اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي. پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻه ڏينهن وارو اجلاس هلندڙ سال 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. ڀارت طرفان ان دعوت تي اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت موجب اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم سميت سمورن ميمبر ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزارت سڀني ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي تصديق جي منتظر آهي.