ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي پوليس رشوت ۾ پنهنجي پنهنجي پٽي ڀائي کي به نه بخشيو ۽ شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ آيل اهلڪار کان پئسا گهرڻ لڳا، جنهن جي اهلڪار وڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي. رشوت وٺڻ جو واقعو ايسٽ ڪمپلينس سيل ۾ پيش آيو جتي عورت اهلڪار متاثر اهلڪار کان 50 هزار کان وڌيڪ رشوت طلب ڪئي جنهن تي متاثر اهلڪار چيو ته مون وٽ رڳو 30 هزار آهن. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب عورت اهلڪار جي رشوت گهرڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي اها وڊيو جو نوٽيس ورتو پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته رشوت ۾ ملوث سمورن اهلڪارن کي معطل ڪري ايس ايس پي ايسٽ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ايسٽ فرخ رضا جو چوڻ هو ته ڪمپلين سيل جي 4 عورت اهلڪارن کي معطل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر به پوليس اهلڪار آهي جيڪو شڪايتي سيل ۾ سندس خلاف داخل ڪيل شڪايت جي سلسلي ۾ ويو.