اسان دنيا جي هڪ اهڙي خطي ۾ رهون ٿا، جتي قانون نالي ڪا به شئي ناهي، هتي ايترا ته مسئلا آهن جو هڪ مسئلي مان اڃان مس آجا ٿيون ٿا ته وري ڪو ٻيو نئون معاملو سامهون اچيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاه جي هڪ نياڻي شازيه جو واقعو اکين اڳيان آيو. جنهن مون تي ايترو ته سڪتو طاري ڪري ڇڏيو جو آئون لڳاتار هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس. سوچيم ته مٿس ٿيل ظلم تي ڪجهه لکان. جڏهن ان واقعي جو سوچيم ته منهجون اکيون ڀرجي آيون مون کي سمجهه ۾نه پئي آيو ته آخر آئون ڪٿان کان شروعات ڪيان، شازيه جو دانهون لکان، سندس درد تي لکان يا سندن مائٽن جي بي حسي تي لکان گهڻو وقت ته ڪونه گذريو آهي.
هڪ عورت کي هن مرداڻي سماج ۾ ساھ کڻڻ لاءِ ڪيڏا نه وڏا جتن ڪرڻا ٿا پون، جتي ننڍڙي هوندي کان کيس هسيايو ۽ ڊيڄاريو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته امان تون ڇوڪريءَ آهين اڪيلي ٻاهر نه وڃ، تون دوڪان تي نه وڃ وغيره وري جڏهن اها جوان ٿي ٿئي ته به اهو چيو ويندو آهي ته هاڻ تون جوان ٿي وئي آهين ان لاءِ ٻاهر نه نڪرندي ڪر.
ترقي يافته ملڪن جي ڪاميابي جو راز اهو به آهي ته اتي عورتن کي برابري جا حق حاصل آهن، سماجي ترقي لاءِ عورت کي خودمختيار ۽ کين برابر جو شهري تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، پر اسان وٽ گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي.
جو هتان جي عورت پنهنجو جيون گھارڻ لاءِ پنهجي مرضي جي مالڪ ناهي، پر جيڪڏهن ڪا عورت ڪو اهڙو مطالبو ڪري ٿي ته ان کي هر طرف ۽ هر لحاظ کان پريشان ڪيو وڃي ٿو، جو اسان جي معاشري جو جيڪو اسان عورتن کي غلامي جو درس ڏيندي نه ٿڪجندو آهي. ان معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا عورت خودمختياري جي گُهر ڪري ٿي يا روزگار جي سانگي سان گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته سندن اهو عمل رجعت پسندن کي بلڪل ئي نٿو وڻي.
جيڪو معاشرو عورت کي بار سمجهي، جيڪو معاشرو عورت جي ذليل خوار ڪري جتي جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪيو وڃي انهي جهالت کي ڪيئن منهن ڏجي جيڪا روز به روز وڃي ٿي وڌندي.
اسان جي سماج ۾ عورت رڳو ان کي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا سندن گهر جي آهي باقي ٻين کي ته گوشت جو دوڪان سمجهي اهڙن نظرن سان ڏٺو ويندو وڃي ٿو جهڙوڪ اها ڪا زمين تي لٿل آسماني مخلوق هجي.
ڪجهه ڏينهن اڳ بيليجيم مان آيل مهمان عورت کي اغوا ڪري ان کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، هي ملڪ ايترو غير محفوظ ڇو آهي، عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي آخر تحفظ ڪڏهن ۽ ڪير ڏيندو؟ ان سوال جو جواب قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حڪومتي نمائندن کي ڏيڻ گهرجي.
ترقي يافته ملڪن جي ڪاميابي جو راز اهو به آهي ته اتي عورتن کي برابري جا حق حاصل آهن، سماجي ترقي لاءِ عورت کي خودمختيار ۽ کين برابر جو شهري تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، پر اسان وٽ گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي.