ڏيپلو پوليس 2 ڪلو چرس تي ڦاسي پئي، ڪٿان آيو؟ جاچ

ڪراچي(رپورٽر) ڏيپلو پوليس منشيات فروش ڀاڻو ٺڪر کي گرفتار ڪري مٿس ٻه ڪلو چرس جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن  موجب ڀاڻو ٺڪر پوليس کي ڪجهه وقت اڳ لکت ۾ ڏيڻ بعد منشيات وڪرو جو ڌنڌو ڇڏي چڪو آهي، گذريل ڏينهن هو پنهنجي ٻني تي ڪم ڪري رهيو هو جتان هڪ موبائيل ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار پوليس ۽ خانگي ماڻهن کيس هٿين خالي گوڏ ۾ گرفتار ڪيو ۽ وٽائنس 2 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جي ذريعن موجب جوابدار ڀاڻو ٺڪر ماضي جو وڏو منشيات فروش آهي، سندس نالو پوليس جي لسٽ ۾ شامل آهي، پر هُن گذريل پنجن مهينن کان چرس ۽ آفيم وڪڻڻ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه کيس هٿين خالي گرفتار ڪيو ويو. ڀاڻو ٺڪر جي ڀائيٽي دليپ ٺڪر روزاني ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس منشيات فروشن جي ونگار ڪندي منهنجي چاچي ڀاڻو ٺڪر کي ڦاسايو آھي، ايس ايڇ او منهنجي چاچي کي گهرائي چيو ته تون اڳ وانگر چرس هلائي آئون ويٺو آهيان، تون کي ڪير چوڻ وارو نه هوندو، پر منهنجي چاچي انڪار ڪيو جنهن تي مڇرجي هن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ جي شڪي ڪارروائي جي ايس ايس پي ٿرپارڪر ڪنهن سٺي ساک رکندڙ آفيسر کان جاچ ڪرائي ته ڪارروائي جا سمورا پول پڌرا ٿي ويندا ته ڀاڻو ٺڪر کي ڦاسائڻ لاءِ ٻه ڪلو چرس ڪنهن ڏنو ۽ ڦاسائڻ جو اصل راز ڪهڙو هو؟. ذريعن موجب سوشل ميڊيا ۽ ڳوٺاڻن جي نشاندهي بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ ۽ پوليس اهلڪار شوڪت راهمون پاران منشيات جي هٿرادو ڪيس ۾ ڀاڻو ٺڪر کي ڦاسائڻ واري معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڊي ايس پي مٺي جي اڳواڻي ۾ ٽن پوليس آفيسرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ان کان اڳ ڳوٺاڻن ايس ايس پي سان ملاقات ڪري حقيقت ٻڌائي ته ڀاڻجي ڀاڻو ٺڪر کي منشيات جي هٿ ٺوڪئي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي، ايس ايڇ او سياسي بنيادن تي منصوبابندي سان ڪارروائي ڪئي آھي، جنهن تي ايس ايس پي کين خاطري ڪرائي ته جاچ ٽيم جوڙي معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. پوليس ذريعن موجب جڏهن جوابدار ڀاڻو ٺڪر کي هٿين خالي گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ ٻه ڪلو چرس ايس ايڇ او وٽ ڪٿان آيو، اهو ڪنهن ڏنو؟، ان کان اڳ ايس ايڇ او، جوابدار ڀاڻو مل کي فون ڪري ملاقات لاءِ ڇو چيو، منشيات تان هٿ کڻڻ جو لکت ۾ قسم نامو ڏيڻ باوجود ۽ ڳوٺاڻن جي شاهدي باوجود ڏيپلو ايس ايڇ او ڪارروائي ڪيئن ڪئي؟ پوليس ذريعن موجب ايس ايڇ او ڏيپلو ڀاڻو مل کي ڪجھه ڏينهن پهرين پاڻ وٽ گهرايو هو پر هو ايس ايڇ او جي حاضري لاءِ نه ويو هو. پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ٿرپارڪر جي جاچ بعد جوابدار جي گرفتاري ۽ ٻه ڪلو چرس هٿ اچڻ وارو راز ڦاٽي ويندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پوليس نئين منشيات فروش لڇمڻ ٺڪر کان 2 ڪلو چرس کان وٺي ڀاڻو ٺڪر کي ڦاسايو آهي، جڏهن ته نئين منشيات فروش سميت سفينا، چرس ۽ آفيم هلائيندڙ پراڻن منشيات فروشن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، علائقي واسين موجب  ڀتي عيوض پوليس جي سرپرستي ۾ ڏيپلو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سفينا سميت منشيات جو وڪرو عروج تي آهي، جنهنڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي جي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، هنن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايس ايڇ او ٿرپارڪر شبير سيٺار کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري پوليس جي ملوث هجڻ وارن معاملن جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.