راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ويجهو دهشتگردن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڀارتي حمايته يافته 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاڪ افغان سرحد ويجهو ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي سيڪيورٽي فورسز پيشوراڻي انداز ۾ ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي 36 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جڏهن ته مارجي ويل خارجين وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، افغان طالبان حڪومت دهشتگرد تنظيم کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ، اثرائتو سرحدي انتظام يقيني بڻائڻ ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، جڏهن ته ڀارتي حمايت يافته خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته پرڏيهي سرپرستن ۽ انهن جي حمايت يافته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دهشتگردي خلاف مهم جاري رهندي.