ماحوليات ۾ ٽيپنگ پوائنٽ(Tipping point) منجهان مراد اها آھي ته جنهن کي پار ڪرڻ کانپوءِ واپسي ناممڪن يا مشڪل ٿي ويندي آھي.صنعتي انقلاب کانپوءِ انسان کي ڌرتي جي گولي ۾ تبديلين تي اختيار آھي.خاص طور کان گذريل هڪ سئو سال جي دوران پيٽروليم.جي استعمال ۽ صنعتڪاري ان ۾ تيز رفتاري پيدا ڪئي.جيڪي اڳ ۾ چمنيون ترقي جون نشانيون هيون.اهي هن وقت ڌرتي جي گولي تي شديد خطري جو اشارو ڏئي رهيون آھن.
سائندانن جي مطابق پنج ارب سو سال اڳ ڪڏھن ڌرتي جوگولو وجود ۾ آيو ته ان جو ماحول ايترو ته گرم هو ته جيوت ٽڪي نه سگهندي هئي.پوءِ ڌرتي جو دٻاءُ جنهن جي نتيجي ۾ گئسون ٺھيون ۽ ڌرتي جي گولي واري مرڪز ۾ ھليون ويون. هوريان هوريان ماحول جو چرپر وارو اثر گهٽيو ۽ ھتي جيوت وجود ۾ آئي.
صنعتي انقلاب ۽ آئل کان هلڻ واري صنعت ۽ موڪليل گئسن ۽ ڌاتن کي ڪڍي ڪري انهن جي ماليڪيولز کي ٽوڙيو ويو ته جيئن توانائي پيدا ڪري سگهجي.جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي ٽيپنگ پوائنٽ آيون ۽ اهي ڪي اڪيلون ناهن هونديون بلڪ ٻين حدن کي به متاثر ڪنديون آھن.مثلا جهنگ وڍيا ته برسات ۽ برف باري جو سلسلو متاثر ٿيندو، لينڊ سلائيڊنگ ٿيندي، برف جا تھ سوڙھا ٿيندا.گليشير وڌ کان وڌ پگهرندا وغيره وغيره.
ساڳئي ريت معاشرن جي به ماحوليات هوندي آھي۽ ان ۾ ڪافي ٽيپنگ پوائنٽس ۽ خطرناڪ حدون اينديون رهن ٿيون.سياڻا ۽ سيبتا معاشرا انهن حدن کان بچن ٿا ۽ جيڪڏھن نه بچي سگهيا ته ڪنهن نه ڪنهن برن اثرن کي گهٽ کان گهٽ سطح تي رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر اسان جي پياري ديس پاڪستان جو معاشرو ته شايد حدن کي اورانگهڻ ۾ ئي پنهنجي ڪاميابي سمجهي ٿو.اوهان فخر ڪيو ٿا ته 1946ع وارين چونڊن ۾ برصغير جي مسلمانن هڪ الڳ وطن جي حق ۾ راءِ ڏني.چڱو مڃي ورتوسين ۽ ھن ڳالهه کي به نظرانداز ڪري ڇڏيوسين ته غالب اڪثريت بنگال ۾ ملي هئي.جيڪو 23 سالن کانپوءِ اسان کان الڳ ٿي ويو.
پاڪستان جنهن جو بنياد اهو هو ته مسلمان هندن کان ڪمزور آھن.ان ڪري هنن کي هڪ خاص الڳ پناه گاهه جي جڳهه گهرجي.ان مقصد جي تحت اوهان ٿوري گهڻي ثقافتي رنگيني کي قبول ڪيو.فرقيواريت وارن مامرن کي پٺي ڏئي ۽ منهن مٿي ڪري هلي پيو.1953ع جا فساد.1958جي مارشل لا.ون يونٽ جو مامرو.ٻولي جو مسئلو.وري خاني خانان ايوب خان جي مارشل لاءِ بنگلاديش جي جدائي.ڀٽو جو بنا قصور جي قتل.ضياءَ جي ننگي مارشل لا.1990ع جي ڏھاڪي واري راند.مشرف جو اقتدار تي بي بنياد قبضو.بنظير ڀٽو جو ناحق قتل.وڃڻ جون ڳالهيون وڃڻ ڏيو. اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان عمراني حڪومت جو قيام.اهي سڀئي ٽيپنگ پوائنٽس يا خطرناڪ حدون هيون.جيڪي اسان بنا ڪنهن سوچ و سمجهه جي پار ڪري وڌيون.
اسان کي نصاب.قانونن ۽ آئين وغيره ۾ بار بار تبديلين ڪرڻ ۾ في الحال بچاءُ جي ڪا تبديلي ڏيک نٿي ڏيئي.بس ايترو ياد رکڻ گهرجي ته معاشرا مختلف قوتن جي وچ ۾ توازن رکڻ جي بجاءِ هڪ ئي پاسي هلي پون ته اهوئي ٿيندو آھي.جيڪو اسان سان ٿي رهيو آھي ٿه برصغير کان الڳ ته ٿياسين پر نه سک اتي ڏسي سگهياسين ۽ نه ئي پنهنجي وجود ۾ آيل ملڪ ۾ ڪي خواب پورا ڪري سگهياسين ۽ نه ڄاڻ جهڙي قسم جون حالتون ملڪ ۾ برپا ڪيون پيون وڃن ته مستقبل ۾ به ان قسم جي اميد ناهي ته ڪو سک وسڪون حاصل ڪري سگهون؛؛؛