حڪومت پنهنجي طور ” واپار دوست اسڪيم“ نه ٺاهي سگهي ٿي ۽ نه ئي مڃائي سگهي ٿي، سڀني کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي آهي

ملڪ جي واپارين موجودهه حڪومت جي ٽيڪس اسڪيم جنهن کي تجارت دوست اسڪيم جو نالو  ڏنو ويو  تنهن کي رد ڪندي ڪالهه جماعت اسلامي سان گڏ هڙتال ڪئي واپارين جي هڙتال معنيٰ هر قسم جو ڪاروبار بند. ظاهر آهي ته سڄو ڏينهن ڪاروبار بند هجڻ سان نه رڳو ذاتي طور تي واپارين کي تمام وڏو نقصان رسندو آهي  پر  مجموعي طور تي سڄو معاشي نظام ئي ڊانوا ڊول ٿي ويندو آهي جيڪو پاڪستان جو اونئن ئي بدحالي جو شڪار آهي تنهن ڪري ڪنهن به حڪومت لاءِ ڪنهن به سبب هڪ ڏينهن معاشي وهنوار جو بند ٿيڻ برادشت جوڳو عمل نه ٿو چئي سگهجي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت اهڙي تجارتي اسڪيم ئي ڇو  آندي جنهن سبب واپارين کي ۽ ملڪ کي معاشي ڌڪ رسي، ڇا ان قسم جي اسڪيم يا پاليسي آڻڻ کان پهرين واپارين کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو  هو يا واپاري حڪومتي ٽڪيس جي نيٽورڪ ۾ شامل ٿيڻ نه ٿا گهرن يا ملڪي ٽيڪس نظام ئي اهڙو  ڀوائتو آهي جنهن کان هر ڪو دڄي ٿو.

هي اهي پاسا آهن جنهن تي هر حڪومت کي هميشه سوچڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪري ته اهڙي نوبت ئي جيڪر نه اچي جو متاثر ٿيندڙ ڌر کي هڙتالون ڪرڻيون پون، احتجاج ۽ ڌرڻا ڪرڻا پون سو اهڙي ڪنهن صورت حال کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي اهو سوچڻ حڪومت ۽ ان جي صلاحڪارن جو ڪم آهي.

ان اشو تي اسان هميشه حڪومت کي نيڪ صلاحون ڏيندا رهندا آهيون. ان سلسلي ۾ هڪ تجويز اها به آهي ته ڇا اهو ممڪن ناهي ته حڪومت جيڪو به فيصلو ڪري تنهن ۾ پارليامينٽ خاص ڪري مخالف ڌر کي لازمي طور تي اعتماد ۾ وٺي. جيڪڏهن مخالف ڌر کي ڪو اعتراض هجي ته ان کي متبادل پاليسي ڏيڻ جي دعوت ڏجي ۽ ان جي ڏنل پاليسي تي عمل ڪرڻ جي نئين ۽ جمهوري روايت وجهي.

اهڙي ڪم لاءِ يقينن تمام گهڻي فراغ دلي جي ضرورت آهي  پر  ان سان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته حڪومت عوام جي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺي حڪومتي  فيصلا ڪرڻ جي روايت پيدا ڪئي آهي ان سان ايئن ٿيندو ته پوءِ مخالف ڌر کي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو نه ملندو ٻيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ اهو به چئي سگهي ٿي ته حڪومت رڳو  پاڻ کي اڪيلي سر حڪومت نه ٿي سمجهي پر اها سـڄي پارليامينٽ کي ئي حڪومت سمجهي ٿي ۽ پارليامينٽ کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي. هونئن ته عام طور پارليامينٽ اندر  حڪومتي پاليسين تي بحث مباحثن جي روايت رهي آهي  پر  حڪومتون انهن کي تنقيد براءِ تنقيد ئي سمجهندي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏينديون آهن پر  ٿيڻ ائين گهرجي ته پارليامينٽ اندر حڪومت جي فيصلن ۽ پاليسين تي ٿيندڙ تنقيد کي مثبت اندر سان وٺي انهن جي روشني ۾ فيصلا ڪيا وڃن.

ايئن ئي پارليامينٽ اندر ٽيڪس جي نظام جو جائزو  وٺڻ گهرجي ۽ پارلياماني ميمبرن کان پڇڻ گهرجي ته ٽيڪس جي نظام کي ڪيئن اهڙو ڪجي جو  ڪير به ٽيڪس ڏيڻ کان نه گهٻرائجي. جيستائين ان معاملي ۾ گڏيل طور صلاح مصلحت سان ڪو فيصلو نه ڪبو تيستائين  مسئلا حل نه ٿيندا. جڏهن ته مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي. جيڪڏهن حڪومت کان اهي مسئلا حل نه ٿا ٿين ته پوءِ ان کي حڪومت ڪرڻ جو به شوق نه رکڻ گهرجي. ائين پارليامينٽ کان اهو به پڇڻ گهرجي ها ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ان جي شرطن تي حڪومتي پاليسيون ٺاهجن يا نه يا ڪو   ٻيو متبادل جنهن تي هلجي ۽ اوهان ان تي اسان سان گڏ هجو.

مطلب ته آءِ ايم ايف وارو  اشو  به بحث طلب آهي.  عوامي سطح تي ته اهو تاثر هوندو آهي ته آءِ ايم ايف  وٽ نه وڃڻ گهرجي  پر اسٽيبلشيمنٽ  آءِ ايم ايف جي پروگرام جي هميشه کان حامي رهي آهي ۽ اها ئي اصل ۾ حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي مجبور ڪندي آهي. مشرف جي دور ۾ عمران خان هڪ ٽي وي انٽريو ۾ چيو  هو ته بينظير ۽ نواز شريف جون حڪومتون ان ڪري ڪيرايون  ويون  جو اهي آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ نه پيون چاهين. عوامي جلسن ۾ عمران خان اهو مقبول خيال ڏيندو هو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر  آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺندس پر پاڻ جڏهن حڪومت ۾ آيو  ته  آءِ ايم ايف جي پرگرام ۾ وڃڻ تي مجبور ٿيو . آءِ ايم ايف جي پروگرام ئي اصل ۾ پاڪستان جي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته آءِ ايم ايف کان علاوه به پاڪستان وٽ ڪو متبادل  انتظام ناهي يا ان تي ناهي سوچيو ويو جنهن تي فوري طور سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ پاليسن آڏو مجبور  حڪومت ڪڏهن به عوام اندر مقبو ليت نه ٿي ماڻي سگهي.

پر جيڪڏهن معاشي ۽ ٽيڪس  سڌارا آڻڻ  اڻ ٽر آهي ته پوءِ  ان لاءِ  پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي قرار ڏنو  وڃي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو تاثر ڏيڻ گهر جي ته  پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ يا راضي ڪرڻ بنا ڪا پاليسي اڳتي نه وڌائي ويندي سو ٽيڪس جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ اندر تفصيلي قسم جو  بحث ڪرڻ گهرجي ۽ ان روشني ۾ پاليسي ٺاهڻ گهرجي باقي پنهنجي طور تي اسڪيم کي تجارت دوست اسڪيم نه ٺاهي سگهجي ٿي نه ئي مڃائي سگهجي ٿي تنهن ڪري سڀني کي اعتماد ۾ وٺڻ  لازمي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.