ڪورٽ مارشل جو ڪٽھڙو ۽ جنرل فيض حميد

تحرير: علي گل ڇڇر

12مَئي جي صُبح فجرِ جي وقتِ اچانڪِ گهٽيءَ ۾ گوڙُ ٿيو، فوج ۽ رينجرس جون گاڏيون هڪ گهرَ کي گهيرو ڪريو بيٺيون هيون، اهو گهرُ رميش اروڙا جو هو جيڪو قومي اسمبلي جو ميمبر آھي ان گهر ۾ داخل ٿيندي ئي سادو لباس پهريل اهلڪارن هڪ وقار نالي شخص جي باري ۾ پڇا ڪئي پر گهر وارن جي سڃاڻپ کانپوءُ خبر پئي ته هو غلط گهر ۾ داخل ٿيا آھن ۽ کين گهربل گهر ان گهر جي بلڪل آمهون سامهون هو، اهو گهر اسلام آباد جي نِجي هائوسنگ سوسائٽي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪَ ڪنور معيز جو هو جنهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سابق ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي درخواست ۾ سندس موقف هو ته 12 مئي 2017 ۾ جنرل فيض حميد جي چوڻ تي ٽاپ سٽي اسلام آباد ۾ سندس گھر ۽ آفيس تي ڇاپو هنيو ويو هو ،ڇاپي دوران اهلڪارن سندس گهر ۽ آفيس مان سون،هيرا ۽ قيمتي سامان کڻي ويا هئا ۽ کائنس زبردستي چار ڪروڙ جي رقم پڻ وصول ڪئي وئي هئي، ان درخواست جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ جي ان بينچ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو هو جنهن کانپوءِ پاڪستان فوج اپريل 2024 ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ  خلاف تحقيقات لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڏني هئي، پاڪستان فوج جي شعبي تعلقات عامه "آئي ايس پي آر” پنهجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪمن جي پوئواري ڪئي ويندي، آئي ايس پي آر پنهجي بيان ۾ اها وضاحت پڻ ڪئي ته جنرل فيض حميد جي خلاف ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آھي ۽ هو هن وقت فوج جي حراست ۾ آھي،

ڪورٽ مارشل ۽ قانوني مامرن بابت ايڊووڪيٽ جنرل برانچ ۾ ذميواريون نڀائيندڙ ۽ جبري گمشدگين وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ  ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم "بي بي سي” سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ٽاپ سٽي ڪيس بابت ٻڌڻي کانپوءِ  درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان جي روشني ۾ 24 اپريل تي فوجي قيادت الزامن جي جاچ لاءِ هڪ ميجر جرنل جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي هئي، هن قانوني پهلوئن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته، آرمي ايڪٽ سيڪشن 31 فوجي آفيسرن يا اهلڪارن کي بغاوت تي اڪسائڻ متعلق آھي جڏھن ته سيڪشن 40 مالي بدعنواني ۽ فراڊ جي زمري ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن به  فوجي آفيسر يا اهلڪار تي ان قسم جا الزام هوندا ته رٽائرمينٽ کانپوءِ ان مٿان ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

فوج جي تفتيشي طريقي ڪار ۾ ڪورٽ آف انڪواري” هڪ تفتيشي عمل آھي جهڙي طرح سولين ادارن ۾  "فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي” ٺاهي ويندي آھي ائين فوج اندر ” ڪورٽ آف انڪوائري” ذريعي ڪنهن به مسئلي بابت تفتيش ڪئي ويندي آھي، جيڪڏهن ڪنهن به فوجي آفيسر تي  بدعنواني، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو معاملو سامهون اچي ته  سيڪٽر ڪمانڊر ان معاملي جي جاچ لاءِ  "ڪورٽ آف انڪوائري” جو حڪم جاري ڪندو آھي، ڪورٽ آف انڪوائري کي ڪنهن به معاملي تي ايڪشن کڻڻ جو اختيار ناهي ھوندو البت ان جي سفارش جي پيش نظر ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي ٿي،

ڪورٽ مارشل ڇا آھي..؟

حاضر سروس ليفٽيننٽ جرنل جي سربراهيءَ ۾  هڪ عدالت قائم ڪئي ويندي آھي، جنهن ۾ ٻن ميمبرن کان سان گڏ جج ايڊوڪيٽ جرنل برانچ جو نمائندو شامل هوندو آھي، ان عدالت جي سربراھ کي "پريزيڊنٽ” چيو ويندو آھي ڪنهن به شخص جي خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي جي صورت ۾ کيس 24 ڪلاڪن اندر چارج شيٽ فراهم ڪئي ويندي آھي ۽ بعد ۾ مٿس لڳل الزامن جي ڪاپي پڻ فراهم ڪئي ويندي آھي، جنرل فيض حميد جي خلاف جڏھن ڪورٽ مارشل جي  ڪارروائي شروع ڪئي ويندي ته نجي هائوسنگ سوسائٽي جي سربراھ کي پراسيڪيوشن جي گواھ طور پيش ڪرڻ جو امڪان پڻ آھي ان کان سواءِ "ڪورٽ آف انڪوائري” جيڪي شاهديون گڏ ڪيون آھن ان جي روشني ۾ به وڌيڪ شاهدن کي پيش ڪري سگهجي ٿو، ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران جوابدار کي پنهنجي مرضي جو وڪيل ڪرڻ جو به حق حاصل آھي ۽ ان سان گڏ کيس پنهجي صفائيءَ لاءِ گواھ پيش ڪرڻ جو حق پڻ مليل آھي، جنرل فيض حميد پاڪستان فوج جو ٽيون ليفٽيننٽ جرنل آھي جنهن جو ڪورٽ مارشل ڪيو پيو وڃي هن کان پهرين ليفٽيننٽ جرنل رٽائرڊ جاويد اقبال کي 30 ڊسمبر 2019 تي ڪورٽ مارشل ذريعي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ بعد ۾ اها سزا معاف ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ان کان سواءِ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ ليفٽيننٽ جرنل رٽائرڊ اسد دراني جو پڻ ڪورٽ مارشل ٿيو هو 12 فيبروري 2019 تي آئي ايس پي آر ٻڌايو ته ڪورٽ مارشل سزا طور اسد دراني جي پينشن ۽ ٻيا فائدا ضبط ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو،

چڪوال سان تعلق رکندڙ جنرل فيض حميد جو شمار پاڪ فوج جي انتهائي اهم تجربيڪار آفيسرن ۾ ڪيو ويندو آھي، 2019 ۾ هو ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي پهتو ۽ 16 جون 2019 ۾ عمران خان جي دور حڪومت ۾ کيس انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو شمار پاڪستان جي طاقتورترين آئي ايس آئي سربراهن ۾ ٿئي ٿو، جنرل فيض  حميد 2019 کان 2021 تائين آئي ايس آئي جي ڊائريڪٽر جرنل جي عهدي تي فائض رهيو، 2021 تي افغانستان تي طالبان جي قبضي ۽ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ جنرل فيض افغانستان جو دورو ڪيو ۽ اتي هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جن کي ڳجهو رکيو ويو پر هو ان وقت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو جڏھن ڪابل جي هڪ هوٽل ۾ هن کي چانهھ پيئندي ڏٺو ويو هو ۽ سندس اها تصوير ميڊيا تي بحث جو موضوع پڻ رهي، سندس طالبان سان گهرا لاڳاپا هئا، جنرل فيض حميد جا ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان تعلقات بهتر رهيا پر هن کي پاڪستان جي سابق وزير اعظم عمران کي وڌيڪ ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، ڪجھه مبصرين جو چوڻ آھي ته  جنرل فيض حميد جي گرفتاري ۽ ڪورٽ مارشل عمران خان لاءِ ڪا سٺي خبر ناهي ڇو ته هاڻي عمران خان کي اڃا وڌيڪ مقدمن ۾ ڦاسايو ويندو، ميڊيا ۾ هاڻي اها ڳالهھ  وڏي پئماني تي بحث هيٺ آھي ته عمران خان نومبر  2022 ۾ جنرل رٽائرڊ قمر باجوا جي رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل فيض حميد کي آرمي چيف بنائڻ ٿي چاهيو،

فيض آباد ۾ لڳل ٽي ايل پي جو ڌرڻو هجي يا جسٽس شوڪت عزيز صديقي پاران مٿس دٻاءَ وجهڻ جا الزام هجن يا مشهور زمانا پاناما ڪيس ۾ ججز کي ڪنٽرول ڪرڻ جا الزام هجن يا وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم جي گفتگو رڪارڊ ڪرڻ جا الزام هجن انهن سمورن معاملن ۾ فيض حميد جو نالو سامهون ايندو رهيو آھي،

ملڪ جي نامور صحافي حامد مير وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته جنرل فيض حميد جي خلاف ٽاپ سٽي جو معاملو ته آھي پر ان تي رٽائرمينٽ کانپوءِ به مختلف معاملن ۾ ملوث هئڻ جا الزام ۽ ثبوت آھن هن چيو ته جنرل فيض تي هڪ عرصي کان سياست ۾ ملوث هئڻ جا الزام آھن حامد مير چواڻي ته جنرل فيض حميد جو 9 مئي جي واقعن ۾ پڻ اهم ۽ مرڪزي ڪردار آھي ۽ هن اهو پڻ چيو ته جنرل فيض آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ پڻ ڪئي هئي پر ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف ساڻس ملاقات نه ڪئي ۽ سندس اهي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، بهرحال سازشن جي شھر اسلام آباد ۾ جنرل فيض جي گرفتاري ۽ ڪورٽ مارشل کانپوءِ عجيب  بي يقيني واري ڪيفت ڇانيل آھي، اڊيالا جيل ۾ قيد باني پي ٽي آئي عمران خان صحافين سان ڳالهائيندي هڪ طرف اهو چيو آھي ته جنرل فيض سان منهجو ڪو تعلق ناهي جيڪڏهن فوج سندس احتساب ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو فوج جو اندروني مسئلو آھي پر ٻئي طرف هن جو اهو به چوڻ ھو ته جنرل فيض اسان جو اثاثو آھي جنهن کي ضايع ڪيو ويو آھي،عمران خان اهو به چيو ته جنرل فيض جا طالبان سان سٺا تعلقات آھن هو ٽي سال مسلسل طالبان سان ڳالهيون ڪندو رهيو ان ڪري کيس هٽائڻ نه کپندو هو.

ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آھي ۽ ٽي ٻيا برگيڊيئر رينڪ جا فوجي آفيسر گرفتار ٿيڻ جا اطلاع پڻ آھن جنهن مان ٻن جو تعلق جنر فيض حميد جي شھر چڪوال سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ مٿن اهو الزام آھي ته ٽئي آفيسر جنرل فيض ۽ هڪ سياسي پارٽي سان رابطي ۾ ھئا، في الحال ڪجھه چوڻ قبل از وقت ٿيندو پر هن جي ملڪ جي حالتن ۾ هڪ نئون پئنڊورا باڪس کلي ويو آھي ڪيترن ئي رازن تان پردا کڄڻ جو امڪان آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.