اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت انٽرنيٽ سروسز ۾ مسلسل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ حتمي تاريخ ڏئي ڇڏي.
آءِ ٽي وزارت قومي اسيمبلي ۾ فيبروري 2021 کان هيل تائين انٽرنيٽ سروس ۾ خرابين بابت لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
ايوان کي ٻڌايو ويو ته 31 جولاءِ 2024 تي پي ٽي سي ايل سسٽم جي روٽ جي خرابي کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ حل ڪيو ويو.
17 جون 2024 تي ايس اِي اَي ايم اي ڊبليو اي 4 ۾ زمين اندر خرابي ٿي، جنهن سبب 1500 جي بي پي زيڊ جي گهٽتائي ٿي.
انٽرنيٽ سروسز ۾ مسلسل خرابي کي 24 سيپٽمبر تائين ٺيڪ ڪيو ويندو، فيبروي 2024، اپريل 2023، نومبر 2022، فيبروري 2022 ۽ فيبروري 2021 ۾ خرابين کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ حل ڪيو ويو.
You might also like