بهرحال شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پهريون شاعر هو، جنهن طبيعي شعر چيو هو، سندس ڪلام ۾ حسن جون هاڪون، عشق جون صدائون، تصوف ۽ وحدانيت جي واکاڻ ملي ٿي سندس مڪمل ڪلام جنهن کي ” ڀٽائي جو رسالو ” چوندا آهيون, سندس لکيل ڪلام سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو تفسير ۽ ملڪي زبان ۾ ناياب تعبير آهي, شاعرانه خستوري جي خوشبوءِ جنهن هر هڪ کي موهي مستان ڪيو, شاه سائين سير ۽ سياحت جو پڻ وڏو شائق هو. قدرت جي هر ڪرشمي کي پنهنجي نوراني ۽ باريڪ نظر سان جاچي، ان جي جمال ۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو ۽ پوءِ ان جي هوبهو تصور پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو، شاهه صاحب سنڌ جي ڍنڍن, ڍورن برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ نهرن، ٿرن ۽ ماٿرين تي عاشق هو، مکيه خوبيون وفائي سان نقش ٿو ڪري، سندس خاصيت هي آهي جو قدرت جي ڳجهارت ڏانهن اشارو ڪري انهن کي وڃيو انسان جي دل جي حال سان لڳائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سموري زندگي، پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي، هو اسان کي ٻڌائي ٿو الله جي مخلوق جي خدمت ڪريون پاڻ ۾ امن سلامتي قائم ڪريون ۽ من ۾ محبت رکي لاطمئو ٿي هڪ ٻئي سان پيش پئون. شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح اڪثر پنهنجو سمورو وقت رياضيت، عبادت, شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو هو، قدرت جا من موهيندڙ نظارا کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا هئا، شاهه صاحب جي ٻاجهاري طبعيت ٺيڪ اطوارن ۽ پاڪ دامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيون، هڪ هو اڳيئي سيد ۽ ٻيو سڀاءُ جو هو سٻاجهو سو ته ويتر ماڻهن کي موهي وڌائين، شاهه صاحب جو قلب نهايت ڪومل هو، نه رڳو انسان ذات پر پکي پکيئڙن سان اٿاهه قرب هوس، دل ايتري قدر نرم هيس جو جانورن کي به نه ايذايو، شاه سائين پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪنهن پکي پرندي کي ڪو ڏک نه رسايائين.
پاڻ ڪکن ۽ ڪانن کي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته انهن ۾ به انسان کان وڌيڪ مريادا ۽ ساڃهه آهي، نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ڪکن کي ڏسو ڪيڏو نه مرم آهي، جڏهن ٻڏندڙ ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي منجهن هٿ ٿو وجهي، تڏهن کيس ڇڪي مٿي ٿا ڪن يا مرم وچان پاڙان پٽجي ۽ درد وچان دانهن ڪري ساڻس گڏ سير ۾ ٿا هليا وڃن، شاهه سائين جي هر سٽ ۾ وڏو سبق سمايل آهي هتي فرمايو آهي ته انسان کي گهرجي ته وفاداريءَ جو سبق ڪکن مان پرائي.
”ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن
توءِ ڪنڌي ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾“
شاهه صاحب هادي جي اها هدايت آهي ته هر انسان کي جڳائي ته هميشه خاڪساري ۾ گذاري ۽ پنهنجي ضمير جي حڪمن هيٺ هلي، ائين ڪرڻ سان نه سندس هٿان ڪو گناهه صادر ٿيندو نه ئي هو هن جهان مان ڪانيارو ٿي لڏيندو،
” آدمين اخلاق، مٽائي ماٿو ڪيو
هاڻي کائي سڀ ڪو ماڻهوءَ سنڌو ماس“!!شاهه سائين
ڏٺو وڃي ته هتي الله جي ڪامل ولي جن جون ڪيل ڪمايون جن وٽان ماڻهو فيضياب ٿيندا رهيا آهن خاص سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين سڏي وڃي ٿي جتي ڪيترن ئي الله پاڪ جي ڪامل ولين جون درگاهون آهن، جن هميشه پيار پريت، محبت، امن ڀائيچاري، انسانيت ۽ درگذري وارو درس ڏنو آهي، ڏٺو وڃي ته انسان جو ته هر گهر ۾ جنم ٿئي ٿو پر انسانيت ڪٿي ڪٿي جنم وٺي ٿي! هڪ نظر کڻي پنهنجي جهاتي ۾ پايون ته اڄ اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ? راه حق واري ڇڏي گهمراه ٿي ڇو ڀٽڪي پيا آهيون!! وٺ وٺان جي هن عالم ۾ جيڏانهن کڻي نظر ڦيرائجي اڪثر ماڻهو ويري بڻجي اندر ۾ ڪاريهر وارو وير رکي ويٺا آهن, وارو ايندي وار ڪندي اصل دير ئي نه پيا ڪن! افسوس ڌاريا جي دشمن بڻيا ته پنهنجن مان وري پنهنجائپ موڪلائي رهي آهي! ويساهه گهاتين ۽ بي رخيءَ جي هن دور ۾ ذهنن جو سڪون ختم ٿي چڪو آهي، هر ڪنهن اڪثر حد کان وڌيڪ خواهشون وڌائي ڇڏيون جنهن جي ڪري گهڻو ڪري هر هڪ پريشاني ۽ بيچيني ۾ مبتلا نظر اچي ٿو, صبر و شڪر رهيو ئي ناهي ٿوري گهڻي تان جهيڙا جهڳڙا خون قتل هر روز معمول بڻيل آهن!! بحرحال انسان دنيا جي ميدان ۾ عمل جو ٻج پوکڻ آيو آهي، جيڪڏهن هن پوري وقت تي پاڻ سنڀالي پنهنجو فرض ادا نه ڪيو، ته وڃي اهڙي اوڙاهه ۾ ڪِرندو، جتان پاڻ ڪڍڻ مشڪل ٿي پوندو. لطيف سرڪار پنهنجي هن بيت ۾ انسان ذات کي سمجهاڻي لاءِ فرمائي ٿو ته
جي ڀائين ته جوڳي ٿيان مري ٿي مٽي،
ڪڇ پڇ ڪنهن سان ڪينڪي فقت ڪر ڦٽي،
ڪر ڏٺي به اڻ ڏٺي, ته من سڃاڻئي سپرين.
سبحان الله ڇا ته شاهه سائين جي هن شعر ۾ سمجهاڻي سمايل آهي، ٻين جا اجايا عيب ڪڍڻ بدران پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، خالي ڪُني جيان اڀامڻ کان بهتر آهي، وزني شئي وانگر هيٺ تري جي تهه تي هجڻ گهرجي. هونئن به هتي سڀ ڪجهه فنا ئي ٿيڻو آهي، پوء اڄ جي انسان جو اجائي آڪڙ, وڏائي , انا ,تڪبر , غرور وغيره آخر ڇو ۽ ڇالاءِ آهي? جڏهن وڏا وڏا حشمت ۽ عظمت جا صاحب نيٺ زمين دوز ٿي ويا، هن زمين ۾ ڪيئي سڄڻ دفن آهن، انسان جو ڪم آهي ته سجاڳ ٿي حقيقي پرين کي لوچي، شاهه سائين هميشه پنهنجي شاعري ۾ اهڙو ته درس ۽ پيغام ڏنو آهي جو منهنجي نظر ۾ ڪو ماڻهو ان جي هڪ شعر تي عمل ڪري ته نيڪن جي لسٽ ڳڻجي پوي، ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار خود فرمايو ته:
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهن،
نيو من لاهين پريان سندي پار ڏي.
بيشڪ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ ايڏي ته گهرائپ ۾ رکي آهي، جيڪا پڙهڻ پروڙڻ کانپوءِ سندس لکيل ڳالهه جي خبر پوي ٿي، ايئن کڻي چئجي ته سائين جي چيل هر هڪ سٽ ۽ سر ۾ وڏا داستان سمايل آهن, پاڻ ڪيتريون ئي قرآن پاڪ جو آيتون پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري لکيون آهن، پاڻ ظاهر ۾ اسان وٽ موجود نه آهن پر سندس لکيل ڪلام اڄ به اسان جي زبان ۽ دلين ۾ موجود آهن ۽ تا قيامت ڏينهن تائين زنده ۽ موجود رهندو جيڪو پڙهڻ پروڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان بلڪل رهبري ڪندو رهندو .