وزيراعظم شهباز شريف سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 5 وزارتن ۽ 28 کاتن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ 7 رڪني نئين ڪميٽي جوڙڻ جو به حڪم ڏنو آهي. اعليٰ سطحي ڪميٽي پاڻ تي ڀاڙڻ واري اسڪيم تي ڪم ڪندي. ھن معاملي جو دلچسپ پهلو ھيءَ آهي ته ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو هڪ پرڏيهي اقتصاديات جي ماهر پروفيسر اسٽيفن ڊرڪن جي مشوري تي ڪيو ويو آهي.
يعني حڪومت ’پرڏيهي ماهرن‘ جي محتاج آهي ته جيئن معلوم ٿئي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ ادارا مقامي صلاحيتن ۽ وسيلن تي ڀروسو ڪري مختلف شعبن ۾ ڪيئن ڪم ڪري سگهن ٿا. انهن اعلانن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جا معاشي مسئلا انڌن کي هٿ آيل هاٿي وانگر آهن. يعني ”مئي هاٿي مامرو اچي پيو انڌن“ جنھن کي ڪن ٿو ھٿ لڳي اھو ُسپ ۽ جنھن کي پير ٿو ھٿ لڳي اھو ٿوڻي ۽ ٻئي ڪنهن کي جي ٻيو حصو ٿو ھٿ لڳي تھ اھو ٻي مراد ٿو ڪڍي ائين ھر ڪو پنھنجي پنھنجي مراد ڪڍي ٿو.
حڪومت هڪ مٿان ٻي ڪميٽي يا ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪري ٿي يا وزير اعظم ڏانهن منسوب اهي ’آرڊر‘ ٻڌايو وڃي ٿو ته ’آئون ان معاملي جي پاڻ نگراني ڪندس‘. اهم سوال ھي آھي ته جيڪڏهن شهباز شريف سمورا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ته پوءِ ھيڏي ساري ڪابينا ۽ ڪميٽين ۽ ٽاسڪ فورسز پالڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.ان مان حڪومت جي بد حواسي پڌري ٿي رھي آھي.ڪميٽيون قائم ڪرڻ ۽ وزيراعظم جي سڌي نگراني جي اعلانن جو مقصد عوام کي اهو پيغام ڏيڻ آھي تھ حڪومت معيشت جي حوالي سان سنجيده آهي ۽ وزيراعظم صورتحال سڌارڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي.معيشت جو بنيادي اصول آهي ته جيستائين مقصد مقرر نه ڪيا ويندا ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول پيدا نه ڪيو ويندو، تيستائين معاشي خرابي درست نه ٿيندي.بدقسمتيءَ سان ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪم انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي موجوده مسئلن جو سبب بڻيا آھن.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اسحاق ڊار کي معاشي ذهن سمجهي ٿي، پر سندس واحد صلاحيت سندس نواز شريف سان تعلق ۽ مائٽيءَ آهي. اهڙي طرح حڪمران خاندان جي صلاحيت ۽ قابليت جو پول کلي ٿو. اسحاق ڊار کي نئين ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ چونڊيو ويو آهي، ان کان سواءِ پرڏيهي ماهرن جي صلاح تي به غور ڪيو ويو آهي.ڏٺو وڃي ته ان ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزير يا رٿابندي واري وزير کانسواءِ ڪو به وزير ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، رڳو ھڪ نئون هاٿي پاليو ويو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته هي ڪميٽي، جنهن جي مدد لاءِ پرڏيهي ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، مفت ۾ ڪم نه ڪندي. جيتوڻيڪ اهو اعلان ڪيو ويو ته ان جا ميمبر مفت ۾ ڪم ڪندا، پرڏيهي ماهرن کي انهن جي صلاح مشوري لاءِ ڊالرن ۾ ڏنا ويندا ۽ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ کي هلائڻ ۽ معزز ميمبرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو خرچ هوندو.
پرڏيهي وزير کان سواءِ اسحاق ڊار هن وقت ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو به رکي ٿو، جڏهن ته اهڙي عهدي لاءِ ڪابه روايت يا آئيني مينڊيٽ ناهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران آصف زرداري مسلم ليگ (ق) کي خوش ڪرڻ لاءِ پرويز الاهي کي ڊپٽي وزيراعظم بڻايو. ان کان سواءِ هن عهدي تي ڪڏهن به ڪو نه رهيو آهي.نوازشريف جيڪو پنهنجي سياسي پوزيشن وڃائڻ کانپوءِ پنجاب ۾ پنهنجي ڌيءَ جي وڏي وزير جي عهدي جي پويان پاڻ کي منظر عام تي رکڻ چاهي ٿو ۽ عوام جي مالي مسئلن ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ يا رعايت بابت بيان ڏئي سياسي تصوير جو حصو بڻيل آهي.اهي به اسلام آباد ۾ پنهنجي ڀاءُ جي غيرذميوارانه عملن کان بيزار آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ سان اتفاق ڪندي يا سندس احسان مڃيندي هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ جو ضد ڇڏي پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي اهو عهدو ٻيهر حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو، پر اسحاق ڊار جهڙي شخص کي اها اجازت نه هئي وڏي ڀاءُ جي اطمينان جو بندوبست ڪري کيس نئون عهدو عطا ڪيو وڃي. بهرحال، جيستائين اسحاق ڊار جي مھارت ھلندي تيستائين شهباز شريف جي حڪومت مان معاشي معجزي جي اميد بيڪار هوندي.
نواز شريف جي دور حڪومت ۾ اسحاق ڊار طرفان ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي نالي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، ان جي نتيجي ۾ ادائيگين جي توازن جو هڪ سنگين مسئلو پيدا ٿيو، جنهن کي موجوده حڪومت اڃا تائين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان کانپوءِ عمران خان خلاف بي اعتمادي کانپوءِ شهباز شريف وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو ۽ مفتاح اسماعيل کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. ڪراچي جي هن واپاري ۽ اقتصاديات جي ماهر ملڪ جي مالي پاليسين کي ڪنهن حد تائين درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ سبب پيدا ٿيل خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ عالمي اداري سان به ڪامياب ڳالهيون ڪيون. پر نواز شريف مطمئن نه هو ۽ هن مفتاح اسماعيل کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ لنڊن ۾ خود ساخته جلاوطني جي زندگي گذاريندڙ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻايو.
عهدو حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسحاق ڊار ’ڊالر کي قابو ڪرڻ‘ جي دعويٰ ڪندي پاڪستان واپس آيو هو، پر ملڪ جون معاشي حالتون خراب ٿي چڪيون هيون ۽ بدترين معاشي حالتن ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو اگھھ وڌائڻ ممڪن نه هو.ان ھوندي اسحاق ڊار ان دعوائن سان پنهنجو عهدو سنڀاليو ته ”مون کي عالمي ادارن سان ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي، آءِ ايم ايف کي ڏسي وٺندس“. ان کانپوءِ آءِ ايم ايف کي ڪيئن قائل ڪيو ويو، اها ڪهاڻي شهباز شريف کان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي.هاڻي نئين ڪميٽي ٺاهي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي ان جي صدارت هيٺ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ڄڻ ته اسحاق ڊار جي انا کي خوش ڪرڻ لاءِ اھا هڪ ڪميٽي جڙي آھي.
ان پسمنظر ۾ وزارتن ۽ کاتن کي ختم ڪرڻ کان سواءِ اڍائي لک سرڪاري عھدن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.آفيس جي ملازمن ۾ اها گهٽتائي صفائي عملي ۽ چوڪيدارن کي هٽائڻ سان پوري ٿي ويندي ؟ ان جو مطلب اهو ناهي ته آفيسن جي ’صاحبن‘ کي اضافي صفائي جو ڪم ڏنو ويندو، پر بچت واري منصوبي تحت اهو ڪم ملازم رکڻ بدران ’آئوٽ سورس‘ ڪيو ويندو. آئوٽ سورسنگ حڪومتي خرچن ۾ گھٽتائي جي بجاءِ واڌ ڪرڻ ھوندو آھي.ان سان ڪمپنين جي مالڪن جا بئنڪ اڪائونٽ سرڪاري وسيلن سان ڀرجي ويندا.ان اهم فيصلي ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته چوڪيدارن ۽ صفائي عملي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر نائب قاصد يا اڳوڻو پٽيوالي جو عهدو برقرار رهندو ته جيئن آفيسرن ۽ ٻين عملي جي خدمت جو ڪم مڪمل ٿي سگهي.
اڪثر ملڪن ۾ پٽيوالن جا عھدا ختم ڪيا ويا آھن.دروازو کولڻ يا بند ڪرڻ جو ڪم لاڳاپيل آفيسر يا ٻيا عملدار پاڻ ڪندا آهن يا ڪو ڪنهن کي پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي ته پاڻ ئي لاڳاپيل ماڻهو وٽ وڃي ڳالهائيندو آهي. اهڙي طرح، جيڪڏهن ڪافي يا چانهه جي طلب آهي، ته خودڪار مشين جي بٽڻ کي دٻايو "خود اعتمادي” جو مثال قائم ڪري سگھجي ٿو.
ملڪي معيشت جي بهتري جي غم ۾ ڪمزور ٿيندڙ وزيراعظم کي ڄاڻڻ گهرجي ته حڪومت جو بار گهٽائڻ لاءِ هيٺين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي تنگ ڪرڻ بجاءِ ويهن يا ان کان مٿي گريڊ جي آفيسرن کي هٽايو وڃي، جيڪي سياسي ضرورتن جي تحت يا گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي سمورن انتظامي آفيسرن جي سيڪيورٽي، سروس ۽ ٽرانسپورٽ تي ٿيندڙ خرچن کي ختم ڪيو وڃي. پر موجوده حڪومت وٽ اهو قدم کڻڻ جي جرئت نه آهي.