پنجاب حڪومت پاران عوام کي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف جي آجيان ڪرڻ گهرجي

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز  پنجاب صوبي جي عوام کي بجلي جي استعمال ڪيل يونٽن تي 14 رپين جو جيڪو رليف ڏنو آهي سو ڀلي ٻن مهينن لاءِ هجي تنهن جي پوءِ به آجيان ڪرڻ گهرجي سنڌ حڪومت به جيڪر  پنهنجي صوبي جي عوام کي هنن شديد ترين گرمين ۾ بجلي جي استعمال ڪيل يونٽن تي اهڙو فائدو ڏيڻ جو سوچي سا الٽو  پنجاب حڪومت جي ان رليف تي تنقيدي مهم شروع ڪري ڏني آهي.

اهڙي توقع گهٽ ۾ گهٽ پ پ حڪومت نه هئي جيڪا پاڻ کي عوامي حڪومت سڏائڻ جي دعويٰ ڪندي آهي چوندا آهن  ته جيڪڏهن ڏجي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڏکائجي به نه . پ پ حڪومت پنجاب جي عوام کي مليل رليف تي ارهائي ڏيکاري  پنجابي عوام جي به دل ڏکائي آهي. پ پ حڪومت کي اصل ۾ ناگوار ڳالهه اها لڳي آهي جو مسلم ليگ وارا چوڻ لڳا هيا ته ٻيا صوبا به ائين ئي پنهنجي صوبي جي عوام کي پنجاب حڪومت جيان رليف ڏين ۽ مسلم ليگ (ن) جااڳواڻ وري اهو چوڻ تي ان ڪري مجبور ٿيا جڏهن مٿن جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم،۽ پي ٽي آءِ اها تنقيد ڪئي ته مسلم ليگ (ن) رڳو هڪ صوبي کي ڇو رليف ڏنو آهي. اهو رليف سڄي ملڪ جي عوام کي ملڻ گهرجي ها جنهن تي مسلم ليگ (ن ) جي اڳواڻن وراڻيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي پاڻ پنهنجي بجيٽ مان پيسا ڪڍي پنهنجي صوبي جي عوام کي ريلف ڏيڻ گهرجي.

هونئن ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت به ان کان اڳ سڄي ملڪ لاءِ 1 کان 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏئي چڪي آهي ۽ وڌيڪ رليف لاءِ به وزير اعظم شهباز شريف ارادو ڏيکاريو آهي. اسان ته مسلم ليگ (ن) جي ان اڳ ڀرائي کي جماعت اسلامي جي اسلام آباد ۾ ڪيل احتجاجي ڌرڻي جو ڪامياب نتيجو سمجهون ٿا ۽ ان جي آجيان ڪيون ٿا. پر پ پ جي اڳواڻن الائي ڇو ان کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهي ڇو پنجاب حڪومت جي پيروي ڪن تنهن ڪري انهن وري الٽو پنجاب حڪومت جي خلاف تنقيدي مهم  شروع ڪري ڏني آهي ته صرف ٻن مهينن لاءِ ڏنل رليف مان ڇا ٿيندو ٻن مهينن کانپوءِ وري بجلي جون ساڳيون قيمتون بحال ٿي وينديون ته اهو ڪهڙو رليف ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهو به چيو آهي ته اسان اهڙا بيوقوفاڻا فيصلا ڇو ڪريون. اسان ته بجلي سستي ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي  پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

بهر حال اسان جو خيال آهي ته موجودهه ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۽ خاص ڪري گرمي جي موتمار موسم اندر  جنهن ۾ بجلي جو تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي تن مهينن ۾ مليل ا هو مالي فائدو به وڏي سهولت آهي  اڳتي هلي ته اونئن ئي سياري جي موسم  ايندي تنهن ۾ اونئن ئي بجلي جي گهٽ استعمال تي بل گهٽ ايندا،

