دنيا جو هر مذھب انسانيت پيار ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، انهن جون ريتون رسمون پيار ۽ محبت جي عڪاسي ڪن ٿيون پر ماڻھو انهن پيار محبتن سان ڀريل ريتن رسمن کي غلط رنگ ڏئي نفرتون ۽ انتشار ڦهلائين ٿا. اڄ هندو ڌرم طرفان ملهايو ويندڙ رڪشا بندن جو ڏڻ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پيار ۽ محبت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اڄ جي هن نفرتن ڀريل معاشري ۾ جتي نياڻين جي کلڻ ۽ روئڻ تي پابندي آهي، گهمڻ ڦرڻ تي پابندي آهي، جتي نياڻين کي ڪاريءَ ڪري ماريو وڃي، اھڙي معاشري ۾ هندو ڌرم طرفان ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي محبت ڏڻ ملهائڻ ڀيڻ جي هر حال ۾ حفاظت ڪرڻ جو وچن مذھبي ڏڻ سان گڏوگڏ هن معاشري لاءِ هڪ وڏي اهميت ڀريو پيغام آھي.
محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آھي، پوءِ اها محبت ماءُ سان به ٿي سگهي ٿي ته محبوب سان به ٿي سگهي ٿي، ٻچن سان به ٿي سگهي ٿي، ڌرتي سان به ٿي سگهي ٿي. پر جيتري سچي محبت ڀاءُ ڀيڻ جي هوندي شايد ٻين رشتن ۾ ايتري مٺاس يا پيار نه هجي دنيا ۾ رڪشا بندن جو ڏھاڙو صرف راکي ٻڌڻ جو ڏهاڙو ناهي ملهايو ويندو، پر هڪ پويتر رشتي جو مان ۽ محبت جي احترام سان گڏ نفرتن ۽ انتشار کي مات ڏيڻ جي سڃاڻپ طور به ملهايو ويندو آھي، هي ڏھاڙو ان لاءِ به ملهائڻ ضروري آھي ته رشتا صرف نالن تائين محدود ناهن رهندا، پر انهن جي سڃاڻپ، انهن جو مانَ، انهن جي مرتبي جو احساس به ڏياريو ويندو آھي. اهو انتهائي ضروري آھي ته زنده انسان رشتن جي اهميت کان واقف نه هجي ته ان کي پرکڻ ۽ نڀائڻ لاءِ اصل رشتا ۽ انهن جا ڏينهن ملهايا ويندا آھن.
ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو هڪ عظيم ۽ پاڪ رشتو تصور ڪيو ويندو آھي، سناتن ڌرم ۾ هن رشتي جي اهميت ڪجھه هن طريقي سان به ڪئي ويندي آھي، ته جيڪا ڀيڻ ڀاءُ کي ساڄي هٿ ۾ راکي ٻڌائيندي آھي اهو هٿ صرف ان جي نه پر هر ان ڀيڻ جي سنڀال ۽ حفاظت جو وچن جو داڳو هوندو آھي اها ڏور هوندي آھي اها سڃاڻپ هوندي آھي اهو احساس هوندو آھي جنهن جو قرض ڀاءُ کي ان جي حفاظت جي بدلي ۾ لاهڻو هوندو آھي پوءِ اها ڀيڻ لازمي ناهي سڳي ڀيڻ هجي ڀاءُ کي اهو احساس ڏياريو ويندو آھي ته جنهن حب ۽ محبت سان هي ٻڌي رهيو آھين ان جو مانَ به رکجان ڇو ته هن راکي جي خوشبوءُ جو ذائقو چکڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھه ناهي هوندي محبت جو هي پاڪ ۽ دامن رشتو ايترو ته مضبوط ۽ اٽوٽ هوندو آھي ڄڻ سنڌو درياءُ جون من موھيندڙ ڇوليون جيئن درياءُ کان ڌار ٿي نٿيون سگهن ايئن ئي هي ناپاڪ به ٿي نٿو سگهي.
هي رشتو مور پکي جيئان هڪ پاڪ رشتو آھي. هن رشتي کي وڻ جي ڪنهن ٻُور جي خوشبو جي ناتي جيئان سمجهيو ويندو آھي. هن رشتي جي مهڪ ته گلاب جي گلن جيئان هوندي آھي. رڪشا بندن جي ڏينهن جو مزو ڪجھه الڳ ئي هوندو آھي هرڪو ڀاءُ پيو چاهيندو آھي ته ڀيڻ جي گهر وڃان راکي ٻڌي اچان ڀيڻ جي هٿن جي ٺاهيل ماني کائي اچان، ان جي دل مان اها دعا نڪري ته ڀاءُ شل سکيو ۽ ستابو رهي ۽ ڀيڻ ان انتظار ۾ هوندي آھي ته ڪڏھن ٿو منهنجو ڀاءُ اچي ته ان کي راکي جي واس ڏيان ۽ اها ڀيڻ ڀاءُ کي چوڏينھن جي چنڊ کان گهٽ ناهي سمجهندي هي ماکي کان به مٺڙو هوندو آھي. هي محبتن ڀريو نيڪ رشتو هڪ انمول تحفو آھي راکي ايتري پيار ۽ محبت سان خريد ڪيل هوندي آھي جو ان کي ڪنهن ندي جي پاڪ پاڻي سان نه پر راکي جي مالا سان ائين ڳنڊيون ويندو ڄڻ ڪنول جي گل جو ديدار ٿيو هجي. اڄوڪي ڏينهن تي سمورا هندو ڀائر رڪشا بندن جو ڏينهن ملائي پنهنجي ڀينرن کان راکي ٻڌرائي اهو وچن ڪندا آهن ته اسين جتي به هجون اوهان جي رڪشا ڪنداسين. هن سماج ۾ نياڻي هندو هجي يا مسلم هجي، اها غير محفوظ ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح ظلم جو شڪار رهندي پئي اچي. ان لاءِ انهن کي هر تحفظ مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي.