو جي هفتيوار رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.15 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هفتي جي بنياد تي مهانگائي جي سالياني مجموعي سطح 14.07 سيڪڙو تي اچي وئي. شماريات اداري موجب هڪ هفتي دوران 19 شيون مهانگيون ۽ 13 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي.هڪ هفتي دوران بصر 5 رپيا 58 پئسا، ٿوم في ڪلو 7 رپيا 38 پئسا، گهريلو ايل پي جي سلينڊر 27 رپيا 66 پئسا ۽ آنا  في درجن 1 رپيا 65 پئسا مهانگا ٿي ويا. شماريات بيورو جي هفتيوار رپورٽ موجب آلو، چانور، تازو کير، ڪيلا، گوشت جو لوڻ، گجر به مهانگي شين ۾ شامل آهن. هڪ هفتي دوران ٽماٽو 19 رپيا 3 پئسا في ڪلو، ڪڪڙ 6 رپيا 73 پئسا في ڪلو ۽ ڪڻڪ جو 20 ڪلو ٿيلهو 23 رپيا 32 پئسا سستو ٿي ويو. پيٽروليم مصنوعات، دال مصور، کنڊ، دال ماش پڻ سستي شين ۾ شامل آهن. گوشت، چانهه پتي سميت 19 شين جا اگهه مستحڪم رهيا.

  1. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت ڏينهن، 74 ڪروڙ جا سودا طئي

ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو مخلوط ڏينهن رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي مثبت رجحان رهيو. 100 انڊيڪس لڳ ڀڳ 400  پوائنٽ وڌي 79هزار 254 جي هفتيوار بلند ترين سطح تي اچي ويو. پر ڪاروبار جي پڄاڻي 34 پوائنٽس اضافي سان 78 هزار 897 ٿيو، مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن 74 ڪروڙ 30 لک شيئرز جو واپار 12 ارب 90 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تائين مارڪيٽ سرمائيداري 9 ارب رپيا وڌي 10 هزار 477 ارب رپيا رهي.

  1. عمران خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي: شير افضل

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ وڃڻ جو ڪو به جواز ناهي، سندس خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلي نه ٿو سگهجي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيتري تائين اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي گرفتاري جو تعلق آهي ته فيض حميد تي نه بغاوت جو الزام آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا چارج شيٽ آهي، مٿس رڳو ڀتا خوري جو الزام آهي.هن چيو ته جيڪو ڪم فيض حميد ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته اڄ ان کان وڌيڪ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف خلاف جيڪو ٿي رهيو آهي ان ۾ اهڙو ڪهڙو فعل آهي جيڪو غير سياسي آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.