سو  اسان جو پ پ کي  مشورو  اهو آهي ته  پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بدران اوهان به عوام کي رليف ڏيو، پ پ کي غير ضروري طور تي پنجاب حڪومت جي ڏنل رليف کي اشو  نه بڻائڻ گهرجي ان سان خود پ پ حڪومت جي پنهنجي ساک خراب ٿي رهي آهي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جيئنءَ پ پ تي ٺٺول ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت به پريشان آهي ته پنجاب بلن ۾رليف ڇو ڏنو آهي اسان جو به خيال آهي ته پ پ حڪومت کي اهڙو تاثر قائم نه ڪرڻ گهرجي.

 

درياهه ۾ آيل چاڙهه جي آجيان ۽ بد انتظامي جي مذمت

 

سنڌو درياهه ۾ جڏهن به چاڙهه ايندو آهي ته اسان سنڌ واسي ان تي سرهائي جو اظهار ڪندا آهيون ڇاڪاڻ ته سنڌ جاگرافيائي طور تي پڇاڙ جو علائقو آهي ۽ پڇڙي کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ناهي ملندو ته اها سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندي آهي پر وري جڏهن درياهه ۾ گهڻو پاڻي ايندو آهي ته پڇڙي ٻڏي به ويندي آهي تنهن ڪري ڀٽائي صاحب چئي ويو آهي ته ”ڏکي توءِ ڏڪار توڻي وسن مينهڙا“ پر  اسان سنڌ ۾ ايندڙ واڌو پاڻي تي ارها ناهيون.

ها البت اها حقيقت ضرور آهي ته حڪومتن جي بدانتظامي ۽ نا اهلي سبب درياهه ۾ آيل اهو  چاڙهه ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪري ويندو آهي جنهن سبب عوام کي ۽ ان جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسندو آهي تنهن ڪري اسان هر سال حڪومت کي آبڪلاڻي جي مند اچڻ اڳ ئي ياد ڏياريندا رهندا آهيون ته اڳواٽ بندوبست ڪيو درياهه جي رستن تان رنڊڪون هٽايو واهن ۽ نالن جون کوٽايون ڪرايو  ته جيئن وڌ ۾ وڌ ۾ پاڻي جمع ڪري سگهجي ۽ اهو نقصان نشاندهين کي نظراندز ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن پاڻي مٿن کان گذري ويندو آهي ته پوءِ ئي وارو وارو ڪندي آهي تيسيتائين سڀ ڪجهه لڙهي چڪو هوندو آهي ۽ اها ڪار هر سال ٿيندي آهي، پر مجال جو حڪومت ڪجهه سکي.

هن چئوماسي جي موسم ۾ به ملڪ اندر پوندڙ  برساتن ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پيل برسات سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، گهوٽڪي، نوشهري فيروز، شڪارپور، وغيره جهڙن وڏن شهرن کي ئي ٻوڙي ڇڏيو  جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ميونسپل انتظاميا شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال واري نظام کي اپ ڊيٽ نه ڪيو ۽ نه ئي انهن کي وڌايو جڏهن ته ميونسپل انتظاميا کي برسات جي پاڻي جي نيڪال جو وڌ ۾ وڌ بندوبست ڪرڻ گهرجي. جڏهن اهڙو ڪم ناهي ڪبو تڏهن ئي برسات تباهي  مچائيندي آهي.

ائين ٻوڏ کان بچاءُ جا به جيڪي اڳواٽ انتظام ڪرڻ گهرجن ها، سي ناهن ڪيا ويندا جنهن ڪري ٻوڏون اينديون  آهن سو ڏوهه درياهه ۾ آيل چاڙهه يا برساتن جو  نه پر انهن کي انهن کي ڏيڻ جو انتظام نه ڪرڻ  واري حڪومتي ۽ انتظامي غلفت جو هوندو آهي جنهن ڪري نعمتو ن به پوءِ زحمتون بڻجي وينديون آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.