افغان طالبان ٽي ٽي پي،خلاف ھڪ بھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھن

پاڪستان جو چوڻ آھي تھ تحريڪ طالبان پاڪستان اڃ بھ افغانستان ۾ ھڪ مضبوط گروپ آھي،جيڪو اتان کان پاڪستان تي حملا ڪري رھيو آھي ۽ اتي ئي رٿابندي ڪري ٿو، پاڪستان جي اھڙي ڳالھھ جي تصديق گڏيل قومن جي رپورٽ بھ ڪري ٿي.پر افغان طالبان جي حڪومت نھ رڳو اھو قبولڻ لاءِ تيار نھ آھي،بلڪھ ان کان مڪمل انڪاري ڪري رھي آھي.گڏيل قومن جي رپورٽ سامھون اچڻ ۽ پاڪستان پاران ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي جي مطالبي جي جواب ۾ طالبان حڪومت جي فوجي اڳواڻ جو چوڻ آھي تھ پاڪستان کين اھڙو ڪو بھ ثبوت پيش نھ ڪيو آھي.

افغان طالبان جي فوجي سربراهه اري فصيح الدين فطرت جو چوڻ آهي ته نھ تھ ڪي ثبوت آهي ۽ نه ئي ڪو ثابت ڪري سگهي ٿو ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آهي.اربع ڏينھن پريس ڪانفرنس ڪندي ھن جو چوڻ ھو ته ٽي ٽي پي پاڪستان جي اندرين علائقن تي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ اتان ئي ڪاررواين لاءِ رٿابندي ڪري ان تي عمل ڪري ٿي.

ھن ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان اندر حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهي آهي. ھن چيو ته پاڪستان اڃا تائين ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجودگي جا ڪي به ثبوت فراهم نه ڪيا آهن. پاڪستان کي بار بار افغانستان تي پنهنجين خامين جو الزام نه هڻڻ گهرجي ۽ اسان يقينن انهن دعوائن کي رد ڪريون ٿا، ٽي ٽي پي کي نه ته هتان کان فنڊنگ ملي ٿي ۽ نه ئي سامان فراهم ڪيو وڃي ٿو.

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغان طالبان جي مدد ۽ حمايت حاصل آهي. رپورٽ اسلام آباد جي ان دعويٰ جي تصديق ڪري ٿي ته انهن کي پاڪستان ۾ حملن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. رپورٽ موجب افغانستان جا طالبان حڪمران ٽي ٽي پي کي دهشتگرد گروپ طور نه ٿا ڏسن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. انهن لاءِ تحريڪ انصاف جو ”قرض لاھڻ “تمام ضروري آهي. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، انتهاپسند گروپن جو اتحاد آھي. افغانستان ۾ "سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ” آهي ۽ پاڪستان ۾ سرحد پار حملن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ کين طالبان حڪمرانن جي به مڪمل حمايت حاصل آهي.رپورٽ موجب تحريڪ طالبان پاڪستان کي هاڻي القاعده جهڙي دهشتگرد نيٽ ورڪ کان پڻ آپريشنل ۽ لاجسٽڪ مدد ملي رھي آهي. گڏيل قومن جي پابندين جي نگران ٽيم اربع تي پنهنجي جائزي جي رپورٽ اھڙي وقت جاري ڪئي، جڏھن ٽي ٽي پي، جي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين جي خلاف دهشتگرد حملن ۾ ڊرامائي اضافو ٿيو آهي.

واضح رهي ته افغانستان لاءِ اسلام آباد جي خاص نمائندي آصف دراني ھڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ھو تھ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو تعلق افغانستان جي مسئلي سان آهي.تنھنڪري ٻنھي ملڪن کي گڏجي ڪري ٽي ٽي پي،کي منھن ڏيڻ جي ضرورت آھي. هن افغانستان جي طالبان اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو عالمي سطح تي نامزد دهشتگرد گروپ ’تحريڪ طالبان پاڪستان‘ سان پنهنجا لاڳاپا واضح ڪن، جيڪو سرحد پار خون وهائي رهيو آهي.

پاڪستان جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي وفد سان ملاقات ڪئي.هن گڏيل قومن جي وفد کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي ملوث هجڻ بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان انهن حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهي آهي، جنهن کي روڪڻ تمام ضروري آهي.هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو ۽ ان حوالي سان هر ممڪن سهڪار پڻ ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي حملن ۾ سوين سيڪيورٽي فورسز ۽ عام پاڪستاني شهري مارجي ويا آهن. ٽي ٽي پي خود باضابطه طور تي اڪثر اهڙن حملن جي ذميواري قبول ڪري چڪي آهي. پاڪستان هر ڀيري چيو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان جي سرزمين کي اهڙي قسم جي حملن جي منصوبابندي ۽ انجام ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. گڏيل قومن به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ۽ سندس بيان موجب ٽي ٽي پي هاڻي افغانستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ آهي.

ياد رهي ته گڏيل قومن جي تازي رپورٽ موجب افغان طالبان عملدار ٽي ٽي پي جي پاڪستان خلاف وڌندڙ حملن جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ افغان سرزمين تي القائده جي دهشتگرد تربيتي ڪيمپن ۾ دهشتگردن کي تربيت ڏني پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.