اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ بيماريون وڌي رهيون آهن. جن تي ڪوبه ضابطو ڪونه پيو اچي هر اسپتال مريضن سان ڀريل نظر اچي ٿي روزانه هزارين مريض اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. صاف پاڻي نه ملڻ ڪري بيماريون ٿي رهيون آهن. زهيريلا جراثيم مڇر ۽ مک وغيره به بيمارين جو سبب آهن. صفائي نه هئڻ ڪري به بيماريون پيدا ٿين ٿيون. دوائن جي اسٽورن تان نقلي دوائون ملڻ به بيمارين جو هڪ ڪارڻ آهن. ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سبب آهن جن جي ڪري بيماريون وڌي رهيون آهن. انهن سببن مان ڪجهه اهم سبب هتي لکڻ گھران ٿو ۽ اوهان سان شيئر ڪرڻ گھران ٿو. جن جي ڪري بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ آئون بيمار ٿي پيس گيسٽرو جي بيماري ٿي پئي هئي. جنهن ۾ الٽي سان گڏو گڏ دست به ٿي پيا هئا. جيئن ئي تڪليف ٿي ته آئون هڪ سرڪاري اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيس جتي منهنجو علاج شروع ٿيو ٿيلهيون لڳي رهيون هيون هڪ ٿيلهي پوري ٿئي ته ٿوري وقفي کان پوءِ وري ٻي لڳايو ڇڏين گوريون ۽ ڪيپسول کارايا پئي ويا. ڊاڪٽر جي مشوري موجب کاڌو کاڌم پئي. انهن جي مشوري تي مڪمل عمل ڪيم تنهن هوندي به ڪو خاص فرق ڪونه پيو ٿئي. ٻه ڏينهن ٿي ويم پر دوائون ۽ ٿيلهيون اثر ڪونه پيون ڪن ائين پئي محسوس ڪيم ته ڄڻ مون ڪابه دوا ڪونه ورتي آهي. پريشاني ۾ هيس مائٽ، مٽ ۽ يار دوست به منجهي پيا هئا. انهن جي چهرن تي به مايوسي ڏسڻ ۾ پئي آئي. سوچن ۾ هئا ته ڪنهن وڏي اسپتال ۾ هلجي. شام جو اڪيلائي هئي بستري تي ستل هيس اسپتال جو هڪ ماڻهو وارڊ ۾ ڊيوٽي تي مقرر هيو جنهن پاسو وٺي آهستي چيو ته هي دوائون بلڪل اثر ڪونه ڪنديون آهن. ساڳيا مريض مهينن جا مهينا ايندا رهندا آهن. پر، انهن کي تندرستي نصيب ڪانه ٿيندي آهي. هتي جيڪي دوائون اچن ٿيون سي ملاوٽ آهن. خالص دوائون ڪونه آهن. اڳ ۾ ئي چوندا آهيون ته دوائون ٻيون نمبر آهن. پر، هتي جيڪي سرڪاري دوائون ملن ٿيون سي ٽيون نمبر ٿي سگھن ٿيون. پوءِ مون به سوچيو ته اها حقيقت آهي. صحت کاتو دوائون ٺاهڻ وارين ڪمپنين کان ڪميشن وٺندو هوندو ۽ ڪمپنون وري غير معياري دوائون ٺاهي موڪليندي هوندي جيڪي مورڳو اثر ئي ڪونه ٿيون ڪن. بس، مريض کي آسري ۾ رکيو پيو وڃي ته اوهان جو علاج جاري آهي. اهوئي سبب آهي جو مريض گھٽ ئي ڪونه ٿا ٿين. جتي ڏس، جنهن به اسپتال ۾ وڃ ته مريضن جي رش آهي. ايتري قدر رش ٿئي ٿي تر ڇٽڻ جي به جاءِ ڪونه ٿي بچي. ڪو، اتفاقي مريض صحتياب ٿيندو هجي ته ٻئي ڳالهه آهي. باقي مريض آسري ۾ هلندا وتن ته دوائون کائون پيا ۽ صحتمند ٿي وينداسون.
