جنهن روح کي ﷲ پاڪ خلقيو آهي ان کي هڪ ڏينهن هي جهان ڇڏڻو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر سڌريل معاشرن ۽ ملڪن ۾ پنهنجي قومي تشخص ۽ ورثي کي بچائڻ لاءِ سجاڳ قومون هر ممڪن ڪوششون ڪري ان لاءِ ڪردار ادا ڪنديون آهن پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اهڙي ڪابه شئي نظر نه ٿي اچي، اسان جا بي حس حڪمرانن حادثن ۽ واقعن ۾ مري ويلن لاءِ اعلان ڪندا آهن يا ڪو رانديگر کٽي اچي ته حڪمران هجن يا سياسي سماجي اڳواڻ خوشامند ۾ هڪ ٻئي کان سبقت حاصل ڪندي وڏي رقمن سونن تاجن ۽ مراعتن سان گڏ کين سرڪاري زمينن سان نوازيو ويندو رهيو آهي پر افسوس جو بيماري جي بستري تي رهندڙ ڪو استاد، ڪو فنڪار، ڪو قومي راڳي، ڪو رانديگر يا ڪو غريب سياسي ورڪر هجي يا زندگيءَ جي ڪنهن شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انسان هجي ان کي سندس زندگيءَ ۾ ئي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ متاثر رهندڙ پنهنجي خود داري ۽ غيرمندي سان وڙهندي وڙهندي زندگيءَ جون آخري هڏکيون هڻي هميشه لاءِ جدا ٿي وڃي ٿو.
ٽنڊي محمد خان ۾ جنم وٺندڙ ٻيجل سنڌي جنهن جو اصل نالو صوفي خالد محمود هو هميشه لاءِ موڪلائي هليو ويو 02 فيبروري 1963 ۾ صوفي عثمان علي خاصخيلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻيجل سنڌي ان شعر تي پورو لهندي وڇڙي ويو ته” آ مرڻو هر هڪ ماڻهو کي پر ائين نه مرنداسين ساٿي، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين ڪا آگ لڳائي وينداسين”.
ٻيجل سنڌي جو آواز مون پنهنجي ٻالڪپڻي جي عمر ۾ ان وقت ٻڌو جڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ مهراڻ يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ پڙهندو هو هو هڪ ٽيپ رڪارڊ ڪيسٽ کڻي آيو هو جنهن تي لکيل هو "انقلابي گيٽ ” ان ڪيسٽ ۾ ٻيجل سنڌي جو آواز هو جنهن ۾ سنڌ مرڪي پئي، سميت هن ٻيا جا گيت ٻڌڻ سان لنڱن مان سياٽيون اڀري اينديون هيون لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. وقت گذرندو ويو.
سرمد سنڌي، اسلم تنيو، امير علي سرڪي،سڄڻ سنڌي سميت ڪيترن راڳين جڏهن سنڌ ڌرتيءَ جي درد، ۽ تڪليفن آهون ۽ دانهن جي شاعري کي پنهنجي آواز جو پڙاڏو ڏنو ته سياسي شعور سبب سنڌ جي ماڻهن جي سوچ تبديل ٿيڻ شروع ٿي جنهن بعد ڪن سائين جي ايم سيد جي فڪر جي راهه ورتي، ڪن ٻين سياسي ليڊرن جي ڪڍ لڳڻ شروع ڪيو ۽ اڄ سمورن سختين سازشن ۽ سمجهوتن جي ور چڙهيل اسان جي سماج جا ماڻهو اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه سجاڳي طرف وڌي رهيا آهن ان ۾ قومي شاعرن، اديبن، صحافين ۽ استادن سميت زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو جو ڪردار شامل هجي ٿو جڏهن سنڌي ميڊيا ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ سنڌي چئنلن تي ٻيجل سنڌي جا اهي ڳايل انقلابي گيت خاص طورتي بلبل کورو واهي جي شاعري "سنڌ مرڪي پئي” ٻڌو ته منهنجي گھر وارن چيو ته هي گيت ته ننڍپڻ ۾ ٻڌو هوسين ته، خوشي وچان اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
اڄ ان شخص جي ڪينسر جي مرض ۾ تڪليف برداشت ڪرڻ بعد دردناڪ وڇوڙي تي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ هر اک آلي آهي. سندس علاج جي سهولت مهيا نه ڪرڻ تي اسان خاص طور سنڌ جي حڪمرانن ثقافت کاتي سميت ٻين ادارن جي بي حسي تي به سخت حيرت زده آهيون جيڪي پنهنجي ماڻهن جي مالڪي نه ٿا ڪن، ڪيترن ڏينهن کان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ٻيجل سنڌي جي طبيعت خراب هجڻ جون خبرون هلي رهيون هيون ته ڪنهن حڪومتي عملدار ۽ ثقافت کاتي جي ذميوارن کي ڪن تي جون نه چري جيڪڏهن ان شعبي سان لاڳاپيل ادارن يا سنڌ جاسرندي وارا ماڻهو اڳتي اچي سندس علاج ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ها ته شايد هو ايتري تڪليف ۽ ڪرڀ ۾ مبتلا نه رهي ها.
ٻيجل سان آخري ملاقات سکر ۾ پنهنجي فورم تان پروگرام جشن لطيف ملهائيندڙ ڪامريڊ يامين ميراڻي سان گڏ شاليمار روڊ تي ٿي هئي. سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن تڪليفن باوجود نازڪ حالت جي ويجهو هوندي پنهنجي گھر وارن کي چيو ته مون کي سن جي سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ وٺي هلو جڏهن هو سنڌ جي رهبر وٽ پهچي کائنس موڪلائي لڙڪ لاڙي آيو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ڪالهه 24 آگسٽ 2024 تي سڄي سنڌ کي وڇوڙي جو درد ڏئي هليو ويو سندس آواز اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي.
ٻيجل سنڌي سميت سنڌ جي حلالي پٽن جن پنهنجي آواز، لکڻين ۽ جدوجهد وسيلي سنڌ کي سڄاڳ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا ساڃاهه وند سماج جي اهڙي بي حسي واري روايت کي ختم ڪري سندن زندگيءَ ۾ مالڪي ڪن، ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪن جيئن منجهن مالڪي نه هجڻ واري احساس جو خاتمو اچي سگهي.