ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ نڪري ويل گيٽ کي مٽائڻ لاءِ 50 ڪروڙ 20 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ھن فنڊن جي منظوري آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي منظوري ڏني. بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ٻڌايو سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 کي پھتل نقصان جي نشاندھي 20 جون 2024ع تي ڪئي وئي. شروعاتي معائني ۾ ڄاڻ ملي تھ گيٽ نمبر 44 کي نقصان پھتو آھي پر اھو مڪمل طور تي جڙيل ھو جڏھن تھ گيٽ نمبر 47 کي ناقابل تلافي نقصان پھتو آھي. سکر بئراج جي ٻنھي متاثر دروازن جي مرمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سکر بئراج جي سمورن گيٽن کي مڪمل طور تي کوليو ويو آھي تھ جيئن اپ اسٽريم جي پاڻيءَ جي نيڪالي ٿي سگھي. نتيجي ۾ نارا، روھڙي، خيرپور اوڀر، خيرپور اولھھ، دادو اتر، رائيس ۽ ان ڊبليو ڪينالن سميت سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جا سمورن ڪينالن کي پاڻيءَ جي گھٽتائي کي منھن ڏيڻو پيو. سيڪريٽري آبپاشيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ گيٽ نمبر 44 کي تيار ڪري سکر جي مڪينيڪل ورڪشاپ پھچايو ويو آھي. ٻوڏ واري حالت سبب گيٽ نمبر 44 کي مٽائڻ خطرناڪ ٿي سگھي پيو تنھن ڪري انکي في الحال ملتوي ڪيو ويو آھي. سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 جي تياري سان گڏوگڏ گيٽ نمبر 7 جي مرمت پڻ ڪئي وئي آھي.