اها حقيقت آهي ته ملاوٽ معاشري جو ناسور آهي اسان وٽ هر شيءِ ۾ ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي. ڪابه شيءِ ملاوٽ کان پاڪ ۽ صاف ڪونه آهي. نج ۽ خالص شيون ملڻ مشڪل ٿينديون پيون وڃن. هن وقت حالت اها آهي جو کير جو هڪ گلاس به نج ڪونه ٿو ملي انهيءَ ۾ به پاڻي ملايو پيو وڃي. کير وڪرو ڪندڙ دوڪاندار به گھٽ ڪونه ٿا ڪن هاڻ هر هنڌ ڊيريون کوليون پيون وڃن جتي کير ۾ پاڻي ملائي عوام کي وڪرو ڪري ڏنو وڃي ٿو. سو استعمال ڪرڻ جي قابل ڪونه آهي. اهو عوام سان دوکو ۽ فريب آهي بس غريب ماڻهو اهو مجبوري ۾ خريد ڪري ٿو. پاڻي کان سواءِ کير ۾ پائونڊر به وڌو وڃي ٿو ڪئميڪل جو استعمال ته عام جام آهي. ماکي، گيهه، مرچ، لوڻ وغيره ۾ به ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته هر کاڌي پيتي جي شيءِ ملاوٽ کان بچت ۾ ڪونه آهي ملاوٽ به بيمارين جو ڪارڻ بنجي ٿي. ملاوٽ جي ڪري به بيماريون وڌن ٿيون اهو عمل به بي ايماني آهي جنهن کان دنيا جو هر مذهب منع ڪري ٿو. اسلام ۾ ته ملاوٽ ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي. ملاوٽ کان پاسو ڪرڻ لاءِ سختي سان حڪم جاري آهن. جن تي عمل ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن اسان وٽ خالص شيون نه ملنديون ته پوءِ يقين ڄاڻو ته بيمارين مان نجات حاصل ڪرڻ ممڪن ڪونهي ان صورت ۾ بيماريون اسان جو مقدر بنجي وينديون. هن وقت ملاوٽ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو تڏهن قائم ٿيندو جڏهن اسان بي ايماني ڪرڻ ڇڏي ڏينداسون. ايمانداري جو مظاهرو ڪنداسون.
اهو به عام خيال آهي ته اڪثر ڊاڪٽر مريضن جي بيماري کي ڪونه ٿا ڏسن پر، اهي پيسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن. پوءِ اهي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪم ڪندا هجن يا خانگي اسپتالن ۾ مريضن کي تپاسيندا هجن. اهڙن ڊاڪٽر صاحبان جو دوائون ٺاهڻ وارين ڪمپنين سان رابطو هوندو آهي. ڪمپنيون کين ڪميشن ڏينديون آهن ۽ انهن کي پابند ڪنديون آهن. ته هو سندن ڪميشن جون دوائون لکن پوءِ مريض ٺيڪ ٿئي يا نه ان سان ڪمپنيون ۽ ڊاڪٽر ٻڌل ڪونه آهن صرف پئسو ڪمائڻ جو چڪر آهي ڪمپنيون به غير معياري دوائون ٺاهين ٿيون جيڪي وڪرو ڪرڻ لاءِ مذڪوره ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي پئسن ڏيڻ جي آڇ ڪن ٿيون ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ نيٽ تي پڙهيم ته ملڪ ۾ اهڙن ڊاڪٽر جو تعداد تمام گھڻو آهي. جيڪي ڪميشن وٺن ٿا اهو تعداد لڳ ڀڳ پنجانوي سيڪڙي تي پهچي چڪو آهي جڏهن ته ڪميشن نه وٺندڙ ڊاڪٽر ٿورائي ۾ آهن اهي پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏيئي رهيا آهن. شايد انهن کي وڌيڪ پئسي جي لالچ ڪونه آهي. هو مريضن جي تڪليف ڏسي دوا لکن ٿا اهڙن ڊاڪٽر کي سلام آهي. جيڪي سمورين لالچن کي پوئتي رکي مريضن کي جيڪو نسخو ( Prescription) لکي ڏين ٿا. اهو فائديمند ثابت ٿئي ٿو. چوڻ جو مطلب ته ڊاڪٽرن جي اڪثريت دوائن جي ايجنٽن جي معرفت دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کان