پشاور ( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ زاهد خان سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. زاهد خان چيو ته هو هڪ نظريي ۽ سوچ سان سياست ڪري رهيا آهن پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪا سياست هلي رهي آهي ان ۾ ڪو به نظريو ناهي.اسان سياست ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، موجوده حالتن ۾ وڌيڪ سياست نٿو ڪري سگهان . هن چيو ته هو پنهنجي تڪ جي عوام سان صلاح مشورا ڪري مستقبل جو فيصلو ڪندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيئر سياستدان ۽ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلور به ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.