سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان ايندڙ ٻوڏن سبب غربت پنهنجي آخري حد ڪراس ڪري چڪي آهي، ماڻهن وٽ جهڳي ٺهرائڻ، ٻار پڙهائڻ، سٺو کاڌو کائڻ، پيٽ منجهھ پنج گراهه اناج جا وجهڻ جيتري وسيعت رهي ناهي، ماڻهن کي نڪي ڪٿي نوڪري ملي سگهي آهي، نڪي ڪٿي ڪارخانو هجي جو اتي مزدوري ڪري ان لپ شام جو بوڇڻ ۾ ٻڌي گهر ٻچڙن جي لاءِ آڻي سگهن. معصوم ٻارڙن کي ٻيون سهولتون پڙهائي، رانديڪا، چمپل، بوٽ، ڪپڙا ته ميسر ٿي نه سگهيا آهن، پر کين کائڻ لاءِ خوراڪ ملي ڪين سگهي آهي، دعوائون وڏيون سنڌ سرڪار ڪندي رهي آهي ته هزارين گهر ماڻهن کي ٺهرائي ڏنا ويا آهن، پر ڪو هڪڙو ڳوٺ اهڙو ڏسڻ ۾ اڄ تائين نه آيو آهي، جيڪو سرڪار سڳوري ٺهرائي ڏيکاريوهجي يا متاثر ماڻهن کي ڏنو هجي، پنجاب ۾، ڪي پي ڪي ۾ پڻ ٻوڏون اچن ٿيون انهن ماڻهن جي سهائتا اوليت جي بنياد تي اتان جون حڪومتون ڪري رهيون آهن.
تازو پنجاب ۾ پنج سئو يونٽ بجلي ٻاريندڙ گهر کي چوڏهن روپيا هڪ يونٽ تي اگھه ۾ رعايت ڏني ويئي آهي، جيئن ته بجلي کاتو وفاق جي ڪنٽرول ۾ آهي، پر وفاق شايد رڳو پنجاب جو علائقو ئي آهي، جنهن کي سهولتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ کي وفاق جي مهربانين جي لائق سمجهيو ئي نه ٿو وڃي. نڪي سنڌ جي حڪومت جي ترجيح تي سنڌ آهي جو سنڌ جي ماڻهن لاءِ وفاق کان سندن ڪوٽا جو حصو گهري سگهي، هڪ پنجاب جي رانديگر اولمپڪ راندين ۾ سونو تمغو حاصل ڪيو آهي ته سموري سرڪار، سمورو عوام ٺينگ ٽپن ڏيڻ ۾ نٿو جهلجي، سنڌ جي وزير اعليٰ کان وٺي سنڌي صدر سوڌو انعامن جا رانديگر مٿان مينهن وسائي رهيا آهن، جڏهن ته اهڙا اولمپڪ راندين جا تمغا دنيا جي ڪيترن ملڪن جا رانديگر کٽيو ويٺا آهن، پر اتان جي حڪومتن يا عوام ڪڏهن ايترو تماشو سرڪاري خزاني مان خرچ ڪرڻ تي ڏيکاريو ناهي، وري به شڪر آهي جو سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت رانديگر صاحب کي اڃا تائين سنڌ جي زمين ڏيڻ جو اعلان نه ڪيو آهي، جيڪو شايد ستت ئي ڪري وجهي. جهڙي طرح ڪراچيءِ جي منهوڙي ۽ ڪياماڙي جي ڇهھ هزار ايڪڙ زمين جن تي پنجيتاليھه ڳوٺ پاڪستان کان اڳ جا قائم ٿيل موجود آهن، تن کان زمين کسي رٽائرڊ فوجين کي ڏيڻ جو اعلان سنڌ سرڪار ڪيو آهي، هڪڙن ماڻهن کي جيڪي قديم زماني جا ڌرتي تي ويٺل پراڻا وارث آهن تن کي اٿاري سندن زمينن تي قبضا ڪري نون ماڻهن کي جيڪي نه مقامي آهن. نڪي سنڌ صوبي جا آهن. تن کي آباد ڪرايو پيو وڃي.
سنڌ جي ماڻهن ۾ غربت ان هنڌ تي پهتي آهي. جو دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ منجهھ پنجيتاليهھ ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون غربت سبب والدين پالي نه سگهڻ سبب، پيسن تي وڪڻي سندن نابالغي جي عمر ۾ کين وڪڻي سندن شاديون ڪرايون آهن. انسانيت جي توهين ۽ تذليل ٻي ڪهڙي ٿي سگهندي آهي؟ جو معصوم ٻارڙا وارث وڪڻي رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ته حڪومتن کي ڪرڻي هوندي آهي، پر سنڌ جي ماڻهن سان هر ڀيري هر ٻوڏ ۾ نڌڻڪو ڪري کين ايذاءَ ڏيئي ماريو ٿو وڃي.
عالمي ليول تي ٻارڙين جي شادين جي خبر شايع ٿيڻ سبب سنڌ جي حاڪم کي وڃي خبر پيئي آهي. جنهن روايتي طريقو استعمال ڪندي، ڪمشنر حيدرآباد کان ان واقعي جي رپورٽ گهري آهي، اڳ ۾ اهڙن معاملن تي ڪيتريون ڪميٽيون، ڪميشنون، رپورٽون گهرايون ويون آهن. تن ڪهڙا نتيجا ڏنا آهن. جو هن معاملي جي رپورٽ سنڌ جي حڪومت ۾ ڪو ترس رحمدلي پيدا ڪندي. جو انهن نياڻين جي امداد لاءِ ڪو اعلان ڪيو ويندو. هي واقعو هي خبر مهذب دنيا جي ماڻهن لاءِ وڏو الميو ۽ انساني تذليل جي بڇڙاين ۾ ڳڻيو ويندو آهي.
مهذب سماج ۾ ايئن ٿئي ها ته اتان جون حڪومتون ماڻهن جي پريشر سبب ڊسمس ٿي وڃن ها. پر سنڌ ۾ ڪنهن وزير جي اک مان حيا جو ڳوڙهو اڃا تائين ڳڙي نه سگهيو آهي. هي سنڌ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن، ڪٿي به گورنمينٽ جي رٽ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي بنيادي حقن جي گهر ڪن ٿا ته مٿن دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. ماڻهن کان جيئن جو حق ٻيو ڪيئن کسبو آهي جو سندن اولاد جي وڪڻڻ جا هوڪا ڏنا وڃن ٿا.
پنجاب جي حڪومت جي سولر پليٽن جي ڏيڻ، ليپ ٽاپ ڏيڻ، جا اشتهار آمريڪا ۽ برطانيا جي شهرن ۾ اشتهارن وارا پوسٽر لڳائي مهانگا خرچ پبلسٽي تي ڪيا ٿا وڃن. جڏهن ته هتي ماڻهن کي ٻن ويلن کائڻ جي اٽي وٺڻ جي قوت ڪانه رهي آهي. سو حڪمران! توهان ماڻهن جا حاڪم رڳو پروٽوڪول ۾ گهمڻ، يا وڏيرن کي وزير بڻائڻ لاءِ نه بڻيا آهيو. توهان کي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. پنهنجا فرض پورا ڪريو.