ڪميشن وٺي رهي آهي. ۽ مريضن کي ڄاڻايل ڪمپنين جون دوائون لکي ڏين ٿا ته اهي فلاڻي ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪري اچو پوءِ فائدو ٿئي يا نه ان جو ڊاڪٽر سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. ڊاڪٽر ويچارا ميڊيڪل اسٽور وارن کان به سوکڙيون پاکڙيون وٺندا رهن ٿا. ڪن وٽ سڻڀا ٽڪر کائڻ لاءِ به ويندا رهندا آهن ۽ انهن جي دعوتن ۾ به شرڪت ڪندا ٿا وتن. ڪي اسٽورن وارا کين پئسا به ڏيندا آهن. مطلب ته مختلف طريقن سان پئسو ڪمائين پيا. بس انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي.
مون هن ليک جي شروعات ۾سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي باري ۾ لکيو آهي جنهن ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته سرڪاري اسپتالن ۾ خالص دوائون ڪونه ٿيون ڏنيون وڃن جيڪي دوائون مريضن کي ڏنيون وڃن ٿيون سي سڀئي ملاوٽ واريون آهن. جنهنڪري مريض کي شفاءِ ڪونه ٿي ملي هاڻ جڏهن اها صورتحال آهي ته پوءِ دوائن تي سرڪاري خزاني مان ڪيترو خرچ ٿيندو هوندو. سو سمورو ضايع ٿيو وڃي ٿو دوائن تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ جو ڳپل حصو ڪرپشن جي ور چڙهي رهيو آهي اهڙي طرح قومي ناڻو ٻنهي هٿن سان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ۽ ان کان سواءِ عوام سان به بي ايماني ڪئي پيئي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو صحت کاتي جي ڪارڪردگي ناقص ڏسڻ ۾ اچي ٿي اسپتالن جي موجوده حالت تي تنقيد ٿيندي رهي ٿي. انهن تي آڱريون کڄي رهيون آهن. صحت کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪن آهي عوام ان کاتي لاءِ ڪا چڱي راءِ ڪونه ٿو رکي پوءِ ڀلي حڪومت ڪيتري به ساراهه ۽ واکاڻ ڪري. اها حڪومت جي پنهنجي مرضي آهي باقي عوام حڪومت جي راءِ سان متفق ڪونه آهي.
اها رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون مُهيا ڪري ان سلسلي ۾ مناسب اقدام کڻي عوام کي بميارين کان بچائي ۽ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آئون مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته اسپتالن ۾ خالص دوائون دستياب ڪونه آهن. دوا ٺاهيندڙ ڪمپنيون ملاوٽ ڪري رهيون آهن. انهن ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ڪمپنين جا لائسنس به رد ڪري سگھي ٿي. ان کان علاوه جيڪي ڊاڪٽر ڪمپنين کان ڪميشن وٺي مريضن کي دوائون لکي ڏيئي رهيا آهن انهن جي خلاف ڪا قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ۽ معاشري کي ملاوٽ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ به سخت ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي تڏهن وڃي بميارين تي ضابطو ايندو وڌندڙ بيمارين کي گھٽائي سگھبو عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون ملي سگھنديون جيڪڏهن اهي سهولتون نه ڏنيون ويون ته جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو جنهن کان بچڻ لاءِ سرڪار سڳوري کي سوچڻ گھرجي.