انگريز دور جو ڌاڙيل ميران جمالي

تحرير: عاجز جمالي

اسان جو ھڪ نانا ( امان جو مامو ) ڪجهه سال اڳ لڳ ڀڳ ھڪ صديءَ جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نانو حاجي  جان محمد ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ھوندو ھئو ، ڪيترائي ڀيرا حج ڪيائين ، پر ھن ھڪ ٻه دفعا ان زماني ۾ حج ڪيو جڏھن حاجي پنڌ حج ڪرڻ ويندا ھئا ، مون کي ننڍپڻ ۾ سندس ڪچھرين ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھئو ،افسوس آھي جو صحافتي زندگيءَ ۾ کائنس ڪو تفصيلي انٽرويو نه ڪري سگھيس، پر کائنس ٻڌل ڳالھيون به سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو حصو آھي ، سائين انور پيرزادو چوندو ھئو ته جڏھن به ڪنھن بزرگ سان ويجھو ٿيو ته ان کي کوٽيو ۽ انھيءَ جون ڳالھيون رڪارڊ تي آڻيو ڇو ته اھي،ڳالھيون ئي ايندڙ نسل  لاءِ تاريخ جو درجو رکنديون آھن. نانا حاجي جان محمد انگريز دور ۾ ڌاڙيل ھئو ، ھو سنڌ ۽ بلوچستان جي مشھور ڌاڙيل ميران جمالي جي ٽولي ۾ شامل رھيو ، ڇوته ميران جمالي اسان جي خاندان جو ويجھو مائٽ پڻ ھئو، ميران جمالي جي ٽولي ۾ ڇهھ ست ڌاڙيل ھوندا ھئا، جن جي ڪارروائين جو مرڪز دادو ضلعي ۾  سنڌ بلوچستان جا سرحدي علائقا ھوندا ھئا.

نانا ٻڌائيندو ھئو ٽنڊي رحيم کان مٿي جابلو علائقي ۾ اسان جا ٺڪاڻا ھوندا ھئا، پاڻ سان گڏ صرف  کليءَ ۾ پاڻي ( کلي چمڙي جي مشڪي ھوندي ھئي ، ھي ٻڪريءَ جي کل مان ٺاھيندا ھئا ، کلي ۾ پاڻي ھميشه ٿڌو رھندو ھئو ) ۽ ڪجھه اٽو، رکندا ھئاسين ، باقي جبل ۾ جانور جنھن جو به چرندو ھئو ڌڻ مان چورائي ذبح ڪندا ھئاسين ،اٽو، ڳوھي گول پٿر ۾ ويڙھي ٽانڊن تي روٽ پچائيندا ھئاسين ، سندس چواڻي اسان ڇهھ ست ماڻھو ھڪ ٻڪرو کائي ويندا ھئاسين.

ان زماني ۾ اڃا  منھن ڀرڻي بندوق نئين نئين آئي ھئي ( مون ننڍپڻ ۾ اھا بندوق وٽس ڏٺي ھئي ) ،ھي اھا بندوق ھئي جيڪا انگريزن شڪار  لاءِ ايجاد ڪئي ھئي ، جنھن ۾ ڇرا ھٿ سان وجھبا ھئا، ۽ بعد ۾ دارو وجھي فائر ڪبو ھئو ، ميران خان جي ٽولي ۾ سڀني ڌاڙيلن وٽ منھن ڀرڻي بندوقون ھونديون ھيون ، نانا ٺپ اڻ پڙھيل ھوندو ھئو ،ان ڪري پراڻيون ڳالھيون يا سال واقعن جي مناسبت سان ٻڌائيندو ھئو، سندس چواڻي جڏھن انگريزن خلاف حرن جي تحريڪ زور ورتو ته اسان ھندن خلاف ڌاڙن ۾ تيزي آندي ،اسان جو حر تحريڪ يا پير پاڳاري سان ڪو واسطو ته ڪونه ھوندو ھئو پر ھڪ جذبو ھئو ته انگريزن ۽ ھندن خلاف ڪارروائيون ڪرڻيون آھن ، سندس چواڻي اسين ڌاڙا ھڻي ڦر جو سامان جبلن ۾ لڪائيندا ھئاسين ،سوچيندا ھئاسين ته واپسي ۾ کڻنداسين ڪيترائي ڀيرا ڀلجي ويندا ھئاسين ته ڦر جو سامان ڪٿي رکيوسين. ھن ٻڌايو ھڪ ڀيري ٽنڊي رحيم خان شھر مان ھڪ امير ھندو جي گھر مان ڌاڙو ھنيوسين ته ھڪ ھندو عورت قرآن ميڙ کڻي آئي ته منھنجي ڌيءَ جي ڏاج جو سامان آھي واپس ڪريو، ميران خان پنھنجي ساٿين کي حڪم ڪيو ته سمورو سامان ڇڏي واپس ھلو، ته اسين ٻين گھرن مان ڦريل سامان به اتي ڇڏي ڏنو. ڌاڙيل ميران جمالي کي مون ٻانڌي شھر ۾ لٺ جي ٽيڪ تي ھلندي ڏٺو ھئو تڏھن مون پرائمري اسڪول ۾ پڙھڻ شروع ڪيو ھئو پر ان کان پوءِ جلد ھو ٻانڌي ڀرسان پنھنجي ڳوٺ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ھئو  ،جڏھن مون کيس ڏٺو ته  ھو جھور پوڙھو ٿي چڪو ھئو.

پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريزن کيس جيل ۾ وڌو ھئو پر پاڪستان ٺھڻ بعد کيس آزادي ملي ھئي ،ان بعد ھن ڌاڙا ھڻڻ ڇڏي ڏنو ھئو. ميران خان بابت منھنجو بابا ٻڌائيندو ھئو ته ھن زندگي ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو پورو نالو نه ورتو ، ھو ماڻھن کي اڌ نالي سان پڪاريندو ھئو، ايتري قدر جو ھڪ فيصلي ۾ مير جعفر خان جمالي کي جعفو چئي اٿي ھليو آيو ھئو، پنھنجي طبيعت ۾ ھو سرڪش ماڻھو ھئو ، بابا جو نالو بخشل ھئو پر کيس ھو بخشو سڏيندو هو، بابا چواڻي کيس جواني ۾ ميران خان کيس ھڪ ڀيري نواب شاھ جي سيشن ڪورٽ ۾ وٺي ويو ته اتي جج جي سامھون ھنگامو ڪيائين ،مجبور ٿي جج کيس ٻڌڻ لڳو .

ميران جمالي  لاءِ ھڪ ٻڌل ڳالهھ اھا به آھي ته ڪراچيءَ جو ميران ناڪو سندس نالي سان منسوب آھي پر ان جي ڪا تاريخي ثابتي نه ٿي ملي ،البت 1990 ڏھاڪي ۾ ميران جمالي جي نالي سان ھڪ فلم ٺھي ھئي، ميران جمالي جو اڄ ڪو نالو نشان تاريخ ۾ ڪونھي نه سندس باري ۾ ڪا مستند لکڻي آھي پر اسان جمالين ۾ ميرناڻي پاڙو سندس اولاد منجھان آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.