ڪراچي اوڀر/ ملير(نمائندن وٽان) ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي راشدي ڳوٺ لڳ سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ۽ پوليس پاران ڳري مشينري ساڻ ڪري قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس پي سعيد رند صحافين کي ٻڌايو ته ڊي سي ملير جي هدايتن تي قبضن گيرن خلاف آپريشن دوران قبضا خورن پاران روينيو اهلڪارن ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي غلام شبير جمالي سميت 8 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته گلشن رومي ويجهو سرڪاري زمين تان اعليٰ اختيارين جي حڪم تي قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ روينيو عملي پاران آپريشن ڪيو ويو ۽ 10 ارب روپين جي ماليت جي سرڪاري 22 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي آهي. ٻئي طرف ڪارروائي دوران متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن آچرياڻي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته پوليس بلڊر مافيا جي چوڻ تي ڪراچي مان لڏائڻ چاهي ٿي، راشدي ڳوٺ ۾ سالن کان آباد آهيون، گهر ڇڏڻ لاءِ اهلڪارن پاران عورتن ۽ ٻارڙن مٿان گوليون هلايون ويون آهن، جن جو جناح اسپتال ۾ علاج ڪرايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته اعليٰ اختياريون معاملي جو فوري نوٽيس وٺن، عدالت پاران منع ڪرڻ باوجود بلڊر مافيا جي چرچ تي ڪارروائي ڪندڙ روينيو عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.