اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڏينهن اڳ شهيد ٿيل صحافي محمد بچل گهنڃو جو قتل ڪيس ان جي ڀاءُ محمد سچل گهنڃو جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ست سڃاتل جوابدار غلام ياسين گھنڃو، عبدالقدير گھنڃو، غازي گھنڃو، شوڪت گهنڃو، عبدالرحمان گهنڃو، نذير گھنڃو، غلام حسين گھنڃو ۽ هڪ اڻسڃاتل جوابدار مٿان رانوتي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا رانوتي ٿاڻي تي پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صحافي محمد بچل گھنڃو ھڪ حق سچ لکڻ وارو بھادر صحافي ھو، شهيد صحافي جو ڪيس سندس وارثن جي مرضي مطابق دھشت گري ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آھي، پوليس جي نفري جوابدارن جي گھرن تي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار شوڪت گهنڃو کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ان کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ٻين جوابدارن کي به جلد قانون جي گرفت ۾ آڻينداسين.