سينيئر سفارتڪار آمنا بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سفارتڪار آمنا بلوچ کي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
آمنا بلوچ جي پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب هوءَ 11 سيپٽمبر کان عهدي جي چارج وٺندي.
واضح رهي ته آمنا بلوچ بيلجيئم ۽ يورپي يونين ۾ سفير طور خدمتون انجام ڏئي رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.